To The Point
A mail from Canada
ٽو دي پوائنٽ
ارمغان فياض
اسان نارمل آهيون جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو مان نارمل آهيان ۽ نه ئي مون کي نارمل هئڻ جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي . جيڪي حليم بروهي کي ويجهي کان سڃاڻن سي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته مان ڪيڏي نه اڻبڻت پسند هوندس. ڇو جو نيٺ مان حليم بروهي جي ڌيءَ آهيان. سو ان جون خوبيون، خرابيون، گڻ ۽ اوگڻ مون کي به وراثت ۾ مليا آهن. بابا جون خوبيون مون ۾ آيون آهن يا نه- اها ته مونکي خبر ناهي، پر بابا جا هڙئي اوگڻ مونکي وراثت ۾ مليا آهن، ان ڳالهه جي مونکي پوري پڪ آهي.
بابا جي باري ۾ جڏهن اهو ٻڌندي آهيان ته فلاڻي لينگويج اٿارٽيءَ جي فلاڻي ميڊم ۽ فلاڻو صاحب بابا جي لِکڻين تي ناراض آهن ۽ چون ٿا ته حليم بروهي جي فلاڻي چيل يا لکيل ڳالهه تي جلوس ڪڍي سندس گهر آڏو احتجاج ڪندا ته پوءِ اهي مونکي، بابا کان ۽ پنهنجو پاڻ کان وڌيڪ چريا لڳن ٿا. ڇو جو سندن موجب حليم بروهي جيڪڏهن غلط ڳالهه لکي ٿو ۽ بڪواس ڪري ٿو ته پوءِ پاڻ ان کي اهي ڳالهيون لکڻ ۽ چوڻ ڏيو ته جيئن وائکو ٿئي، پڌرو ٿئي. ڇو جو بابا چريو ٿي سگهي ٿو، سڄي دنيا ته چري ڪانهي جو بابا جي چوڻ تي لڳندي. توڙي جو بابا هڪ سٺو ليکڪ آهي ۽ والد جي حيثيت سان مان بابا جو احترام ڪندي آهيان، پر پوءِ به آئون بابا جي نظرين جي ڪا گهڻي معتقد ناهيان.
گذريل سال آئون جڏهن حيدرآباد آيس ته بابا مونکان پڇيو هو ته مون تو ڏانهن پنهنجو ڪتاب ”سيڊز“ اماڻيو هو. ڇا تو اهو پڙهيو ته مون بابا کي وراڻيو هو ته ”ها“. تڏهن بابا وري مونکان پڇيو ته ان ۾ توکي سڀني کان وڌيڪ ڪهڙي سٺي ڳالهه لڳي. مون بابا کي چيو ته مون کي ان ۾ توهان جي اها ڳالهه سٺي لڳي ته ”هر عورت هڪ گٽر آهي.“ ان حساب سان ته توهان جي ماءُ (منهنجي ڏاڏي) به هڪ گٽر هئي ۽ ان گٽر مان نه رڳو توهان پاڻ به جنم ورتو آهي بلڪ توهان جون پنهنجون چار ڌيئون به گٽر ٿيون ته پوءِ بابا جيڪو مون کان پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ منهنجي راءِ ڄاڻڻ لاءِ ڏاڍو ايڪسائيٽڊ (پُرتجسس) هو جي سڄي ايڪسائيٽمينٽ (اتساهه) ختم ٿي وئي هئي ۽ صفا ماٺ ٿي ويو. توڙي جو بابا کي اها ڳالهه چوندي مونکي دل ۾ ڏک ٿي رهيو هو پر بابا جي ان سوچ تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ هئي ۽ مونکي اهو ڪِنو جواب ڏيئي بابا کان بدلو وٺڻو هو. هاڻي توهان منهنجي ان ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته آئون ڪيڏي نه زورآئتي ۽ جواب در جواب ڏيڻ واري ڇٽيهه لَکِڻي آهيان.
خير ان ڳالهه کي هتي ئي ڇڏيان ٿي ڇو جو مون ڳالهه ته ڪا ٻي ڪرڻ ٿي چاهي ۽ لکجي وري ڪا ٻي وئي. ڳالهه هيءَ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ٻار کي وڌندي ۽ وڏو ٿيندي ڏسي ٿو. تيئن مون ڪينيڊينز کي وڌندي، ترقي ڪندي ۽ تجربن مان سکندي ڏٺو آهي. ڪئناڊا جي خاص ڳالهه هي آهي ته ننڍي کان ننڍو واقعو ۽ حادثو به انهن کي سيکاري ٿو ۽ اهي ان مان سبق وٺن ٿا ۽ پوءِ اهو تجربو کين ترقي ڪرڻ ۾ مدد ڏِئي ٿو. اتي جيڪڏهن ڪنهن چونڪ يا رستي تي ڪو حادثو ٿئي ٿو ته پوءِ اهي ان لاءِ به ٽيم ٺاهي انڪوائري ڪرائين ٿا ۽ پوءِ جيستائين ان حادثي جا سبب معلوم نه ڪري وٺن ۽ ان کان بچاءُ جي تدبير نه ڪڍي وٺن، تيستائين ان ڪم جي پٺيان لڳا پيا هوندا.
