Sindhi Columns

Life

حليم بروهيءَ جي ياد ۾

مان آهيان ۽ منهنجون پچارون آهن
ارمغان فياض

ڇا اهو ضروري آهي ته اسان ماڻهن جو قدر انهن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪيون؟ مان سمجهان ٿي ته ها اهو ضروري آهي. ڇو؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن اسان ماڻهن جو قدر انهن جي زندگي ۾ ڪرڻ لڳاسين ته پوءِ ماضي کي ياد ڪري، ماضيءَ تي روئڻ وارو اسان جو تصور ”خواب“ ٿي ويندو.

مان ذاتي طور تي ماضيءَ ۾ جيئڻ واري عورت آهيان۔ سار ويسار جي هنن ويران لمحن ۾هزارين ڳالهيون آهن، جيڪي مونکي منهنجي بابا يعني حليم بروهيءَ جون ياد اچن ٿيون۔ ماڻهون چون ٿا ته مان طبعيت ۾ بلڪل بابا تي وئي آهيان يعني تيز ترار ۽ بيقرار. تنهن ڪري ياد آهي ته بابا کي ڪڏهن ۽ ڪٿي سِر جو جواب پٿر سان ڏنم۔ ڪٿي مون بابا کي هيٺائين ڏيکاري ۽ ڪٿي مون سندس چوڻ نه ڪري، پنهنجو پاڻ کي دلي سڪون ڏنم.

هاڻي اهي سڀ ڳالهيون مونکي کائين ٿيون ۽ هن وساڻل دل جو بابا جي ياد مان پيڇو ڇڏائڻ ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو هن ”زهر زندگي“ مان پيڇو ڇڏائڻ ڏکيو آهي. هن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته بابا ۾ جيتري اَٽريڪشن (ڇڪ) هئي،  اوتري ئي بابا ۾ رِپلشن پڻ هئي. ان جو مثال اهو آهي ته مان هر سال ڪئناڊا مان خاص بابا سان ملڻ لاءِ حيدرآباد ايندي هُيس۔ نه رڳو اهو بلڪه ڪئناڊا ۾ سڄو سال بابا، بابا ڪري گذاريندي هُيس۔ ڪير يقين ڪري يا نه ڪري، پر آئون بابا سان اڃان  ٻه ڪلاڪ گڏ مَس گذاريندي هُيس جو بابا ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ضرور ڪندو هو، جيڪا مون کي بابا جي گهر کان ساهرن جي در تي پهچائي ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ روزانو هڪڙو چڪر بابا وٽان ڏئي واپس ساهرن ۾ موٽي ايندي هُيس۔ يعني بابا سان ملڻ لاءِ ڪئناڊا ۾ سڄي سال جو انتظار ۽ حيدرآباد اچڻ لاءِ جهاز جي ٽڪيٽ جا پئسا گڏ ڪرڻ جو نتيجو ٻن ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويندو هو۔ پر جيئن ئي ڪئناڊا واپس پهچندي هُيس ته وري بابا، بابا ڪرڻ شروع ڪندي هُيس، وري سال جو انتظار، وري پئسا گڏ ڪرڻ ۽ وري ڊگهي سفر جي تياري۔

بابا کان رِپلشن جو ڪو خاص سبب ڪو نه هو۔ شايد مونکي پنهنجي دل جي ڳالهه لڪائڻ جي اَٽڪل ۽ ڏانءُ نٿو اچي۔ اهو ئي سبب آهي جو مون بابا کي پوڙهو سمجهي ڪڏهن به معاف نه ڪيم. مثال طور منهنجو پُٽ منهنجي ڪمزوري آهي، جيئن هر ماءُ جي ڪمزوري ان جو اولاد هوندو آهي. بابا کي چڱي نموني خبر هئي ته منهنجو پُٽ ڄائي ڄم کان ڊيف آهي۔ پر هر دفعي، جڏهن به سال کانپوءِ بابا سان ملندي هُيس ته ٽيون سوال بابا سدائين اهو ڪندو هو ته، ”ڀلا تنهنجي پٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو“ ۽ منهنجي رڙ نڪري ويندي هئي ته بابا منهنجو پُٽ ڊيف آهي. تنهن ڪري اهو ڳالهائڻ جي بدران سائن لينگويج  (اشارن واري ٻولي) جي ذريعي ڪميونيڪيٽ ڪري ٿو. ٻئي ڏهاڙي بابا سان ملاقات ٿيندي هئي ته وري بابا جو ٽيون سوال اهو هوندو هو ته ڀلا تنهنجي پُٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته اها ڳالهه ٻڌندي ئي منهنجو مٿو ڦري ويندو هو ۽ بابا کان رپلشن شروع ٿي ويندي هئي. هاڻي سوچيان ٿي ته بابا ستر سالن جي عمر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه  ڪري پيو ته مونکي آرام ۽ سڪون سان سندس ڳالهيون ٻڌڻ گهرجن ها۔ ڇو جو عمر وڌڻ سان انسان جو ويسارو به وڌندو وڃي ٿو ۽ ٻئي ڳالهه اها ته اهو سوال اصل ۾ بابا جي مون لاءِ محبت ۽ اولاد جي پريشانيءَ ۾ پاڻ پريشان ٿيڻ هو۔ پر اها ڳالهه بابا جي جيئري سمجهي سگهان ها ته جيڪر اڄ هي پچارون ويهي نه ڪيان ها ۽ نه  منهنجو هي ويران ريگستان ۾ اَڪيلي  ٿوهر جهڙو حال نه ٿئي ها. بابا جي پڄاڻا جي مطمئن  نه به هجان ها ته ائين نه پڇتايان هان۔ جيئن اڄ پڇتايان ٿي۔ شايد دنيا جو دستور اهو ئي آهي ته زندگيءَ ۾ ماڻهو جو قدر نه ڪجي ۽ پوءِ باقي زندگي ان ماڻهوءَ جي ياد ۾ برباد ڪري ڇڏجي۔

مان اهو ڪو نه ٿي چوان ته منهنجو بابا ڪو فرشتو صفت انسان هو يا ٻين عام ماڻهن وانگر موت کي ريڙهيون پائيندو ايندو ڏسي، ستن آسمانن ۾ جزا، سزا ۽ باقي دنيا بي بقا جون ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن جو متيون منجهائي پنهنجي بزرگي ڏيکارڻ پسند ڪندو هو۔ بابا ته سدائين کان ئي الڳ، نرالو ۽ اتاولو  انسان هو ۽  مرڻ گهڙي تائين ائين ئي رهيو. بابا جي پيدائش جي تاريخ مونکي ڪڏهن به ياد نه رهي۔ ڇاڪاڻ جو منهنجو دماغ خراب هو۔ پر ورسيءَ جي تاريخ دل تي ڄڻڪ ته نقش ٿيل آهي۔ ڇالاءِ جو بابا جي پڄاڻان منهنجو دماغ ٺڪاڻي تي اچي چڪو آهي۔ پر شايد هي پچارون ڪرڻ جو هاڻي ڪو فائدو ناهي.

باقي رهي ڳالهه اها ته بابا وڏو ليکڪ هو يا نه، اها ڳالهه منهنجي لاءِ نه اڳي اهم هئي نه اڄ اهم آهي۔ ڇو جو مون بابا کي سدائين پنهنجي نظر سان ڏٺو آهي نه ڪي ليکڪ جي حيثيت سان۔ تنهنڪري ان ڳالهه سان مون تي ڪو فرق نٿو پوي ته بابا ڪهڙي قسم جو ليکڪ هو ۽ بحيثيت ليکڪ جي ماڻهو هن کي ڪيئن ڏسن ٿا۔ بابا پڄاڻان ته بس مان آهيان ۽ منهنجو پڇتاءُ آهي۔ ان کي ئي شايد ماضي ۽ ماضيءَ ۾ جيئڻ چئبو آهي.

 (اڄ حليم بروهيءَ جي پهرين ورسي آهي. ليکڪا مرحوم حليم بروهيءَ جي ڌيءُ آهي ۽ هن وقت ڪئناڊا ۾ مستقل رهائش پذير آهي).

Courtesy: Sindhi daily Ibrat, Thursday, July 28, 2011


يتيم

يتيم

ارمغان فياض

اسان ۾ اڪثر ٻار جو نالو رکڻ کان پهرين اهو ويچار ضرور ڪيو ويندو آهي ته نالي جي معنيٰ سٺي هجي. ڇو جو ماڻهن جي خيال ۾ نالي جو اثر شخصيت تي پوي ٿو. مان حليم بروهي (بابا) جي ٽئين نياڻي آهيان ۽ منهنجو اهو نالو حليم (بابا) رکيو هو. “ارمغان” جو مطلب آهي. خدا طرفان “گفٽ” يا “تحفو”. مونکي خبر ناهي ته مان ڪهڙي حساب سان حليم (بابا) لاءِ “تحفو” هيس. ڇو جو اسان جي معاشري ۾ پُٽَ يا ڇوڪر جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي وڃي ٿي نه ڪي ڌيءَ جي ڄمڻ تي ۽ مان ڪا پهرين يا ٻي نه بلڪه ٽئين ڌيءَ هئس. پر حليم (بابا) ڪو روايتي بروهي ٻروچ ڪو نه هو جو پُٽ نه ڄمڻ تي آنڌمانڌ ٿيس ها. حليم (بابا) لاءِ پُٽ ۽ ڌيءَ جو فرق ڪا گهڻي اهميت نه رکندو هو. اهو ئي سبب هو جو مان، ٽئين ڌيءَ پيدا ٿيڻ تي به حليم (بابا) لاءِ “تحفو” ئي هئس. ساڳي نموني جڏهن حليم (بابا) ڄائو هوندو ته سندس والدين هن جو نالو “حليم” رکيو هو يعني “سافٽ اسپوڪن” يا نرم سڀاءُ وارو انسان. پر حليم بروهيءَ  (بابا) جي طبعيت وري بظاهر سندس نالي جي معنيٰ جي ابتڙ هئي. حليم (بابا) جي طبعيت تند، تيز، بي چين ۽ چيڙاڪ  هئي. ڪنهن به غلط ڳالهه تي بابا جو پارو هڪدم مٿي چڙهي ويندو هو ۽ ان ڳالهه جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪيائين ته سندس اسٽريٽ فارورڊ  جواب جي نتيجي ۾ ٻيا ڪيئن ٿا ري ايڪشن ڏيکارين. ائين  ڪو نه هو ته حليم (بابا) ڪو  سنگدل انسان هو. بابا جي سڄي تيزي رڳو “زبان” ۾ هئي، باقي اندر ۾ حليم (بابا) ڏاڍو نرم دل انسان هو. حليم (بابا) کي جڏهن به لڳو ٿي ته اهو فلاڻي ڳالهه ۾ غلط آهي ته يڪدم ان غلطيءَ جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

ڏسو ڪنڪر نه هڻو،

ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو،

هي شور اجايو آ پيارا.

