
Armaghan Fayaz
ساري سنياسين کي رنم ساري رات
ارمغان فياض
اَڄ هڪ دفعو وري مونکي منهنجو سهرو فقير سائين، محمد عارف مرحوم ياد اچي رهيو آهي. مان کيس بابا چوندي هيس ۽ هاڻي به ياد ڪندي کيس بابا ئي چوندي آهيان. ڇو جو اصل ۾ مونکي پنهنجي سڳي ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ پيار منهنجي ساهرن ۾ ئي مليو آهي. اصل ۾ هن وقت مونکي منهنجي سهري يعني بابا جي ياد ان ڪري اچي رهي آهي ڇو جو اُتي ڪئناڊا ۾ جتي مان ڪم ڪندي آهيان اتي گهڻو ڪري سينئر سٽيزس يعني پوڙها ۽ پوڙهيون رهن ٿا. ائين کڻي سمجهو ته مان اتي هڪ قسم جي گروپ هوم ۾ نوڪري ڪيان ٿي، جنهن کي سولي سنڌي ۾ توهان اولڊ هوم به چئي سگهو ٿا. ڪئناڊا وڃڻ کانپوءِ خبر پئي ته اتي اسان واري نوڪريءَ جو تجربو ۽ ڊگريون صفا زيرو آهن يا ائين کڻي چئون ته پِيس آف اسڪريپ آهن. تنهنڪري شروع شروع ۾ ڏاڍيون ڏکيائون ڏٺيونسين. پهريائين منهنجي مڙس يعني فياض آڊ جابز ڪري مڙئي جيئن تيئن ڪري گهر هلايو، پر آڊ جاب ڪرڻ فياض لاءِ به ڏکي هئي جو فياض هتي سنڌ ۾ پاڻ به گزيٽڊ آفيسر هو. پر جيئن ته فياض ۾ هٺ، وڏائي ۽ آڪڙ ڪو نه آهي ۽ ٻين جي عزت ۽ لحاظ ڪرڻ وارو انسان آهي. تنهنڪري اتي ڪئناڊا ۾ڪنهن به ننڍي وڏي ڪم ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪيائين، ائين مڙئي ڪم هلائي ويو. هونئن به فياض جو نصيب سٺو آهي يا الائي سڀاءُ سٺو اَٿس جو هرڪو کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿو. مٽ مائٽ به فون ڪندا ته رڳو فياض جو پڇندا آهن ته دوست به فياض لاءِ مرن ٿا. مختصر اهو ته ڪئناڊا ۾ ڏکين ڏينهن دؤران فياض جي صلاح تي مون همٿ ڪري ڪئناڊا جي ڪاليج مان ڪورس ڪري پنهنجي تعليم کي اَپڊيٽ ڪري ورتم. تنهنڪري اتي چڱي هنڌ تي نوڪري ملي ويئي. جنهن اداري ۾ هاڻي مان مينيجر آهيان ان ئي اداري ۾ پهريائين مان ورڪر طور ڪم ڪندي هيس. مونکي سٺي نوڪري ملڻ کانپوءِ زندگي ٿوري آسان ٿي ته پوءِ فياض به ڪورس ڪري پنهنجي تعليم کي اَپڊيٽ ڪري بهتر نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. فياض کي هن وقت اتي جيڪا نوڪري آهي ان لاءِ مون پورا ۵ سال ڪوشش ڪئي پر مون کي ڪو نه ملي. پر فياض پير ئي ڪو نه پاتو ته کيس اها نوڪري ملي ويئي. چوڻ جو مطلب هي آهي ته اُتي منهنجو سينئر سٽيزنس يا ائين کڻي چئون ته اتان