اتي ڪئناڊا ۾ مان جتي نوڪري ڪيان ٿي ان اداري جي مئنيجمينٽ جو حصو بڻجي مون جڏهن ڪم شروع ڪيو هو، تڏهن مئنيجر ميٽنگز ۾، جتي سڀ مئنيجرون گوريون آهن سواءِ منهنجي ڏٺم ته اهي ميٽنگ کان پهرين ۽ پوءِ بيهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ وقت هڪ ٻئي کان مفاصلو برقرار رکنديون هيون. مختلف مسئلن تي تکي کان تکيون ڳالهيون به شوگر ڪوٽيڊ نموني ۾ڪنديون هيون. تنهنڪري انهن گڏجاڻين ۾ منهنجو ڪم انهن جي ان انداز کان متاثر ٿيڻ ۽ پوءِ گهر وڃي ڊپريس ٿيڻ هوندو هو. ڇو جو اسين ماڻهو درياءَ جي پڇاڙ جا، وانگر مونکي زوريءَ ڪوڙي کِل کلي ڊپلوميٽڪ انداز ۾ ڳالهائڻ اچي ئي ڪو نه- اُتي ڪئناڊا ۾ جڏهن نئين نئين ويئي هُيس ته وڃڻ شرط مونکي اتان جي هڪ وڏي فرينچائز ”ٽم هارٽن“ ۾ نوڪري ملي هئي، جنهن ۾ هاڻي منهنجو پُٽ نوڪري ڪري ٿو. پر مون کي ”ٽم هارٽن“ جي نوڪري رڳو ان ڪري نه وڻي هئي جو دل چوي نه چوي، پر اتي هر وقت هر ڪنهن سان مسڪرائي ڳالهائڻو پيو پوي. ڳالهه وري الائي ڪٿان کان ڪٿي نڪري وئي آهي، تنهنڪري وري موٽي ساڳي ڳالهه تي اچان ٿي. سو ڳالهه پئي ڪيم ته مونکي ڦيرائي گهيرائي ڳالهه ڪرڻ ڪو نه ايندي آهي ۽ مئنيجرز ميٽنگز ۾ به ”ٽو دي پوائنٽ“ ڳالهه ڪندي آئون سدائين ائين محسوس ڪندي هيس ڄڻڪ آئون ڪا ٻئي ڪنهن سَياري جي مخلوق آهيان. مان سمجهندي هيس ته منهنجي طرفان مٺڙي انداز ۾ نه ڳالهائڻ اتان جي گورين مئنيجرن کي ڪو نه وڻندو هوندو. پر پوءِ ڏسندي ڏسندي اسان جي اداري ۾ ڪيترن ئي اهڙن اشوز جنم ورتو جن جو ڪو حل ئي سامهون ڪو نه پئي آيو. جنهن جي ڪري مسئلا حل ڪو نه ٿي رهيا هئا. نيٺ ان ڳالهه تي غور ويچار شروع ٿيو ته آخر مسئلا ڇو نه حل ٿي رهيا آهن ۽ پوءِ اهي ان نتيجي تي پهتيون ته ميٽنگن ۾ شگر ڪوٽيڊ انداز ۾ ڳالهائڻ سبب هڪ ٻئي جي وچم ۾ ڪميونيڪيشن (رابطو) صحيح ڪو نه ٿي رهي آهي ۽ مسئلو ڪميونيڪيشن گيپ (رابطي ۾ حد حائل هجڻ) جو آهي ۽ ائين خبر پئي ته مسئلو ڪٿي آهي ۽ ”آپ جناب“ ۾ ئي وقت ضايع ٿي رهيو آهي. تنهنڪري اتي هر ڪنهن منهنجو مثال ڏنو ته ڏسو ارمغان ڪيڏو نه چٽي ۽ صاف نموني ڳالهه ڪري ٿي.
ائين مون کي خبر پئي ته آئون پنهنجي جنهن ڳالهه تي ڊپريس پئي ٿيندي هئس، منهنجي اها ڳالهه ئي اتان جي انتظاميا کي سڀني کان وڌيڪ وڻي ٿي. ائين آهستي آهستي مان اتي ايڊجيسٽ ٿي وئي آهيان ۽ حيران ٿيندي آهيان ته مان جن کان متاثر پئي ٿيندي هئس سي وري مون کان متاثر آهن.
Coutesy: Tuesday, October 20, 2009
A Nice Blog… start is superb.. i hope it will lead lot of good writers alongwith their writeups
October 21, 2009 at 07:34
Dear Adee
Sindh JE bod mutasaran lai kujh kayo.
September 23, 2010 at 20:18