
مان آهيان ۽ منهنجون پچارون آهن
ارمغان فياض
ڇا اهو ضروري آهي ته اسان ماڻهن جو قدر انهن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪيون؟ مان سمجهان ٿي ته ها اهو ضروري آهي. ڇو؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن اسان ماڻهن جو قدر انهن جي زندگي ۾ ڪرڻ لڳاسين ته پوءِ ماضي کي ياد ڪري، ماضيءَ تي روئڻ وارو اسان جو تصور ”خواب“ ٿي ويندو.
مان ذاتي طور تي ماضيءَ ۾ جيئڻ واري عورت آهيان۔ سار ويسار جي هنن ويران لمحن ۾هزارين ڳالهيون آهن، جيڪي مونکي منهنجي بابا يعني حليم بروهيءَ جون ياد اچن ٿيون۔ ماڻهون چون ٿا ته مان طبعيت ۾ بلڪل بابا تي وئي آهيان يعني تيز ترار ۽ بيقرار. تنهن ڪري ياد آهي ته بابا کي ڪڏهن ۽ ڪٿي سِر جو جواب پٿر سان ڏنم۔ ڪٿي مون بابا کي هيٺائين ڏيکاري ۽ ڪٿي مون سندس چوڻ نه ڪري، پنهنجو پاڻ کي دلي سڪون ڏنم.
هاڻي اهي سڀ ڳالهيون مونکي کائين ٿيون ۽ هن وساڻل دل جو بابا جي ياد مان پيڇو ڇڏائڻ ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو هن ”زهر زندگي“ مان پيڇو ڇڏائڻ ڏکيو آهي. هن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته بابا ۾ جيتري اَٽريڪشن (ڇڪ) هئي، اوتري ئي بابا ۾ رِپلشن پڻ هئي. ان جو مثال اهو آهي ته مان هر سال ڪئناڊا مان خاص بابا سان ملڻ لاءِ حيدرآباد ايندي هُيس۔ نه رڳو اهو بلڪه ڪئناڊا ۾ سڄو سال بابا، بابا ڪري گذاريندي هُيس۔ ڪير يقين ڪري يا نه ڪري، پر آئون بابا سان اڃان ٻه ڪلاڪ گڏ مَس گذاريندي هُيس جو بابا ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ضرور ڪندو هو، جيڪا مون کي بابا جي گهر کان ساهرن جي در تي پهچائي ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ روزانو هڪڙو چڪر بابا وٽان ڏئي واپس ساهرن ۾ موٽي ايندي هُيس۔ يعني بابا سان ملڻ لاءِ ڪئناڊا ۾ سڄي سال جو انتظار ۽ حيدرآباد اچڻ لاءِ جهاز جي ٽڪيٽ جا پئسا گڏ ڪرڻ جو نتيجو ٻن ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويندو هو۔ پر جيئن ئي ڪئناڊا واپس پهچندي هُيس ته وري بابا، بابا ڪرڻ شروع ڪندي هُيس، وري سال جو انتظار، وري پئسا گڏ ڪرڻ ۽ وري ڊگهي سفر جي تياري۔
بابا کان رِپلشن جو ڪو خاص سبب ڪو نه هو۔ شايد مونکي پنهنجي دل جي ڳالهه لڪائڻ جي اَٽڪل ۽ ڏانءُ نٿو اچي۔ اهو ئي سبب آهي جو مون بابا کي پوڙهو سمجهي ڪڏهن به معاف نه ڪيم. مثال طور منهنجو پُٽ منهنجي ڪمزوري آهي، جيئن هر ماءُ جي ڪمزوري ان جو اولاد هوندو آهي. بابا کي چڱي نموني خبر هئي ته منهنجو پُٽ ڄائي ڄم کان ڊيف آهي۔ پر هر دفعي، جڏهن به سال کانپوءِ بابا سان ملندي هُيس ته ٽيون سوال بابا سدائين اهو ڪندو هو ته، ”ڀلا تنهنجي پٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو“ ۽ منهنجي رڙ نڪري ويندي هئي ته بابا منهنجو پُٽ ڊيف آهي. تنهن ڪري اهو ڳالهائڻ جي بدران سائن لينگويج (اشارن واري ٻولي) جي ذريعي ڪميونيڪيٽ ڪري ٿو. ٻئي ڏهاڙي بابا سان ملاقات ٿيندي هئي ته وري بابا جو ٽيون سوال اهو هوندو هو ته ڀلا تنهنجي پُٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته اها ڳالهه ٻڌندي ئي منهنجو مٿو ڦري ويندو هو ۽ بابا کان رپلشن شروع ٿي ويندي هئي. هاڻي سوچيان ٿي ته بابا ستر سالن جي عمر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪري پيو ته مونکي آرام ۽ سڪون سان سندس ڳالهيون ٻڌڻ گهرجن ها۔ ڇو جو عمر وڌڻ سان انسان جو ويسارو به وڌندو وڃي ٿو ۽ ٻئي ڳالهه اها ته اهو سوال اصل ۾ بابا جي مون لاءِ محبت ۽ اولاد جي پريشانيءَ ۾ پاڻ پريشان ٿيڻ هو۔ پر اها ڳالهه بابا جي جيئري سمجهي سگهان ها ته جيڪر اڄ هي پچارون ويهي نه ڪيان ها ۽ نه منهنجو هي ويران ريگستان ۾ اَڪيلي ٿوهر جهڙو حال نه ٿئي ها. بابا جي پڄاڻا جي مطمئن نه به هجان ها ته ائين نه پڇتايان هان۔ جيئن اڄ پڇتايان ٿي۔ شايد دنيا جو دستور اهو ئي آهي ته زندگيءَ ۾ ماڻهو جو قدر نه ڪجي ۽ پوءِ باقي زندگي ان ماڻهوءَ جي ياد ۾ برباد ڪري ڇڏجي۔
مان اهو ڪو نه ٿي چوان ته منهنجو بابا ڪو فرشتو صفت انسان هو يا ٻين عام ماڻهن وانگر موت کي ريڙهيون پائيندو ايندو ڏسي، ستن آسمانن ۾ جزا، سزا ۽ باقي دنيا بي بقا جون ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن جو متيون منجهائي پنهنجي بزرگي ڏيکارڻ پسند ڪندو هو۔ بابا ته سدائين کان ئي الڳ، نرالو ۽ اتاولو انسان هو ۽ مرڻ گهڙي تائين ائين ئي رهيو. بابا جي پيدائش جي تاريخ مونکي ڪڏهن به ياد نه رهي۔ ڇاڪاڻ جو منهنجو دماغ خراب هو۔ پر ورسيءَ جي تاريخ دل تي ڄڻڪ ته نقش ٿيل آهي۔ ڇالاءِ جو بابا جي پڄاڻان منهنجو دماغ ٺڪاڻي تي اچي چڪو آهي۔ پر شايد هي پچارون ڪرڻ جو هاڻي ڪو فائدو ناهي.
باقي رهي ڳالهه اها ته بابا وڏو ليکڪ هو يا نه، اها ڳالهه منهنجي لاءِ نه اڳي اهم هئي نه اڄ اهم آهي۔ ڇو جو مون بابا کي سدائين پنهنجي نظر سان ڏٺو آهي نه ڪي ليکڪ جي حيثيت سان۔ تنهنڪري ان ڳالهه سان مون تي ڪو فرق نٿو پوي ته بابا ڪهڙي قسم جو ليکڪ هو ۽ بحيثيت ليکڪ جي ماڻهو هن کي ڪيئن ڏسن ٿا۔ بابا پڄاڻان ته بس مان آهيان ۽ منهنجو پڇتاءُ آهي۔ ان کي ئي شايد ماضي ۽ ماضيءَ ۾ جيئڻ چئبو آهي.
(اڄ حليم بروهيءَ جي پهرين ورسي آهي. ليکڪا مرحوم حليم بروهيءَ جي ڌيءُ آهي ۽ هن وقت ڪئناڊا ۾ مستقل رهائش پذير آهي).
Courtesy: Sindhi daily Ibrat, Thursday, July 28, 2011
July 27, 2011 | Categories: Family, Life, Personal, Sindh, Sindhi, Thoughts, Writings | Tags: Brohi, Haleem, Halim, Hyderabad, Sindhi, writer, بروهي, حليم | 3 Comments »
Comments