ممي (حليم بروهي جي زال پروفيسر ميڊم نسيم) تمام گهٽ ئي حليم (بابا) جي ساراهه ڪندي هئي. ان حوالي سان هڪ واقعو ياد اچي رهيو آهي. جڏهن اسان ڄامشوري واري گهر ۾ رهندا هئاسين ته اسان وٽ ڪم واري ماسي ايندي هئي. هڪ ڏينهن، ان ماسيءَ مميءَ (پروفيسر ميڊم نسيم) کي چيو ته حليم صاحب کي چئو ته منهنجي جنهن پُٽَ کي عارضي نوڪري تي لڳرايو آهي ان کي پڪو ڪرائي ڏئي ۽ اها ساڳي ڳالهه ماسي پاڻ به حليم (بابا) کي چئي چڪي هئي. مميءَ کيس وراڻيو هو ته “رڳو “زبان” ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ منهنجو مڙس ڏاڍو سٺو آهي. هن کي هڪ دفعو چوڻ گنجَ آهي. سندس هٿ ۾ هوندو ته تنهنجي پُٽَ کي ضرور پڪو ڪرائي ڇڏيندو. پر جيڪڏهن سندس گهڻو مٿو کاڌئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته چڙي پوي.”  تنهن تي ڀرسان ويٺل منهنجي ڀيڻويئي چيو ته “زبان” کانسواءِ  حليم ۾ ٻيو رکيو ڇا آهي. جيڪڏهن خدا کي حليم جي زبان مائنس ڪري پيدا ڪرڻو هجي ها ته پوءِ اهو حليم کي انسان بدرآن فرشتو ڪري نه پيدا ڪري ها. تنهن تي سڀئي زور سان کليا هئاسين ۽ مون سوچيو هو ته بابا جي “تعريف” ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ ٿي رهي آهي.

ڳالهه پئي ڪيم ته حليم (بابا) تي سندس نالي جو اثر سندس ظاهري شخصيت کان وڌيڪ سندس دل تي هيو. پر دل کي ڪير ٿو ڏسي، هر ڪو ظاهر کي ڏسي ٿو. بابا جا مخالف ڀلي بابا لاءِ ڇا به چوندا رهيا هجن. پر حليم (بابا)منهنجو سچو دوست هو. “يتيم” جو لفظ اڳم به هزارين دفعا ٻڌل هو ۽  ان جي مطلب جي خبر هئي. پر مونکي هاڻي سچ پچ  خبر پئي آهي ته لفظ “يتيم” جي اصل معنيٰ ڇا آهي

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Wednesday, August 04, 2010


Haleem Brohi : A misfit person finally fits

A misfit person finally fits

ارمغان فياض

دنيا ۾ گهڻو ڪري ٽن طريقن جا ماڻهو ٿين ٿا. هڪڙا هوندا آهن ”يس باس“، ٻيا هوندا آهن ”نو سر“ ۽ ٽيان هوندا آهن ”هڪ چپ سئو سک“. منهنجو بابا (حليم بروهي) ٻي ٽائپ سان واسطو رکندو هو. يعني ”انڪاري“ انسان هو. غلط کي غلط چوڻ غلط ڪونهي. پر غلط کي غلط چوڻ جي غلطيءَ حليم (بابا) جي سڄي زندگي وڃائي ڇڏي. غلط کي غلط ۽ چور کي چور، اهو ئي چئي سگهي ٿو جيڪو ”باضمير“ هجي. اهڙي شخص کي اسان جي معاشري جي معيار موجب ”چريو“ به چئي سگهجي ٿو.

هيءُ معاشرو جتي صحيح کي غلط ۽ غلط کي صحيح چوڻ جو رواج آهي، ان ۾ غلط کي غلط چوڻ واري جو پيدا ٿيڻ ئي غلط هو. بلڪه آئون ته چونديس ته سڄو ڏوهه ئي حليم (بابا) جو هو جو اهو نيٺ هن دنيا ۾ پيدا ئي ڇو ٿيو هو. پر ظاهر آهي ته پيدا ٿيڻ انسان جي پنهنجي وس ناهي هوندو. تنهنڪري هن (بابا) کي به نيٺ هيءَ زندگي هن گدلاڻ ڀريئي ماحول ۾ گذارڻي پئي.

ڳڀو پاڻي ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مُور نه جهڪائين،

ته تنهنجي او سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.

حليم (بابا) مٿئين شعر جهڙو انسان هو. تنهنڪري هن جيئن زندگي گذاري، ان مان ظاهر هو ته هو هن معاشري ۾ ”ايلين“ (اوپرو) هو يا ائين کڻي چوان ته هو هتي ٻئي سياري جي مخلوق هو. جيڪو ماڻهن سان ته پيار ڪندو هو پر ساڳي وقت انهن جي ڊبل اسٽينڊرز يا ٻِچاپڙائي کي برداشت نه ڪندو هو. تنهنڪري اڪثر اهو ماڻهن سان رشتا ۽ لاڳاپا ڦٽائي ويهندو هو ۽ نتيجي ۾ کيس زماني جي عجيب غريب کٽراڳن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. درٻاري طبعيت هن هئڻ سبب حليم (بابا) کي سڄي زماني ڪنڊائتو ٿي رهڻ تي مجبور ڪيو هو. ويڪائو مال کي ته لٺ چٺ ڏيکاري ڪم ڪڍڻ سولو آهي. پر حليم (بابا) اهڙو نه هئڻ سبب جڏهن کيس ڪا ڳالهه غلط لڳندي هئي ته پوءِ غلط کي غلط چوڻ کان نه ڪيٻائيندو هو ۽ ڪنهن تي به ٽيڪاٽپڻي ۽ ڇوهه ڇنڊ ڪرڻ مهل اهو نه ڏسندو هو ته اهو سندس باس آهي، ڪو وزير باتدبير آهي، وڏو ماڻهو آهي، دوست آهي، زال آهي يا ٻار آهن. ان ڪري اڪثر ممي (حليم جي زال ميڊم نسيم) هن (بابا) کي چوندي هئي ته ”تنهنجا ڪنهن سان به سٺا واسطا ڪونهن ۽ تنهنجي مرڻ تي ڪير به نه ايندو.“ پر حليم (بابا) جي لاڏاڻي تي ماڻهن جي اکين مان ڳوڙهن جا درياءَ وهي پوڻ ۽ سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڏسي لڳي ٿو ته حليم (بابا) سان محبت ڪرڻ وارن انسانن جي به کوٽ نه هئي.

مان انهن خوشنصيبن مان آهيان، جنهن حليم (بابا) جا تمام گهڻا ڌڙڪا کاڌا آهن. حليم (بابا) جي ڇڙٻ ايڏي ته تيز هوندي هئي جو آئون رڻ واهي ٿي حليم (بابا) جي اڳيان غائب ٿي ويندي هئس ۽ بابا کان رُسڻ کانپوءِ هر ڀيري سوچيندي هئس ته وري حليم (بابا) کي منهن نه ڏيکارينديس.پر بابا وري اهڙو هوندو هو جو دڙڪا ڏيڻ کانپوءِ کيس ڏک به گهڻو ٿيندو، تنهنڪري وري معافي وٺي پرچائي وٺندو هو. اهو ئي سبب آهي جو مان سڄي حياتي حليم (بابا) جا دڙڪا به کائيندي رهيس، پر بابا وٽ وڃڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ نه ئي ٽن ڏينهن کان مٿي منهنجي بابا سان ڪاوڙ هلي سگهندي هئي. ڪڏهن مان، ته ڪڏهن بابا مونکي فون ڪندو رهندو هو.

لاڏاڻي کان لڳ ڀڳ چار ڏينهن پهرين به بابا مونکي ڪئناڊا ۾ فون ڪئي ۽ نه رڳو مون سان پر منهنجي نياڻي سان به ڪچهري ڪئي. حليم (بابا) جي صحت هيٺ مٿي ٿيندي رهندي هئي پر مون اهو سوچيو ۽ تصور به نه ڪيو هو ته بابا ائين اوچتو گذاري ويندو. مان پنهنجي ذات ۾ ايڏي ته تڇ آهيان جو ٻئي ڪنهن جي والده يا والد گذاري ويندو هو ته کين چوندي هيس ته قدرت آڏو هر ڪو مجبور آهي، الله جي شئي هئي، الله سائين پاڻ وٽ گهرائي ورتي، ان ڪري صبر ڪيو. پر پنهنجي لاءِ وري اهو سوچيندي هئس ته منهنجو بابا ورهين جا ورهيه ۽ صدين جون صديون ائين ئي جيئندو رهندو، جيئن آئون چاهيان ٿي. بابا اسان لاءِ الله سائين جي گفٽ هو ته پوءِ ڪنهن کي گفٽ ڏئي وري واپس ٿورئي وٺبي آهي. پر هاڻي وسڪارن جي منڌ ۾ جڏهن برساتون برسن پيون، مينهن جا ڇڇڪا آهن ۽ سنڌوءَ جي سونهن جا وهڪرا ڪنارن سان لڳو لڳ وهن پيا، تڏهن آئون ٿڪل شام جو پنهنجي اندر ۾ گهڙي آيل رڃ ۽ سڃ تي ويٺي روئان ۽ ويٺي نير وهايان.