جي پوڙهن ۽ پوڙهين سان ڏينهن رات واسطو رهي ٿو ۽ اتان جي بزرگن سان ڪم ڪندي مان نه رڳو هر وقت مصروف ۽ خوش رهان ٿي بلڪ انهن سان گڏ ڪم ڪندي مان تمام گهڻو پسند به ڪريان ٿي. اتي بزرگن سان ڪم ڪندي مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته انهن مان هر هڪ وٽ هزارين واقعا ۽ ڪهاڻيون آهن، پر انهن کي ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. مينيجر ٿيڻ کان پهرين مان به ڪم تي ويندي هيس ۽ تڪڙ ۾ پنهنجو ڪم ڇڏائڻ ۾ پوري هوندي هيس. مان به ٻئي اسٽاف وانگر وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ هڪڙو منٽ به انهن وٽ وڌيڪ ڪو نه ترسندي هيس. ڇو جو اتي ڪلاڪن جي حساب سان نوڪري هلي ٿي بلڪ ميٽر هلي ٿو. ان ڪري وقت پورو ٿيڻ شرط آئون به گهر هلي ويندي هيس. ڳالهه اها ڪو نه آهي ته منهنجا ٻار ننڍڙا آهن يا پويان گهر ۾ ڪير انتظار پيو ڪري. منهنجا مشاالله سان ٻار به وڏا آهن ته مڙس کي به شق ڪرڻ جي بيماري ڪونهي. پر ڳالهه رڳو اها آهي ته اتي ڪئناڊا ۾ هر ڪم ”ٽائيم از مني اينڊ مني از ٽائيم“ موجب ٿئي ٿو. توڻي جو اتي هر ڪم هڪ نظام، طريقي ۽ سليقي سان ٿئي ٿو پر پوءِ به اهو هڪ نموني سان ائين کڻي چئون ته ميڪانيڪي انداز سان ئي ٿئي ٿو. جنهن ۾ دماغ ته شامل هجي ٿو پر دل جو پري پري تائين واسطو ۽ تعلق ڪو نه هجي ٿو. دماغ جي ته توهان کي خبر آهي ته اهو ازل کان ڪافر آهي باقي مومن ته رڳو دل ٿئي ٿي. تنهنڪري وقت پورو ٿيڻ کانپوءِ اتي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ وقت برباد ڪرڻ جي برابر آهي. مان به جيئن ته اتي ڪئناڊا ۾ رهان ٿي، تنهنڪري اتان جي مشين جو حصو بڻجي وئي هيس. تنهنڪري اتي بزرگن سان ڪم ڪندي ۽ لهه وچڙ ۾ رهندي، هر ڪم اتان جي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪرڻ جي باوجود به مون انهن بزرگن ڏانهن ڪڏهن دل جي ان گهرائي سان توجه نه ڏني هئي، جيڪا مان پنهنجي سهري يعني بابا کي ڏيندي هوس. اصل ۾ بابا کانسواءِ مون ڪڏهن پوڙهن پوڙهين جي چهري کي غور سان نه ڏٺو هو. ڪڏهن به اتان جي بزرگن جي چهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئم. ڪڏهن به انهن جي اکين آس کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئم. ان حوالي سان مونکي هڪ واقعو ياد ٿو پوي جيڪو مان توهان کي ٻڌايان ٿي.
