يتيم
يتيم
ارمغان فياض
اسان ۾ اڪثر ٻار جو نالو رکڻ کان پهرين اهو ويچار ضرور ڪيو ويندو آهي ته نالي جي معنيٰ سٺي هجي. ڇو جو ماڻهن جي خيال ۾ نالي جو اثر شخصيت تي پوي ٿو. مان حليم بروهي (بابا) جي ٽئين نياڻي آهيان ۽ منهنجو اهو نالو حليم (بابا) رکيو هو. “ارمغان” جو مطلب آهي. خدا طرفان “گفٽ” يا “تحفو”. مونکي خبر ناهي ته مان ڪهڙي حساب سان حليم (بابا) لاءِ “تحفو” هيس. ڇو جو اسان جي معاشري ۾ پُٽَ يا ڇوڪر جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي وڃي ٿي نه ڪي ڌيءَ جي ڄمڻ تي ۽ مان ڪا پهرين يا ٻي نه بلڪه ٽئين ڌيءَ هئس. پر حليم (بابا) ڪو روايتي بروهي ٻروچ ڪو نه هو جو پُٽ نه ڄمڻ تي آنڌمانڌ ٿيس ها. حليم (بابا) لاءِ پُٽ ۽ ڌيءَ جو فرق ڪا گهڻي اهميت نه رکندو هو. اهو ئي سبب هو جو مان، ٽئين ڌيءَ پيدا ٿيڻ تي به حليم (بابا) لاءِ “تحفو” ئي هئس. ساڳي نموني جڏهن حليم (بابا) ڄائو هوندو ته سندس والدين هن جو نالو “حليم” رکيو هو يعني “سافٽ اسپوڪن” يا نرم سڀاءُ وارو انسان. پر حليم بروهيءَ (بابا) جي طبعيت وري بظاهر سندس نالي جي معنيٰ جي ابتڙ هئي. حليم (بابا) جي طبعيت تند، تيز، بي چين ۽ چيڙاڪ هئي. ڪنهن به غلط ڳالهه تي بابا جو پارو هڪدم مٿي چڙهي ويندو هو ۽ ان ڳالهه جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪيائين ته سندس اسٽريٽ فارورڊ جواب جي نتيجي ۾ ٻيا ڪيئن ٿا ري ايڪشن ڏيکارين. ائين ڪو نه هو ته حليم (بابا) ڪو سنگدل انسان هو. بابا جي سڄي تيزي رڳو “زبان” ۾ هئي، باقي اندر ۾ حليم (بابا) ڏاڍو نرم دل انسان هو. حليم (بابا) کي جڏهن به لڳو ٿي ته اهو فلاڻي ڳالهه ۾ غلط آهي ته يڪدم ان غلطيءَ جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ڏسو ڪنڪر نه هڻو،
ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو،
هي شور اجايو آ پيارا.
ممي (حليم بروهي جي زال پروفيسر ميڊم نسيم) تمام گهٽ ئي حليم (بابا) جي ساراهه ڪندي هئي. ان حوالي سان هڪ واقعو ياد اچي رهيو آهي. جڏهن اسان ڄامشوري واري گهر ۾ رهندا هئاسين ته اسان وٽ ڪم واري ماسي ايندي هئي. هڪ ڏينهن، ان ماسيءَ مميءَ (پروفيسر ميڊم نسيم) کي چيو ته حليم صاحب کي چئو ته منهنجي جنهن پُٽَ کي عارضي نوڪري تي لڳرايو آهي ان کي پڪو ڪرائي ڏئي ۽ اها ساڳي ڳالهه ماسي پاڻ به حليم (بابا) کي چئي چڪي هئي. مميءَ کيس وراڻيو هو ته “رڳو “زبان” ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ منهنجو مڙس ڏاڍو سٺو آهي. هن کي هڪ دفعو چوڻ گنجَ آهي. سندس هٿ ۾ هوندو ته تنهنجي پُٽَ کي ضرور پڪو ڪرائي ڇڏيندو. پر جيڪڏهن سندس گهڻو مٿو کاڌئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته چڙي پوي.” تنهن تي ڀرسان ويٺل منهنجي ڀيڻويئي چيو ته “زبان” کانسواءِ حليم ۾ ٻيو رکيو ڇا آهي. جيڪڏهن خدا کي حليم جي زبان مائنس ڪري پيدا ڪرڻو هجي ها ته پوءِ اهو حليم کي انسان بدرآن فرشتو ڪري نه پيدا ڪري ها. تنهن تي سڀئي زور سان کليا هئاسين ۽ مون سوچيو هو ته بابا جي “تعريف” ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ ٿي رهي آهي.
ڳالهه پئي ڪيم ته حليم (بابا) تي سندس نالي جو اثر سندس ظاهري شخصيت کان وڌيڪ سندس دل تي هيو. پر دل کي ڪير ٿو ڏسي، هر ڪو ظاهر کي ڏسي ٿو. بابا جا مخالف ڀلي بابا لاءِ ڇا به چوندا رهيا هجن. پر حليم (بابا)منهنجو سچو دوست هو. “يتيم” جو لفظ اڳم به هزارين دفعا ٻڌل هو ۽ ان جي مطلب جي خبر هئي. پر مونکي هاڻي سچ پچ خبر پئي آهي ته لفظ “يتيم” جي اصل معنيٰ ڇا آهي
Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Wednesday, August 04, 2010
Comments