بابا جي لاڏاڻي کان چار ڏينهن پهرين ٿيل ملاقات مهل مون ائين سوچيو به نه هو ته بابا ائين مون کان موڪلائي ويندو. مونکي ڪير جڏهن به ٻڌائيندو هو ته هاڻي بابا جي صحت اڳي کان وڌيڪ خراب ٿي رهي ته آئون ڪئناڊا کان پنڌَ ڪري حليم (بابا) سان ملڻ لاءِ پهچي ويندي هئس. ائين آئون ٽن سالن ۾ ٽي دفعا حليم (بابا) سان ملڻ لاءِ ايندي رهيس. هاڻي به دل اُٿَلون پئي کائي ۽ دل چئي ٿي ته ڦٿڪندڙ لهرن تي اُڏامي هتي پهچي وڃان، پر ڇا ڪيان جو پري ٿي پئي آهيان.ڪراچي کان حيدرآباد تائين جو فاصلو ڪونهي جو ڪلاڪ ۾ پهچي وڃان. هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اچڻ جا مرحلا (عذاب) ايترا آهن جو انساني المين جو آسون نڪري وڃن ٿيون. پاسپورٽ کي Renew ڪرايو، ويزا وٺو، جهاز جي بڪنڪنگ ڪرايو، نوڪريءَ تان موڪل وٺو وغيره. مٿان وري قدرت هن ملڪ کي ايترو ته سڀاڳو ڪيو آهي جو ڪئناڊا، آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن جو ڪو به جهاز سڌو هن ملڪ ڏانهن نٿو اچي، سواءِ هڪڙي پي آءِ اي جي جهاز جي.مٿان عيد هئڻ سبب اهو به بُڪ لڳو پيو آهي. پر وري سوچيان ٿي ته اهي سڀ مرحلا (اذيتون) ڀوڳي هتي حيدرآباد پهچنديس ته به ڪهڙو فائدو.بابا ته هوندو ڪو نه. پوءِ تڪڙ ۾ حيدرآباد اچڻ جو ڪهڙو فائدو. حليم (بابا) کانسواءِ ته حيدرآباد هيڪاري ڀوائتي لڳندي.

مون اڪثر حياتي حليم (بابا) سان گذاري آهي. دماغ ۾ هزارين ۽ لکين نه پر ڪروڙين يادون آهن، مسئلو اهو آهي ته جنهن ماڻهو کي جيترو وڌيڪ سڃاڻبو آهي ۽ جيترو وڌيڪ ويجهو هجبو آهي، ته ان جي باري ۾ اوترو ئي گهٽ لکي سگهبو آهي. پر ايترو ضرور چونديس ته حليم (بابا) سنڌ جو ضمير ۽ فخر هو. هن جو مطلب اهو ڪونهي ته حليم جي پڄاڻان سنڌ بي ضميرن جي ٿي وئي آهي، پر منهنجو مطلب رڳو هي آهي ته ”حليم“ سنڌ جو سچو ضمير هو.

Courtesy: Sindhi daily Ibrat, Sunday, August 01, 2010


مولا سڀني جو مددگار آهي

مولا سڀني جو مددگار آهي
ارمغان فياض

ڪئناڊا سميت سڄي نارٿ آمريڪا اصل ۾ ريڊ انڊينز يعني انڊيجينس يا نيٽِو باشندن جو ملڪ آهي. مون وائڙيءَ سميت باقي سڀ ماڻهو دنيا جي ٻين خطن مان اچي ڪئناڊا ۾ آباد ٿيا آهن. ڪئناڊا ۾ فرانسيسي پهرين آيا، ان کانپوءِ انگريز آيا، پوءِ چيني، اٽالين، ۽ سِکَ اچي آباد ٿيا. ريڊ انڊينز  جي مختلف قبيلن کي ڪئناڊا ۾ عرف عام ”فرسٽ نيشنز“ چون ٿا. ڇو جو ريڊ انڊينز جي لفظ مان غلامي جي بوءِ اچي ٿي. فرسٽ نيشنز  جي پنهنجي اسيمبلي آهي ۽ انهن جا پنهنجا ليڊر آهن جن جي ڪئناڊا ۾ وڏي اهميت آهي. نه رڳو اهو بلڪه ريڊانڊينز يا فرسٽ نيشنز کي ڪئناڊا جي ٻين شهرين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون مرعاتون پڻ مليل آهن. ڇالاءِ جو اهي ئي اتان جا اصل مالڪ آهن.

چوڻ جو مقصد هي ته ڪئناڊا ۾ نه رڳو ٻيون قومون بلڪه ديسي به تمام گهڻا آهن. ڪجهه ديسي اهڙا به آهن جيڪي هروڀرو انگريز ٿيڻ جي چڪر ۾ انگريزي،  انگريزن جي لهجي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته، ”ڪانگ هليو هنس جي چال ته هنس جي چال ته هلي نه سگهيو، ماگهين پنهنجي چال به  وساري ويٺو  ۽ ٽپا ڏئي هلڻ لڳو“، وانگر اهي ديسي به مونکي تڏهن  ڏاڍا عجيب لڳندا آهن جڏهن وات چٻو ڪري انگريزي لهجي ۾ ڳالهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. ڪافي ديسي اهڙا به آهن، جيڪي ڪئناڊا ۾ ڄاوا نپنا آهن يا ننڍي هوندي کان ئي اچي ويا هئا، انهن جو رنگ برائون هئڻ سبب اهي بظاهر ڏسڻ ۾ ته ديسي  نظر اچن ٿا، پر اصل اهي پنهنجي لهجي، انداز ۽ ادائن  ۾ بلڪل انگريزن وانگر نيچرل لڳن ٿا. ڪئناڊا ۾ رهندي مون جڏيءَ کي به انگريزي ڳالهائڻي پوي ٿي، پر انگريزي ڳالهائيندي مون ڪڏهن وات ٽيڏو ڪري انگريزن واري لهجي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه ئي مون پنهنجي انگريزي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بهتري مان مراد انگريزي لهجو آهي. ”جهڙو حال حبيبن تهڙو پيش پريان“ وانگر ڇڪي رکندي آهيان. شاباس هجي انگريزن کي جو اهي منهنجي ۽ فياض جي انگريزي کي سمجهي وڃن ٿا جي نه سمجهن ته به انهن تي ميار ڪا نه ڏينديس.

اسان وٽ ڪير انگريزي ڳالهائيندو ته اسان جي غلط انگريزي تي ٻيا ائين کلندا آهن ڄڻڪ انگريزي انهن جي پنهنجي مادري زبان هجي. پر ان جي ڀيٽ ۾ انگريزن ۾ ايڏي ته تميز آهي جو ڪير  ڪيتري به غلط انگريزي ڳالهائي هڪ ته اهي سامهون واري تي کلي ۽ ان جو مذاق اڏائي ان جي بيعزتي بلڪل به نٿا ڪن بلڪه پورو ڌيان ڏئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اڳلو چوڻ ڇا ٿو چاهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزي سڄي دنيا ۾ وڌي ويجهي رهي آهي. پر ان جي ڀيٽ ۾ اسين ٻئي جي ٿوري غلطيءَ تي ان جون چٿرون اڏائڻ لڳون ٿا. مان اڄ به سوچيندي سنڌي ۾ آهيان ۽ پوءِ ان کي انگريزي ۾ ٽرانسليٽ ڪري ڳالهائيندي آهيان. جڏهن مان ڪئناڊا ويس پئي ته منهنجي وڏي ڀيڻ جيڪا آمريڪا ۾ وڏو عرصو رهي چڪي آهي تنهن چيو ته انگريزي ڳالهائڻ هتي اسان وٽ وڏو مسئلو آهي جو هر ڪو کلي ٿو ۽ غلطي تي ٽوڪون ڪري ٿو،  اتي انگريزي ڪو وڏو مسئلو ناهي. ڪئناڊا وڃي مونکي اندازو ٿيو ته ضروري ناهي ته غلط انگريزي سبب توهان پنهنجو پاڻ کي ڏوهه ڏيو، نيٺ انگريزي اسان جي مادري زبان ڪو نه آهي جو هر جملو بلڪل صحيح ڳالهايون. ڪڏهن ڪڏهن ٻين کي به موقعو ڏيون ته اهي به اسان جي انگريزي پاڻ ئي صحيح ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اسين رڳو ڏوهه ٻين کي ڏيندا وڃون  ۽ پنهنجي غلطين جو جائزو ئي نه وٺون. ڪئناڊا جتي پاڪ، صاف جنت جهڙو ملڪ آهي، اتي ساڳي وقت اهو ڏاڍو ڏکيو ملڪ پڻ آهي. اتي هر ڪم ڏاڍي حساب ڪتاب، سليقي ۽ هنر مندي سان ڪرڻو پوي ٿو ۽ ڪاميابي لاءِ به ڏينهن رات محنتون ڪرڻيون پون ٿيون ۽ غلطيون ڪرڻ تي ڀوڳڻو به پوي ٿو.