مان هڪ اولڊ هوم ۾ هيس ۽ آفيس واري ڪمري ۾ ڪجهه پيپر ورڪ پئي ڪيم ته هڪڙي پوڙهي، جنهن جي عمر ۸۰ سال هئي سا مون وٽ آئي. جيئن ته پرائيوسي پروٽيڪشن تحت مان سندس اصلي نالو مان هتي نٿي لکي سگهان. تنهنڪري ان لاءِ فرضي نالو استعمال ڪيان ٿي. اڳتي به جيڪي نالا ايندا اهي فرضي نالا هوندا، جڏهن ته انهن جو اصلي نالو ڪو ٻيو آهي. ائين کڻي سمجهو ته ان ۸۰ سالن جي پوڙهي جو نالو ”سوزي“ آهي. سنڌي ۾ جيئن چوندا آهن ته ”اَسي مت کسي“ وانگر اتان جاسينئر سٽيزن مختلف بيمارين جو شڪار ٿيڻ سبب نئين زماني ۽ نين حقيقتن کان الڳ ۽ عجيب عجيب ڳالهيون پيا ڪندا آهن. جيئن ته هر هڪ ڪلائنٽ جو فائل اسان وٽ هوندو آهي ۽ اڳم ئي پڙهيل هوندو آهي ته ان کي ڪهڙيون ڪهڙيون بيماريون آهن انهن جو ڪهڙيءَ ريت بهتر نموني خيال رکي سگهجي ٿو. اولڊ هومن ۾ اسان جا ڪيترائي بزرگ ڪلائنٽ نفسياتي بيمارين جهڙوڪر سڪيزوفرنيا، اليوزن، پيروناءِ ۽ هاليوسينيشن جو شڪار آهن. تنهنڪري انهن مان ڪنهن کي چرپرندڙ انساني عڪس،يا جنَ وغيره نظر ايندا آهن، ڪن کي غيب جا آواز ايندا آهن، ڪن کي ڪي اهڙا پيارا نظر ايندا جن سان اهي پنهنجي منهن پاڻ ئي پيا ڳالهائيندا آهن. ائين هزارين قسمن جا بيحويرز آهن، جيڪي هتي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيا آهن. ٿلهي ليکي اهو اسان جي ٽرينگ جو حصو آهي ته اسين سندن اهڙين ڳالهين کي اگنور ڪريون.
ان ڏينهن سوزي مون وٽ آئي ۽ مونکي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”ڪين آءِ سپيڪ ٽو يو“ ڇا مان ڪجهه عرض ڪري سگهان ٿي؟ سندس نفسياتي ڪنڊيشن سبب مان عام طور تي کيس ڏسڻ کانسواءِ ئي پنهنجو پيپر ورڪ ڪندي ئي کيس ”يس“ چئي ڇڏيندي هوس. پر ان ڏينهن اتفاق چئو جو مون منهن مٿي ڪري چيم ته “يس، هائو ڪين آءِ هيلپ يو“ تڏهن سوزيءَ ڏاڍي مجبور شڪل ٺاهي چيو ته اڄ مان لنچ نٿي ڪرڻ چاهيان بلڪ هن وقت مان سمهڻ چاهيان ٿي. مون ٽائيم ڏٺو ته ڏينهن جا ۱۲ ٿيا هئا. رولز جي حساب سان ”سوزي“ جي سمهڻ جو نه پر لنچ (منجهاندي) جو ٽائيم ٿيو هو ۽ لنچ کان پوءِ سندس ايڪٽوٽيءَ جو ٽائيم هو. مون يڪدم ڪمينيڪشن بڪ کولي ڏٺم ته ڪٿي بيمار وغيره ته ناهي. ڇو جو اتي باقاعدگيءَ سان ڊاڪٽري چيڪ اَپ، مختلف ٽيسٽون ۽ علاج وغيره ٿيندو رهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪا به نئين تبديلي مريض ۾ ايندي آهي ته اها فائل ۾ چڙهي ويندي آهي، پر سوزيءَ لاءِ اهڙي ڪا به نيئن ڳالهه يا سندس طبعت جي خرابي جي باري ۾ لکيل ڪو نه هو. جيڪڏهن سوزي لنچ نٿي ڪري ته پوءِ مان سندس فائل ۾ لنچ واري خاني کي پُر نٿي ڪري سگهيس. ڇو جو اتي ڪير بکيو رهجي وڃي ته اسان جي لاءِ مسئلو ٿي ويندو آهي. اڳيان اسان کان پڇاڻو ٿيندو آهي ته اسان کين ماني ڇو نه ڏني. انهن ماني پاڻ نه کاڌي يا اسان سستي ڪري کين نه ڏني يا اسان کين برڪ فاسٽ، لنچ ۽ ڊنر ڪرڻ انڪريج وغيره ڇو نه ڪيو. سڀاڻي جيڪڏهن سندن وزن گهٽجي وڃي ٿو ته به سوال ٿين ٿا ته سندن صحيح خيال ٿئي پيو يا نه ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن، جنهن ڪري مان سوچ ۾ پئجي ويس. تنهنڪري سوزيءَ کي چيم ته مان تنهنجي ڪيس ورڪرناهيان تنهنڪري مان تنهن جي ڪيس ورڪر کان پڇان ٿي. انٽر ڪام تي سندس سوشل ورڪر کان پڇيم ته ان چيو ته ڪوشش ڪر، ڪيئن به ڪري کيس لنچ ڪرائي ۽ کيس سمهڻ به نه ڏيئي. ڇو جو سندس فيملي جو ڪو ڀاتي وغيره اچي ويو ۽ کيس ستل ڏٺائين ته مٿي وڃي شڪايت ڪندو ته اهي بهانو ٺاهي سوزي کي نه ڪا ايڪٽوٽي ٿا ڪرائين ۽ مٿان بک پيا مارينس. مون سوزي ڏانهن ڏٺم ته سندس اکين ۾ ساڳي التجا هئي. دل چيو ته کيس چوان ته تنهنجي سوشل ورڪر چئي ٿي ته تون ٿورو ئي سهي، پر لنچ ڪر. پر کيس چئي نه سگهيس، ڇو جو اَڄ سندس چهري جا آثار ۽ ديپٿ ئي ڪجهه ٻي هئي. مون شايد ۱۰ سيڪنڊ يا الائي ۲۰ سيڪنڊ سوزيِءَ جي اکين ۾ ڏٺو هوندو، پر مونکي لڳو ته زمانن جا زمانا گذري ويا آهن. اها ئي ساڳي پيڙا هئي. هي اکيون ۽ هيءَ پيڙا ته مون ٻيو به ڪٿي ڏٺي آهي. هي اکيون جن ۾ سالن جي تپسيا بيان ٿيل آهي سي مون ٻيو به ڪٿي ڏٺيون آهن پر ان وقت مونکي ياد نه اچي رهيون هيون. مون ان وقت ئي فيصلو ڪيو ۽ رسڪ کڻندي کيس چيم ته هوءَ ڀلي وڃي سمهي. سندس ڪيس ورڪر آئي ۽ ان ڪو اعتراض ڪيو ته پوءِ مان پاڻ ئي ساڻس ڳالهائينديس. منهنجي اجازت ملڻ تي هڪ دفعو وري سوزيءَ جو اکيون عجيب تاثر ڏيڻ لڳيون. وساڻل اکين ۾ هڪڙي خوشي، هڪڙو اوسيئڙو اکين مان هوا جي آخري جهوڪي وانگر ڳهلي ويو. ايئن سوزي وئي ۽ وڃي سمهي رهي. ائين منهنجي ڊيوٽي دؤران اها پنهنجي ڪمري ۾ سمهندي رهي. مان ڊيوٽي ختم ڪري گهر هلي ويس ۽ هاڻي وري مون کي رات جو ڊيوٽي تي اچڻو هو. رات جو جڏهن ڊيوٽي تي واپس آيس ته خبر پئي ته سوزي گذاري ويئي آهي. توڻي جو مون کي سوزيءَ جي گذاري وڃڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، پر وري ان سان گڏوگڏ هڪ قسم جي آٿت ملي ته چڱو ٿيو جو مون سندس آخري خواهش پوري ڪيم ۽ کيس سمهڻ جي اجازت ڏنم. سوچيم ته جيڪڏهن مان سندس اکين ۾ نه نهاريان ها ۽ سندس پيڙا کي محسوس نه ڪيان ها ته شايد مان سندس آخري خواهش کي سمجهي نه سگهان ها.