اتي هر ڪم جو هڪ اسٽينڊرڊ (معيار) آهي ۽  اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ لائسنس وٺڻو پوي ٿو. لائسنس وٺڻ لاءِ وري ان فيلڊ جون شرطون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. يعني بيڪ گرائونڊ ڇا آهي، لاڳاپيل تعليم، تجربو وغيره پيش ڪرڻ کانپوءِ وڃي مَس ان ڪم لاءِ  لائسنس ملي ٿو ۽ باقاعدي اليڪٽرانڪ ڪيش رجسٽر  مينٽين ڪرڻو پوي ٿو ۽ باقاعدي اڪائونٽس جو حساب ڪتاب رکندي ٿيل ڪمائي مان حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هيٺ مٿاهين ٿيڻ تي لائسنس رد به ٿي سگهي ٿو. پر ان جي ڀيٽ ۾هتي اسان وٽ ڪو به ڪم شروع ڪرڻ ۾ ڪو گهڻو  مسئلو ناهي. گهر جي ٻاهران دڪيءَ تي به دوڪان کولي سگهجي ٿو ۽ سڄي جا سڄي ڪمائي بنا ٽيڪس ڏيڻ جي پنهنجي آهي. جيڪڏهن مٿي جاءِ آهي ته هيٺ ڪمري کي دوڪان ڪري هلائي  سگهجي ٿو. اڳيان روڊ تي يا ٻي ڪنهن جڳهه تي گاڏو، ريڙهو يا ٺيلهو هڻي ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو، کوکي تي اخبارون ۽ ٻيا رسالا رکي وڪڻي سگهجن ٿا، پان ٻيڙي جي مانڊڻي يا ٻيو ڪو ننڍو وڏو بزنس بنا ڪنهن لائسنس جي آساني ۽ سولائي سان کولي ڪمائي سگهجي ٿو. گهر ۾ مايون ويٺي ڪپڙو يا ٻيون زنانيون شيون وڪڻي ڪمائي سگهن ٿيون ۽ ڪير به کانئن ٽيڪس وٺڻ ڪو نه پيو اچي. پر ڳالهه آهي ايمان جي ۽ سوچ جي. اسان جي نوجوانن شايد سوچي ورتو آهي ته ڪرڻي آهي ته سرڪاري نوڪري ڪرڻي آهي يا ڪجهه به ڪرڻو ناهي. جڏهن ته حقيقت اها ته سرڪاري نوڪري جي ڀيٽ ۾ فائدو ڌنڌي ۽ واپار ۾ وڌيڪ آهي. نبي ڪريم صلعم جي حديث مبارڪ آهي ته ڏهن مان نوَ برڪتون ڌنڌي ۽ واپار ۾ آهن ۽ هڪ برڪت نوڪريءَ ۾ آهي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ رڳو غلامي آهي.نوڪري وٺڻ لاءَ به رشوت ڏڻي پوي ٿي، ٽرانسفر جي لاءِ به رشوت ڏيڻي پوي ٿي ته پگهار وٺڻ لاءِ به رشوت ڏيڻي پوي ٿي، ان کانسواءِ  ماڻهو سڄو هفتو صبح کان وٺي شام تائين پابندي ۾ رهي ٿو. پر ان جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڌنڌي واپار ۾ ماڻهو پنهنجو باس پاڻ ئي ٿئي  ٿو ۽ ڪنهن جي غلامي به نٿي ڪرڻي پوي. پر پوءِ به الائي ڇو اسان جا نوجوان سالن جا سال سرڪاري نوڪري جو انتظار  ڪندي، پنهنجو وقت برباد ڪندا رهن ٿا، پر ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. اسان جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪو به ننڍو ڪم، ڌنڌو يا واپار شروع ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي بهتر ڪري سگهن ٿا بلڪه مائٽن جي به مدد ڪري سگهن ٿا.

پنهنجي ديس جي موسم ٺيڪ آهي. ائين ڪونهي، جيئن ڪئناڊا ۾ موسم آهي جو انسان گهر کان ٻاهر ئي نه نڪري سگهي. اسان وٽ سج ٻارهوئي چمڪندو رهي ٿو. گرمي آهي ته پاڻ سٺو آهي. اهڙي موسم ۾ ته برف ۽ آئس ڪريم وڪڻي سٺو ڪمائي سگهجي ٿو. سياري ۾ کاڄا وڪڻي ڪمائي سگهجي ٿو. بيروزگاريءَ جو اجايو روئڻو روئڻ ۽ سڄو وقت ائين سوڳوار ٿي ويهڻ مان نيٺ ڇا ورندو. محنت ۾ ئي عظمت آهي. ڪو به ڪم وڏو، ننڍو يا نيچ نٿو ٿئي. اها سڄي سوچ جي ڳالهه آهي، نه ته سچائي سان ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به بيعزتي جي ڳالهه ناهي. اسان کي پنهنجي ذهنن مان پولوشن يا گدلاڻ کي ڪڍڻي پوندي. عزت ۽ بيعزتي جا صحيح يا غلط معيار اسان جا پنهنجا ئي ٺاهيل آهن. باقي اڳتي وڌڻ لاءِ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ته ڏاڪي به ڏاڪي ئي وڌڻو پوي ٿو. ڪنهن به ڪم ۾ شارٽ ڪٽ فائدي کان وڌيڪ نقصان آهي. شارٽ ڪٽ اصل ۾ ذهني ۽ فڪري سڃ جو نالو آهي، جيڪا پڻ هڪ قسم جي ڪرپشن آهي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا هتي اسان جي ديس ۾ ڪو به موقعو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪئناڊا پهچي وڃون ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ته پوءِ هروڀرو ائين به ڪو نه آهي. ڪئناڊا ويهاري ڪا نه ٿي کارائي. اتي پاڻ هتان کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي، ۽ پراڊڪشن ڏيڻي پوي ٿي. جڏهن ته سچائي ۽ انصاف سان محنت جي ضرورت هتي اسان جي وطن ۾ آهي ته جيئن پنهنجو ديس ترقي ڪري سگهي. آخر ۾ آئون اهو ئي چونديس ته اسان جا نوجوان به همٿ ڪري ٿوري محنت ڪن ته اڳيان مولا مددگار بڻجي سندن ڪيل محنت جي هر پل کي خوشين سان ڀري ڇڏيندو.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Tuesday, May 11, 2010


وطن واپس نه ٿي سگهڻ جا احساس

وطن واپس نه ٿي سگهڻ جا احساس
ارمغان فياض

ڪنهن عقلمند جو قول آهي ته ”زندگيءَ جو مقصد بامقصد زندگي آهي“. ۽ جڏهن آئون پنهنجي مقصد تائين پهتس ته مون کي وري به قرار نه مليو آهي. شايد ”ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!“ واري منزل ماڻي چڪي هيس، تنهنڪري هر ڪنهن سان وڙهڻ شروع ڪيم ۽ هر ڪنهن کي اُلٽو جواب ڏيڻ لڳس. اصل ۾ منهنجو پُٽ ”ڊيف“ آهي. اهو سوچڻ بنا ته جيڪو انسان هيترو عرصو ”ڊيف“ رهيو آهي سو  ٻڌڻ به چاهي ٿو يا نه ان کان قطه نظر، منهنجو مقصد اهو هو ته ڪيئن به ڪري منهنجي پُٽ جي ”ڪاڪليئر امپلانٽ سرجري“ ٿئي ته جيئن  اهو اسان توهان وانگر ٻڌي سگهي. اهو ئي مقصد هو جيڪو اسان کي ڪئناڊا وٺي ويو جو اتي اها سرجري ٿئي ٿي.

هزارين صدائن کانپوءِ جڏهن اها منزل اچي پهتي، جنهن لاءِ مان ڏور پرديس ڏانهن جلاوطن ٿيس، پنهنجن کان پري ٿيس ۽ جڏهن منهنجي پُٽ جي ان سرجريءَ جو ڏينهن ويجهو آيو ته منهنجي ٽينشن وڌڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن دوران پريشانيءَ وچان پنهنجي اندر جي آندمانڌ گهٽائڻ لاءِ ڪئناڊا جي هڪڙي شاپنگ مال مان اجايو ۽ فضول شاپنگ پئي ڪيم ته هڪڙي ساهيڙي ملي وئي. سلام دعا کان پوءِ پڇيائين ته ڇا ڳالهه آهي، پريشان پئي لڳين. مون کيس چيم ها پُٽ جي سرجري ٿيڻ واري آهي، ان ڪري پريشاني ٿي رهي آهيان. چيائين ته ”پريشان نه ٿي.“ سندس اهو چوڻ هو ڄڻڪ غضب ٿي ويو. مون کيس ٺهه پهه وراڻيم ته پريشان ڇو نه ٿيان؟ ڇا منهنجي جڳهه تي تون پريشان ٿيندينءَ؟ ۽ هاڻي به پريشان نه ٿيان ته ڇا پوءِ جيڪڏهن سرجري خير خوبيءَ سان ٿي وڃي ٿي ته ان  کانپوءِ ويهي پريشان ٿيان. ظاهر آهي پريشان هاڻي ئي ٿيندس. هن ويچاريءَ چيو ته منهنجو مطلب اهو آهي ته پريشاني ڪو حل ناهي وغيره وغيره. پنهنجي ان ساهيڙيءَ کي اهي رُکا جواب ڏيڻ کانپوءِ مونکي ڪجهه دير جي لاءِ قرار آيو. ٿوري دير کان پوءِ پُٽ جي ٻئي ڏينهن ٿيڻ واري سرجريءَ جو سوچي وري پريشاني وچان طبعيت خراب ٿيڻ لڳي ۽ هاڻي ٽارگيٽ ٻيو ڪو نه پر فياض هو ۽ هر ڳالهه تي ڄڻڪ کيس رانڀوٽا پائڻ لڳس. ٻئي ڏينهن پُٽ سان گڏ اسپتال وڃڻ جي همٿ نه ٿي، پُٽ کي سرجريءَ جي لاءِ اسپتال فياض ئي وٺي ويو هو ۽ مان پاڻ گهر ۾ ئي ڳڻتيون کائيندي رهيس. الله سائين جي فضل ۽ ڪرم سان وقت گذري ويو ۽ منهنجي پُٽ جي سرجري ڪاميابيءَ سان ٿي وئي.