خير نائيٽ چيڪ لسٽ موجب مون سڀئي ڪمرا چيڪ ڪيم. سوزي کان سواءِ باقي سڀ پنهنجن ڪمرن موجود هئا. سوزي جو ڪمرو خالي هو. ائين وري اچي آفيس روم ۾ ويٺس. ايمرجنسي لائف لائن جو لاڪيٽ ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏيم. اهو ايمرجنسي لائف لائن لاڪيٽ سيٽلائيٽ سسٽم ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ سان ڳنڍيل آهي، جنهن کي دٻائڻ سان ۵ منٽن کان وٺي ۷ منٽن جي اندر پوليس، فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس مدد لاءِ پهچي وڃي ٿي. ڪئناڊا جي موسم بدلجندي رهي ٿي ۽ ان ڏينهن به ٻاهرسخت مينهن پئجي رهيو هو. پر اندر هوم پرسڪون ۽ نيارو لڳي رهيو هو. اچتو هوم جو هڪ الارم زور سان وڄڻ لڳو. اڪثر اهو الارام تڏهن وڄندو آهي جڏهن هائيڊرو باڪس جي بيٽري وغيره گهٽجي ويندي آهي. بيسمينٽ ڏانهن ويندي بيسمينٽ جي بتي آن ڪيم ته بيسمينٽ جي لائٽ آن ڪو نه ٿي. سوچيم شايد بٽڻ خراب يا بيسمينٽ جو بلب فيوز ٿي ويو آهي. تنهنڪري مون آفيس ۾ رکيل لائيٽ يا ٽارچ کنيم ۽ هوم جي ڏاڪڻ هيٺ لهي ويس ۽ ٽارچ جي روشني ۾ هائيڊرو باڪس جي بيٽري مٽائڻ لڳس. ان دؤران مونکي محسوس ٿيو ته ڏاڪڻ تي ڪير آهي ۽ پوءِ آواز آيو: ايڪسڪيوز مي! ڪين آءِ هليپ يو؟ مون ڏٺم سوزي ڏاڪڻ تي بيٺي هئي ۽ مونکي سندس مدد جي آفر ڪري رهي هئي. هڪڙي سيڪنڊ جي لاءِ مان جهٽڪو کائي ويس، پر جيئن ته انساني دماغ هر ڳالهه ۾ ريزنگ ڳولهيندو آهي. تنهنڪري منهنجي دماغ هڪ دم مونکي چيو ته شايد اسٽاف کي ٻڌائڻ ۾ غلطي ٿي هوندي ۽ سوزي نه بلڪ جوزي گذري ويئي هوندي. ڇو جو هن گروپ هوم تي هڪڙي جوزي به رهي ٿي ۽ گذاري وڃڻ واري خاتون سوزي نه پر جوزي هوندي. بحرحال کيس چيم ته ”نو ٿينڪ يو، آءِ ايم اوڪي“ هوءَ واپس هلي ويئي. مون بيٽري مٽايم ۽ مٿي اچي آفيس روم ۾ ويٺيس ۽ ان ڳالهه کي گهڻي اهميت نه ڏنم. منهنجو هوش ٺڪاڻي وري تڏهن آيو جڏهن صبح ساجهر ۶ وڳي جوزي، جنهن جي لاءِ رات جو هائڊرو باڪس جي بيٽري مٽائيندي منهنجي دماغ مون کي قائل ڪيو هو ته اصل ۾ سوزي نه پر جوزي گذاري ويئي هوندي، سا منهنجي سامهو بيٺي هئي ۽ ڪا ڳالهه پڇڻ آئي هئي. مان حيراني وچان دنگ رهجي ويس ۽ ڄڻڪ فريز ٿي ويس. مان سدائين اهو سمجندي آئي آهيان ته انسان جيڪو وهم ڪندو آهي، اهو ئي کيس نظر ايندو آهي. تنهنڪري نفسياتي ۽ وهمي ماڻهن کي ئي اهي شيون نظر اينديون آهن، جيڪي اصل ۾ هونديون ئي ڪو نه آهن ۽ جن کي به اهڙيو شيون نظر اچن ٿيون اهي سندن نفسياتي ۽ دماغي خلل هونديون آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي واقعو به منهنجو دماغي خلل هجي. پر پوءِ به سوزي جي واقعي تي اچي منهنجي کوپڙي صفا جواب ڏيئي ويندي آهي.