زندگيءَ جو مقصد پورو ٿيو يا نه اها وري الڳ آکاڻي آهي. ڇو جو ان سرجريءَ کان پوءِ هاڻي منهنجو پُٽ ٻوڙو نه رهيو هو. پر منهنجو پُٽ، ٻڌايو ته اجايو ۽ فضول آواز ٻڌي مٿي ۾ سور ٿو ٿئي جو نيٺ هن سڄي حياتي آواز نه ٻڌا هئا ۽ ائين هر هر “ڪاڪليئر امپلانٽ“ جي مشين بند ڪري ڇڏيندو هو ته اهو آواز ٻڌڻ نٿو چاهي جو آوازن جي گوڙ سان کيس مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. ائين جڏهن اسڪول ۾ سندس ٽيچرن کي خبر پئي ته اسين کيس زوري آواز ٻڌڻ لاءِ سندس کيسي ۾ رکيل مشين “آن“ رکڻ لاءِ مجبور ڪيون ٿا ته انهن اسان کي چيو ته اها اسان جي (ڪينيڊين) معاشري جي انساني حقن ۽ فرد کي مليل شخصي آزادي جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ۽ اسين ٻار کي مجبور نٿا ڪري سگهون ۽ جيڪڏهن ٻار وري شڪايت ڪئي ته پوءِ ان سلسلي ۾ ڪا نه ڪا ڪاروائي ٿي سگهي ٿي. ٽيچرن اسان کي سمجهايو ته آواز يا ڳالهائڻ ڪميونيڪيشن جو رڳو هڪ ذريعو آهي. توهان جو پٽ ڪميونيڪيشن يا رابطي لاءِ ڳالهائڻ جو ذريعو استعمال ڪرڻ بدران جيڪڏهن لکڻ ۽ سائن لينگويج جو ذريعو استعمال ڪري ٿو ته ان ڳالهه ۾ نيٺ حرج ڪهڙو آهي. مقصد ڪميونيڪيشن ڪرڻ آهي سا ٻئي ڪنهن ذريعي سان ٿي سگهي ٿي ته پوءِ نيٺ ڳالهائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟

جيئن  جنم ڀومي انسان جي ڌرتي ماءُ ٿئي ٿي بلڪل تيئن چون ٿا ته جنهن ڌرتيءَ تي رهو ٿا ان جي گِلا ۽ بُرائي نه ڪيو جو اها به ڌرتي ماءُ ئي ٿئي ٿي ۽ مان پاڻ به ان ڳالهه سان متفق آهيان. ڪئناڊا ۾ رهڻ جا فائدا بيان ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي سوچڻو پوي ٿو ڇو جو ڪئناڊا ۾ ڊالر ته ملي وڃن پر ڪنهن جون خوبيون بيان ڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي. هونئن به خوبين کان وڌيڪ ڪنهن جون خرابيون ۽ برايون ڪرڻ سولو ٿئي ٿو. مٿان وري مان عورت پڻ آهيان، تنهنڪري ٻين جون گلائون ۽ برايون ڪرڻ ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو. تنهنڪري ڪئناڊا جي تعيلم جي نظام جون خرابيون ۽ نقص ڪڍڻ مونکي سولو لڳي ٿو. ڪئناڊا ۾ ٻارن کي گهر کان وڌيڪ  اسڪول ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو ڇو جو اتي پڙهائي جي نالي ۾ ٻار رڳو کيڏن ٿا يا کيڏڻ جي انداز  پڙهائي ٿئي ٿي. اسڪول وڃڻ کانپوءِ ٻار ٽيچرن جا لاڏلا ۽ وڌيڪ حساس ٿي وڃن ٿا. هونئن ته ڪئناڊا جي تعليمي نظام ۾ رَٽو لڳائڻ کي صحيح نٿو سمجهيو وڃي، پر اسڪول وارن جو جڏهن پنهنجو مطلب پوي ٿو ته پوءِ ٻيو ڪجهه ياد ڪرائين يا نه ڪرائين،  پر ٻار  کي911  يعني پوليس جو نمبر ضرور ياد ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ ننڍڙي کان ننڍڙو ٻار  به گهر اچي ماءُ پيءُ کي پوليس کي گهرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ٿو. ڪئناڊا ۾ نرسري کان وٺي ڪي جي اسڪولن ۾ ٻار گهڻو ڪجهه سکڻ جي باوجود بظاهر ائين نظر اچن ٿا ڄڻڪ کين ڪجهه به نٿو اچي جو اتي رٽو لڳرائي ياد نٿو ڪرايو وڃي. پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ڪي جيءَ، جي ٻارن کي رَٽو هڻائي اهڙو ته ياد ڪرايو وڃي ٿو جو افلاطون لڳن ٿا پر اصل ۾طوطا هجن ٿا جن جي دماغ ۾ ڳنڍ لڳل هجي ٿي.

هي ڪالم بامقصد زندگي جي حوالي سان شروع ڪيو هئم. پر ڳالهه الائي ڪٿان کان ڪٿي نڪري وئي.  ڳالهه اها آهي ته جڏهن انسان جو هڪڙو مقصد پورو ٿئي ٿو ته ٻيو شروع ٿي وڃي ٿو. ائين جيئڻ جو بهانو به ملي وڃي ٿو. مايوسي غلط آهي ۽ اها ئي ڳالهه منهنجي ساهيڙيءَ منهنجي پُٽ جي سرجريءَ کان پهرين مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انسان ايترو ٿڪجي پوي ٿو، پريشان ٿي وڃي ٿو يا ايترو ته ڀرجي وڃي ٿو جو ان کي ڪاوڙ لاهڻ لاءِ ڪو نه ڪو موقعو کپي ٿو.

اُتي اسان جي آفيس ۾مختلف ذهني ۽ ٻين پريشرز کي ڊفيوز ڪرڻ لاءِ يا خارون ڪڍڻ لاءِ هڪڙو سسٽم ٺهيل آهي. جنهن تحت پنهنجي ڪليگ کي چئو ته مونکي ”وينٽ آئوٽ“ ڪرڻو آهي ۽ پوءِ آفيس جي ميٽنگ روم ۾ اها توهان جي سامهون چُپ چاپ ڪري ويهي رهندي آهي. توهان کي جيڪي خارون ڪڍڻيون آهن سي ڪڍو اها خاموشيءَ سان ويهي ٻڌندي رهندي، جڏهن ٿڪجي پئو ته کيس ٻڌايو ته ”مون بس ڪئي.“ پوءِ هوءَ اهڙيون ته  سٺيون ۽ تعميري ڳالهيون ڪندي جو جيئڻ جو نئون رستو ملي پوندو آهي. اهو ته اسان جي آفيس جو پنهنجو انٽرنل (اندروني) سسٽم آهي. نه ته ڪئناڊا ۾ هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪائونسلنگ ڏيڻ لاءِ مرد توڻي عورت ڪائونسلرز جي سهولت عام جام موجود آهي، جتي ڪير به وڃي پنهنجي ڪنهن به مسئلي جي لاءِ بهتر مشورا ۽ صلاحون وٺي سگهي ٿو.

مون ڳالهه پئي ڪيم ”بامقصد زندگيءَ جي“. ڏهه سال پهرين جڏهن مان ڪئناڊا وئي هئس ته مقصد هو ته پُٽ جي ڪاڪليئر امپلانٽ سرجري ڪرايان، پوءِ مقصد اهو ٺاهيم ته في الحال وطن جون حالتون بهتر ڪو نه آهن، جڏهن حالتون سڌرنديون ته واپس وڃي حيدرآباد ۾ آباد ٿينديس. اڄ آئون حيدرآباد ۾ واپس آباد ٿيڻ جو پنهنجو مقصد وڃائڻ نٿي چاهيان. پر هتان جون حالتون مجبور ڪن ٿيون ته منهنجي زندگيءَ جي بهتري ڪئناڊا ۾ ئي آهي.

سچي ڳالهه اها آهي ته انسان هر وقت جيئڻ جو بهانو ڳولهڻ لاءِ ننڍا ننڍا مقصد ٺاهيندو رهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ زندگيءَ جو وڏو مقصد به هلندو رهي ٿو،  جيڪو شايد انسان جي حياتيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهي پر انسان ان مقصد خاطر جيئندو رهي ٿو.  اسان جي ديس کي باقي دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن واري منزل تائين پهچڻ ۾ شايد اڃان  الائي ڪيترن نوري سالن جو فاصلو طئي ڪرڻو آهي. مان جيڪا  فرسٽ ورلڊ جي، فرسٽ ڪلاس ملڪ ڪئناڊا کي ڏسي چڪي آهيان ۽ ان ۾رهڻ کانپوءِ محسوس ڪيان ٿي ته هاڻي پنهنجي وطن ڏانهن مستقل موٽڻ ممڪن ناهي. ڇو جو مان اهو سمجهان ٿي ته ٽئين دنيا جي ڪڙهندڙ ڪاڙهي ۾ زندگي اگهاڙي پيرين گذارڻ هاڻي مون لاءِ ڏکيو ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو مان سچي دل سان پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃڻ جي خواهش جي باوجود شايد سڄي حياتي ان دل جي درد کي محسوس ڪندي ئي ڪئناڊا ۾ گذاري ڇڏينديس پر مستقل طور پنهنجي وطن ڏانهن موٽي نه سگهنديس.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Thursday, May 06, 2010


لهر نه ڪو لوڏو

لهر نه ڪو لوڏو
ارمغان فياض

ڪئناڊا ۾ جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ مان نوڪري ڪيان ٿي، ان طرفان مونکي اڪثر مختلف قسم جون ٽرينگز ۽ تعليمي ڪورسز  وغيره ڪرايا ويندا رهن ٿا. جيئن ته منهنجي ڊپارٽمينٽ جو واسطو صحت ۽ سماجي ڀلائي جي حوالي سان آهي، تنهنڪري اسان جو ڊپارٽمينٽ اسان کي لاڳيتو نئين تعليم ۽ تربيت جي ذريعي اسان کي ڄاڻ ۽ خدمت جي نئين کان نون طريقن جي سکيا ڏياريندو رهي ٿو ته جيئن اسين وڌيڪ بهتري سان پنهنجي سروس آڇي سگهون.

آئون جڏهن وطن ۾ هيس ته مون سکيو هو ته ماني پيٽ ڀرڻ لاءِ کائبي آهي. پر ڪئناڊا پهچي خبر پئي ته کاڌو  مزو وٺڻ لاءِ کائبو آهي. تنهنڪري ان جي تازگي ۽ ورائٽي  جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته جيئن ان کي انجوائي ڪري سگهجي. ڪئناڊا هڪ اهڙي ماءُ جهڙي ڌرتي آهي، جيڪا پنهنجي ٻچن (شهرين) جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي تمام گهڻو ڪجهه ڪندي رهي ٿي. اتان جو سسٽم نه ڪنهن کي گهڻو امير ٿيڻ ڏئي ٿو ۽ نه ئي گهڻو غريب ٿيڻ ڏيئي ٿو،  ائين اتان جو نظام سڀني جي ڀلائيءَ جو هر وقت خيال رکي ٿو، هر ڪنهن کي پُر اميد رکي ٿو ۽ هروڀرو ڪنهن کي به مايوس نٿو ڪري. آئون جڏهن هتي سنڌ ۾ هيس ته ڏهاڙي غريب ۽ معصوم ٻارن کي روڊن ۽ رستن تي خوار خراب ٿيندي ۽ رُلندي ڏسي دل ڏاڍي خراب ٿيندي هئي. هونئن به منهنجو ذهن حساس کان وڌيڪ هر وقت مخلتف سوچن ۾ منجهيل رهي ٿو. تنهنڪري آئون فياض جي ڪنٽرول ۾ ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ڪنٽرول مان به نڪري ويندي هيس جو فياض کي چوندي هيس ته مان ڪنهن ڏينهن گهر ڇڏي، هڪڙي رِلي کڻي ڪنهن مزار تي هلي وينديس ۽ پوءِ وري ڪڏهن موٽي نه ايندس.  هونئن به فياض کي خبر آهي ته مان  پنهنجي پورن واري آهيان . مان اها ناهيان جنهن کي سولائي سان هڪ سِٽ ۾ بيان ڪري سگهجي. ڪڏهن مان تانگهه ۽ تپرس ۾ ورتل اتاولي آهيان ته ڪڏهن مان ٿڪل، وساڻيل ۽ اٻاڻڪي آهيان. ڪڏهن مان راضي، خوشي، سدوري ۽ سلڇڻي آهيان ته ڪڏهن دردان ماري دلڙي عليل وانگر دلگير آهيان. ڪڏهن ازل جي رُٺل روح آهيان ته ڪڏهن قربائتي جيءَ جياري آهيان. ڪڏهن اُڻبڻت پسند آهيان ته ڪڏهن صلح پسند آهيان. ڪڏهن سخت دل آهيان ته ڪڏهن نرم دل آهيان. ڪڏهن سدا بهار گل آهيان ته ڪڏهن بند مکڙي آهيان. مزاج ڦري ۽ ڀوانٽي اچي ته گهر ۾گهوٽالو آڻي ڇڏيان ٿي نه ته گهوڙا وڪڻي ستي پئي آهيان. هر پل ۽ هر وقت مان ساڳي نه آهيان. پنهنجي ذهن جو پوتاميل پاڻ ڪيان ته پوءِ مان اهو چئي سگهان ٿي ته منهنجو ذهن هڪ اهڙو بجليءَ جو ميٽر آهي، جيڪو  16 ڪلاڪ بجلي نه هئڻ جي باوجود 24 ڪلاڪ ئي هلندو رهي ٿو.

فياض اسان جي ڪوڙهه ۾ ورتل معاشري جي صورتحال کي سمجهندو هو ۽ ڄاڻندو هو ته آئون جنهن روحاني سڪون جي تلاش ۾ آهيان سو مونکي مزارن تي ڪو نه ملندو ۽ ويتر وڌيڪ مصيبتن جي شڪار ٿي وينديس. پر جيئن ته فياض نرم سڀاءُ وارو انسان آهي، تنهنڪري ائين ڪرڻ کان مون کي ڪڏهن به نه روڪيائين، پر اسان جي پيرن فقيرن جي ذهني سڃ ۽ مزارن جي حوالي سان اهڙيون اهڙيون ته ڀوائيتون ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون ٻڌايائين جو مان پنهنجون سڀ ڊگريون ڦاڙي اُمي بڻجي ڪشف جي چادر اوڙهي ڪنهن مزار ۽ درگاهه جي جوڳياڻي بڻجي نه سگهيس.

سوچيو هئم ته ڪئناڊا وڃي منهنجي سوچ مٽجي ويندي، پر منهنجو ذهن ۽ سوچون اڄ به ساڳيون جو ساڳيون آهن. اڄ به پنهنجي وطن جي حالت ڏسي ڏک ٿئي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته منهنجو وطن زرعي حساب سان زرخيز آهي ۽ سنڌ ۾ ايتري ته گئس، تيل ۽ ڪوئلو آهي جو سنڌ دبئي ٿي سگهي ٿي. الله ڪري ته ائين ٿئي پر منهنجي دل نه ٿي مڃي. شايد مان غلط سوچيان ٿي  ۽ ٿي سگهي ٿو ته منهنجو وطن به ترقي ڪري وڃي. پر مونکي لڳي ٿو ته اڄ کان سئو سالن کان پوءِ به اسان جي حالت اهڙي جا اهڙي هوندي. ڇو جو ترقي ۽ تبديلي رڳو وسيلن سان نه پر تعليم، انصاف، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني مان ٺاهيل ساڃاهه ڀريل نظام سان اچي ٿي. ان حساب سان ڏسون ته پوءِ اسان جو ته سڄو نظام ئي ڪوڙ، ڪرپشن ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهه مان جڙيل آهي ته پوءِ تبديلي ڪيئن ايندي؟ مان ته چوان ٿي ته آمريڪا ڀلي کڻي پنهنجي خزاني جا سڀ جا سڀ ڊالر  کڻي هنن کي ڏئي ڇڏي ته به هتي ڪا تبديلي نه ايندي.  پر اميد به ڇڏڻي ناهي. منهنجي پنهنجي گهر جون حالتون الله سائين جي ڪرم سان سٺيون آهن. ٿورو به گهڻو آهي ۽ رب جي اسان تي تمام گهڻي ٻاجهه آهي. باقي ذاتي طور تي مان پنهنجي ذهن جي چوڌاري ڀِت يا ديوار ڪڍي نٿي سگهان. ذهن جون سوچون لامحدود آهن، پر ڪجهه ڪري به نٿي سگهان جو ملڪن ۽ معاشرن ۾تبدلي، اجتماعي سوچ ۾ تبديلي ۽ جاکوڙ سان اچي سگهي ٿي. دنيا ۾ قومن ۽ معاشرن جا مثال موجود آهن جن تعليم، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جي ذريعي 10 کان 50 سالن جي عرصي ۾ وڏيون ترقيون ڪيون آهن پر اسان اڃان اجتماعي طور تي شايد پراڻ پرستيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ تيار نه ٿيا آهيون.

بحرحال مون ڳالهه پئي ڪيم ته منهنجي آفيس پاران ويجهڙائي ۾ مونکي جيڪا ٽرينگ ڪرائي وئي، ان جو نالو هو “بليٽ پروف.” ان ٽرينگ دوران اسان کي ڄاڻ ۽ تربيت ڏني وئي ته  ڪنهن به ڳالهه کي ذاتي اَنا جو مسئلو بڻائي نه کڻڻ گهرجي، انتقامي رويو نه رکڻ گهرجي ۽ ڪير ڪيترو به زور بار وجهي ۽ غلط ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري پر غلط ڳالهه کي نه مڃڻ گهرجي.  وڏي کان وڏي مسئلي کي به دل تي نه کڻڻ گهرجي . جيڪڏهن ڪا ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ سوچي سمجهي اپروچ ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيا به ڪيترائي طريقا ٻڌايا ۽ سمجهايا ويا ته ڪيئن نه اسان کي غلط ڪم جي خلاف بليٽ پروف بڻجي وڃڻ گهرجي. پر جيڪڏهن ڪا ڳالهه يا مطالبو صحيح ۽ جائز آهي ته پوءِ ڪيئن  تڪڙو ۽ صحيح فيصلو  ڪري معاملي يا مسئلي کي حل ڪجي.

ٽرينگ جو انداز ڏاڍو سٺو ۽ پُر اثر هو سو ڳالهه به سمجهه ۾ اچي وئي. پر هن دل جو ڇا ڪجي. منهنجي آفيس جي انگريز مئنيجرن جي ڀيٽ ۾ مان ٻئي ديس جي مخلوق آهيان. اتان جي ماڻهن غربت، مجبوري، بک، بيماري، بيروزگاري ۽ لاچاري گهٽ ئي ڏٺي آهي. تنهنڪري انهن جي لاءِ ڪنهن غلط ڪم جي خلاف بليٽ پروف ٿيڻ سولو آهي.. پر اسان وٽ ائين ٿيڻ سولو ناهي. ڇو جو اسان وٽ ماڻهو مسڪين آهن، ساڻن سئو مسئلا به آهن. ٻارن ۽ گهر جا خرچ پکا به آهن. مان جڏهن ٽيچر هوندي هيس ته اسان جي اسڪول ۾ هڪ ماسي هوندي هئي. سدائين ڪو نه ڪو مسئلو هوندو هيس. مونکي چوندي هئي ته امان تنهنجي هلي ٿي مهرباني ڪري فلاڻو ڪم ڪرائي ڏي. ڪيڏي مهل سوچيندي به هيس ته اهو صحيح ناهي، پر وري ان تي رحم به ايندو هو، نيٺ مان جيڪو ڪري سگهندي هيس، سو چئو چوا ڪري ڪرائي ڏيندي هئي مانس. توڻي جو کيس پنهنجي نوڪريءَ  جي سرڪار وٽان پگهار ملندي هئي پر پوءِ به هر وقت مدد پئي گهرندي هئي. هاڻي جيڪڏهن اهو سوچيان ها ته هن کي پنهنجي نوڪريءَ جي پگهار ملي ٿي ۽ هي ان کانسواءِ جيڪا پَٽَ سَٽَ ڪري ٿي سا صحيح ڳالهه ناهي ۽ مان بلٽ پروف ٿي وڃان ها ۽ اها مون کي ڪيترو به مجبور ڪري ها پر سندس ڳالهه کي دل تي نه کڻان ها ته اهو منهنجي لاءِ ڏکيو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي چوڌاري ڏسڻو پوي ٿو. ۽ مان پنهنجي اوسي پاسي جي مسئلن کان اَک ٻوٽي ”بليٽ پروف“  ٿي نٿي سگهان.