سوزي جي واقعي کانپوءِ مونکي گهڻن ڏينهن کانپوءِ پوءِ هڪ ڏينهن مونکي منهنجي سهري بابا مرحوم جي ياد آئي ته پوءِ اوچتو ياد آيو ته اهو تاثر، اها پيڙا، تپسيا ۽ اها ڊيپت ٻئي ڪنهن جي اکين ۾ نه پر مون فقير سائين بابا مرحوم جي اکين ۾ ڏٺي هئي. اصل ۾ ڪئناڊا وڃڻ کان پهرين بابا اسان سان ئي گڏ رهندو هو. مان اهو وقت ڪڏهن به وساري نه سگهنديس، جڏهن مان فقير سائين بابا مرحوم سان ڪچهريون ڪندي هيس. مان بابا جي اکين ۾ سانڍيل آکاڻيون، پيڙا، خوشي ۽ اکين ۾ ئي دفن ٿيل داستان نه رڳو ڏسي سگهندي هيس پر سمجهي به سگهندي هيس. منهنجو سهرو بابا مرحوم صوفي انسان هو. فقير جانڻ چن ۽ سندس فقير جڏهن حيدرآباد ايندا هئا ته پوءِ بابا فياض کي چوندو هو ته اڄ مونکي فقير سائين جي مئخاني تي ڇڏي اچ ۽ پوءِ صبح جو سوير هن وقت وٺڻ اچجيئن. بابا جيئن چوندو هو فياض تئين ئي ڪندو هو. اڪثر فقير سائين جڏهن پنهنجي دوڪان تان واپس ايندو هو ته مان دير تائين ويهي بابا جون ڳالهيون ٻڌندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن فياض به اچي ڪچري ۾ ويهندو هو. پر فياض بابا سان ان بحث ۾ پئجي ويندو هو ته اصل ۾ ”صوفي ازم از دي فلاسافي آف اِن ايڪٽوٽي“ آهي. بابا جيئن ته فياض سان بحث ڪو نه ڪرڻ چاهيندو هو. تنهنڪري کيس چوندو هو ته پٽ توهان چئو ٿا ته پوءِ اها ڳالهه صحيح هوندي. پر فياض جي ڀيٽ ۾ مان چاهندي هيس ته بابا مون سان وڌ ۾ وڌ ويهي ڳالهائي. شايد فياض بابا جي اکين مان جيڪا ڳالهه پڙهي نه سگهيو هو سا مون بابا جي مها ساگر اکين مان پڙهي ورتي هئي. تنهنڪري مان بابا جي خوشيءَ ۾ خوش ۽ ڏک ۾ ڏکاري ٿيندي هيس.
قصو مختصر هي ته مان جڏهن سوزيءَ جي ڳالهه پنهنجي ڀيڻ رومانا کي ٻڌائيم ته ان مون کي چيو ته ان تي گهڻو مٿو هڻڻ جي ضرورت ناهي۽ ڳالهه بلڪل سادي آهي ۽ پوءِ مون کي هڪڙي عجيب ڳالهه چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين. منهنجي ڀيڻ رومانا مونکي چيو ته جيئن ته مون ان ڏينهن سوزي جي مدد ڪئي هئي ۽ مرڻ کان پهرين سندس آخري خواهش پوري ڪئي هيم، تنهنڪري سوزيءَ به مونکي مدد جي آفر ڪري حساب برابر ڪري ڇڏيو.
Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Wednesday, October, 14, 2009
Comments