ان جي ڀيٽ ۾ ڪئناڊا زبردست ۽ انجواءِ ڪرڻ جهڙو ملڪ آهي. سچائي سان پنهنجي نوڪري ڪيو. وقت تي وڃو، وقت تي اچو، وقت تي پگهار ملي ٿي، اها وٺو، گهمو ڦرو ۽ عيش ڪيو. جيڪڏهن توهان ايماندار آهيو ته پوءِ لهر نه لوڏو. پوءِ به مان ڪئناڊا ۾ دل سان خوش ناهيان. ناشڪري ناهيان. پنهنجي لاءِ تمام گهڻو شڪر ڪندي آهيان ته شڪر آهي جو ڪئناڊا جهڙي صاف سٿري، انصاف پسند جمهوري ملڪ ۾ رهان ٿي ۽ ڪئناڊا جو مونکي ايڏو ته حوصلو مليل آهي جو هر وقت اها پَڪَ آهي ته ڪو به مون سان ناانصافي نٿو ڪري سگهي. پر پنهنجي وطن، مٽن مائٽن ۽ ساهڙين جي لاءِ دل سَٽَ کائي ٿي ته جيڪر ڪجهه ڪري سگهان ته پنهنجو وطن به ترقي ڪري ۽ اسان جي ماڻهن جي زندگين ۾ به ڪا تبديلي اچي سگهي.

Courtesy: April 23-24 2010


ڪيفيتي تبديلي ڪيئن ايندي؟

ڪيفيتي تبديلي ڪيئن ايندي؟
ارمغان فياض

مان جڏهن حيدرآباد ۾ رهندي هيس ته ٽيچر (سبجيڪٽ اسپيشلسٽ) هيس ۽ يارهين ۽ ٻارهين درجي جي ٻارن کي پڙهائيندي هيس. ٻارن جو خيال هو ته آئون هڪڙي سٺي ٽيچر آهيان. مان پاڻ کي به سٺي ٽيچر سمجهندي هيس. ان زماني ۾ ڪجهه ٽيچرون يارهين ۽ ٻارهين درجي جي ايترين وڏين ڇوڪرين کي به چماٽون هڻڻ ۾ دير نه ڪنديون هيون. پر مان پنهنجو پاڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿي ۽ پرائوڊ آهيان ته مون نياڻين تي ڪڏهن به هٿ نه کنيو. ٻارن تي هٿ نه کڻڻ ۽ سٺو پڙهائڻ تي مان دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوش ۽  مطمعن هوندي هيس. پر جڏهن مان ڪئناڊا ويس ته منهنجي اها خوشي بلڪل غائب ٿي وئي. ڇو جو ڪئناڊا پهچي خبر پئي ته ٻارن کي مارڻ ته منهنجو حق ئي ڪونهي ۽ سٺو پڙهائڻ منهنجو فرض آهي جو مون کي ان ڳالهه جي ئي پگهار ملي ٿي. پوءِ مون منهنجي خيال ۾ سٺو پڙهائي يا ٻارن تي هٿ نه کڻي ڪهڙو ڪمال ڪيو  جو مان ان تي فخر ڪندي هيس. ڪئناڊا پهچي اڃان وڌيڪ احساس ٿيو ته ڪاش هتي غريب ٻارن تي اڃان به وڌيڪ محنت ڪيان ها ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪجهه سوشل ورڪ به ڪيان ها ته جيڪر وڌيڪ بهتر ٿئي ها. هاڻي جيڪڏهن اهو وقت واپس اچي ته جيڪر مان اڃان به وڌيڪ سٺي ٽيچر ۽ سوشل ورڪر ٿيان. پر اهو وقت ۽ موقعو گذري ويو آهي .

ان زماني جو هڪڙو واقعو اڄ به ياد اچي ٿو ته ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. ٿيو ائين جو هر  سال سالياني انسپيڪشن ٿيندي هئي. جنهن ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پنهنجي ٽيم سان اچي ڪلاس ۾ ٻارن کان سوال ڪندا هئا ۽ جنهن سبجيڪٽ جي باري ۾ ٻارن کي پڙهائي نه ڪرايل هوندي هئي ته ٻار به ان سبجيڪٽ جي باري ۾ پڇيل سوالن جا گهڻو ڪري جواب نه ڏئي سگهندا هئا. ائين جواب نه ملڻ تي پوءِ ميٽنگ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ان ٽيچر کي ڪافي “عزت” بخشيندو هو. اهڙي ئي هڪ موقعي تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن هڪ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کان پڇيو ته تنهنجي سبجيڪٽ جي ٻارن کي ڪجهه به نٿو اچي، نيٺ ائين ڇو آهي؟ ته ان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٽيچر چيو هو ته ٻارن جو بنياد مضبوط ڪونهي. نيٺ هنن ڇوڪرين کي اسين يارهين ۽ ٻارهين جو نصاب ڪيئن پڙهايون، جڏهن ته هنن کي نائين ۽ ڏهين جو نصاب به نه ٿو اچي. تنهن تي ڊائريڪٽر وراڻيو ته ڪالهه مان نائين ۽ ڏهين درجي واري اسڪول جي به انسپيڪشن ڪري آيو آهيان ته اتي به ماسترياڻين چيو ته ٻارن کي 5 تائين جو به ڪو نه ٿو اچي ته اڳتي ڪيئن پڙهايون! ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته ٽيون ڏينهن مان پرائمري اسڪول ويو هئس ۽ اتي پهرين کان پنجين تائين ٻارن تائين سان به مليس انهن کي به ڪجهه ڪو نه پئي آيو ته ماسترن کان پڇيم ته نيٺ ائين ڇو آهي ته ماسترن مون کي چيو ته “سائين نڀاڳا آهن، پڙهن ئي ڪونه ٿا ته اسين ڀلا پڙهائي گهوٽي ته کين پياري نٿا سگهون نه!

مونکي خبر ناهي ته ان تباهي ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي، مسڪين ماسترن ۽ مسڪين ماسترياڻين جو آهي، مسڪين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو آهي، مسڪين مائٽن جو آهي يا هتان جي مسڪين نظام ۽ طريقيڪار جو. مسئلو نيٺ ڪٿي آهي؟ غريب ٽيچرن جو جيڪي سڄو سال ٻارن کي ماري ماري دنبو ڪرڻ ۾ مصروف ۽ مشغول آهن ڏوهه انهن جو آهي  يا ڏوهه انهن مسڪين ٻارن جو آهي، جيڪي اسڪول اچن ته پڙهڻ لاءِ ٿا پر روز ڍوءَ تي مار کائين ٿا. ڏوهي ڪير به ڪونهي ته پوءِ نيٺ ڏوهه ثواب ڪنهن تي وجهجي. مان ڪا ايڏي ڏاهي ۽ قابل ناهيان جو اصل مسئلي جي جڙ تائين پهچي سگهان ۽ نه ئي مون ۾ ڪو ايترو شعور آهي جو اهو ٻڌائي سگهان ته هر معاملي ۾ نيٺ اسان جي ڪارڪردگي ٻڙي برابر ٻڙي ڇو آهي؟ هاڻي ته ماروي ملير جي شهيد راڻي بينظير به ڪو نه رهي آهي، جيڪا هر دفعي اسان مٿان ايندڙ ۽ نازل ٿيندڙ تاريخي حادثن کي روڪڻ لاءِ مارئي جي پڪار بڻجي اسان جي مدد لاءِ ايندي هئي. مان ته جنم جنم جي اتاولي آهيان، مون کي ڪهڙي خبر ته ورهين کان اُڃايل هن ديس ۾ نواڻ جي راهه يا ڪيفيتي تبديلي ڪيئن ايندي؟ ان باري ۾ هن ڏيهه جا ڏها ۽ ديس جا داناءَ جيڪي تاريخ جا سبق پڙهيو ويٺا آهن سي ئي هن گهوٽالي جو ڪو حل ٻڌائين ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Sunday, April 18th, 2010


ڇا سايون اکيون ”بيوفا“ هجن ٿيون؟

سايون اکيون ”بيوفا“ هجن ٿيون؟
ارمغان فياض

ڪجهه ڳالهيون اسان جي دماغن ۾ سدائين کان آهن پر وقت ثابت ڪيو آهي ته انهن مان سڀ جون سڀ سئو سيڪڙو صحيح ڪو نه آهن. مثال طور مان لاڳيتو ٻڌندي اچان پئي ته گرين آئيز (سائي اکين) وارا ماڻهو بي وفا هوندا آهن. اتفاق چئجي يا قسمت ته منهنجي شادي جنهن شخص سان ٿي، اهو به هڪ گرين آئيز وارو انسان آهي. پر ڇا مان سڄي زندگي اهو سوچي تيل ڪري ڇڏيان ها ته فياض ضرور بيوفا هوندو. ڇو جو موقعو مون وٽ هو ته يا ته شڪ جي ٻوٽي کي پاڻي ڏئي وڻ ٺاهيان ها يا سڪون سان پنهنجي زندگي گذاريان. سو مان ٻي ڳالهه تي عمل ڪندي فياض سان نڀايان پئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اسين گڏ آهيون، ڇو جو فياض ڏاڍو مسڪين انسان آهي ۽ هن مون سان تمام گهڻو نڀايو آهي.

ڪاري اکين جي ڀيٽ ۾ سائي اکين وارا ماڻهو تمام گهٽ آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪي ساين اکين وارا بي وفا به هجن، پر ڇا اهو انصاف هوندو ته جنهن به شخص جون سايون اکيون ڏسون  ان تي شڪ ڪندي ان جي لاءِ موقعا گهٽائي ڇڏيون. منهنجي هڪ ڀيڻ جي ساهرن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو وهانءُ  (شادي) رڳو ان ڪري نه ٿي سگهي جو هن جون اکيون بلور جهڙيون سايون هيون. توڻي جو ڇوڪري پياري ۽ سگهڙ آهي، پر مائٽن جي گهر ۾ هن جي عمر 50  سال ٿي وئي آهي، سبب رڳو اهو آهي ته سندس اکيون سايون آهن. ان نياڻي سان ايڏي وڏي ناانصافيءَ تي دل چئي ٿي ته ڏنڊو کڻجي، پر بهتر آهي ته قلم ئي کڻان. ڇو جو ڏنڊو ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي کڻي سگهنديس. هتي ته سڄو جو سڄو معاشرو ئي ويساهه وسوڙيل آهي ۽ ماڻهو مختلف آفيسن جي جهنگل ۾ دربدر رُلندي ڪامورن جون آنڪيون ڀرڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن. تنهنڪري تبديلي ايندي ايندي به وقت لڳندو. صدين کانپوءِ جڏهن ڪا تبديلي اچي، تيستائين ته ڪيتريون ئي قيمتي زندگيون وقت جي ٻليدان تي چڙهي وڃن ٿيون.

ڪئناڊا ۾ چوڌاري جيڪي ماڻهو آهن اهي گورا انگريز آهن ۽ انهن مان گهڻن جو اکيون نيريون، سايون وغيره آهن ته ڇا پوءِ اهي سڀ بي وفا آهن. توڻي جو هنن جو معاشرو کليل ۽ آزاد آهي، پر پوءِ به اهي هروڀرو هڪٻئي سان بي وفائي نٿا ڪن. باقي رشتن ۾ گهٽ وڌايون ۽ مسئلا ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي.

اهو ته سڀ قدرت جو معاملو آهي ته ڪنهن جون اکيون سايون آهن، ڪنهن جون نيريون ته ڪنهن جو ڪاريون. اهو ته قدرت واري تي آهي ته جنهن کي چاهي جهڙيون اکيون ڏئي. مان پاڻ ماشا الله ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ توهان کي هي ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته مون کي تمام گهڻو شوق هو ته منهنجي ٻارن جو اکيون سايون ٿين، پر مان دل سان چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهيس ڇو جو ٻنهي ٻارن جون اکيون پيءُ تي وڃڻ بدران مون تي ويون آهن. نه رڳو اهو پر مون کي ڏاڍو شوق هو ته منهنجو پهريون ٻار پُٽ ٿئي. ڇو جو اسان پاڻ ۾ چار ڀينرون آهيون ۽ ڀاءُ رَب ڏنو ڪو نه. تنهنڪري پنهنجي رب کان پٽ گهرندي رهيس ۽ رب سائين منهنجي اها خواهش پوري ڪئي ۽ ماشا الله سان منهنجو پٽ اڄ نه رڳو سهڻو ۽ صحتمند نوجوان آهي پر ڏاڍو قابل ۽ محنتي پڻ آهي.

معاف ڪجئو، ڳالهه الائي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وئي. ته مون پئي چيم ته پنهنجي طرفان اهڙيون ڳالهيون نه چوڻ گهرجن،  ڇو جو اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ سان اسين نه رڳو ٻين جي دل رنجايون ٿا پر معاشري جي مسئلن ۾ پڻ واڌارو ڪيون ٿا.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Tuesday,  April 06, 2010


ڪو غم دل تي کڻڻو ناهي

ڪو غم دل تي کڻڻو ناهي

ارمغان فياض

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو هينڊسم، کِلڻو ۽ ٻين کان نيارو انسان پهريون ڀيرو ڏٺم ۽ اهو موقعو مون کي اسان جي آفيس پارآن هڪ ٽريننگ دوران مليو. اصل ۾ اسان جو ڊپارٽمينٽ اسان کي اها ٽريننگ اسان جي ذهنن ۾ ”آٽزم“ ۽ ”ايسپرگر“ جي باري ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڏياري رهيو آهي. ان ٽريننگ دوران اسان ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪيئن نه ”آٽزم“ ۽ ”ايسبرگر“ يا ”ايسپرگر“ ۾ ورتل انسان ٻين کان مختلف ٿين ٿا. اهي ڪامپليڪس نيورولاجيڪل ۽ نيروٽِپيڪل هئڻ سبب سماجي اُٿ ويهه ۾ ٻين کان مختلف ٿين ٿا. انتهائي ڏاها هوندي به شين کي بليڪ ۽ وائيٽ يا ائين کڻي چوان ته ڏاڍي سادي انداز ۾ ڏسڻ سبب ”ها“ يا ”نه“ ۾ فيصلو ڪن ٿا. اسان جي دنيا نه رڳو ڏسڻ ۾ پر اصل ۾ به ان جا مسئلا ۽ معاملا ملٽي ڊائمينشنل يا اُفڪي ۽ عمودي يا ائين کڻي چئون ته گهڻ رخا ۽ گهڻ تحا آهن ۽ ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالهه تي به جيڪڏهن غور ڪجي ته پوءِ اها ايتري سادي نه هوندي آهي بلڪه ان جا به هزارين فيڪٽر، رخ پاسا ۽ تشبيهون ٿي سگهن ٿيون. تڏهن ئي ته چون ٿا ته اصل ۾ حقيقت کان وڌيڪ انٽرپريٽيشنز يا تشبيهون اهم ٿين ٿيون. اهڙا انسان باقاعدي پنهنجي رمز وارا ٿين ٿا، ۽ پِرڊڪٽيبل ڪو نه هوندا آهن، ترتيب پسند نٿا ڪن، گوڙ پسند نٿا ڪن، اسڪول ۾ ڪاميابي نٿا ماڻين، پنهنجي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا ۽ پاڻ کانسواءِ ٻين جي باري ۾ گهٽ فڪرمند ٿين ٿا، وغيره وغيره. خدا جو هي جهان بحر بيڪران زمانن کان وسي ۽ ورسي پيو ۽ خدا جنهن کي جهڙو پيدا ڪيو آهي، انهن مان هر ڪنهن کي جيئڻ جو حق جاصل آهي. پر جيئن ته اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن اهم معاملا ڏنا وڃن ته پوءِ اهي پنهنجي بليڪ اينڊ وائيٽ سوچ ۽ انداز موجب انهن کي هلائي سماج ۽ ان جي مختلف ادارن کي فائدي بدران نقصان پهچائي سگهن ٿا. اهڙن انسانن کي ڊِيل ڪيئن ڪجي، هنن جي ڳالهه ۽ رمز کي ڪيئن سمجهجي ان حوالي سان ئي اسان جي ٽريننگ هئي. ٽريننگ يا تربيت دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته اڳتي هلي اسان کي آٽسٽڪ اسپيڪٽرم ۽ ايسبرگر سينڊروم ۾ مبتلا فردن سان ملايو ويندو.

نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو ۽ اڄ اهو هينڊسم ۽ ٻين کان نيارو انسان اسان جي سامهون هو ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيائين ۽ اسان سڀ وات ڦاڙي سندس ڳالهيون ٻڌڻ لڳيون سين. جيئن مان مٿي بيان ڪري چڪي آهيان ته اهو هڪ 26 سالن جو کِلڻو ۽ صحتمند نوجوان هو. سڀني کي ”هيلو“ چئي پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ پوءِ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيائين ته ڪيئن نه هن اسڪول ۾ وقت گذايو ۽ هن کي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڏکيايون ڏسڻيون پيون آهن. هن جي ٻڌايل ڳالهين جو تت هي آهي ته؛ ”هو اسڪول ۾ لاڳيتو فيل ٿيندو رهيو، هن کي اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي ته ٽيچر يا استاد کانئس ناراض ڇو ٿا رهن، پر هن کي ساڳي وقت ان ڳالهه جي پرواهه به نه هئي ته ڪير هن جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي ۽ اهو به ته هي سدائين ماڻهن کي منهن تي سڌو جواب وغيره ڏيئي ٿو.“

مان جيڪا سنڌ ڄائي آهيان سا وات پٽي سندس ڳالهيون ٻڌندي رهيس ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس بلڪه ياد آيو ته آئون پاڻ به اهڙن گهڻن ئي ماڻهن کي سڃاڻان ٿي جن ۾ اهي سڀ گڻ يا الائي اَوگڻ موجود آهن، جيڪي هن نوجوان ۾ آهن. بلڪه سچ چوان ته هن نوجوان ۾ موجود اهي سڀ خوبيون مون ۾ به آهن. ترتيب مون کي ڪو نه اچي، آرگنائيز مان ڪو نه آهيان، ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾ گذاريل ڏينهن نه پڇو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو ، ڪپڙا ڪِليءَ ۾يا هينگر ۾ ٽنگڻ بدران در تي ٽنگيندي آهيان، بي وقتائتو سمهندي آهيان ۽ بي وقتائتو جاڳندي آهيان، نوڪري مجبوريءَ وچان ڪيان ٿي باقي گوڙ شايد رڳو مونکي ئي نه پر سڀني کي ئي ڪو نه وڻي ٿو.

خير اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ”آٽسٽڪ“ ٻار يا فرد جن ۾ اهو سنڊروم آهي اهي ڪافي ڏکيا ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جو ڌيان نه ڪيو وڃي ته پوءِ اهي ڏاڍي ڏکيائي سان زندگي گذارين ٿا. غور ڪجي ته پوءِ انهن جي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق نظر اچي ٿو. اسان جي ٽريننگ دوران ٻيون ڇا سوچي رهيون هيون، اها ته مونکي خبر ناهي، پر مان جيئن ته سنڌ ڄائي آهيان، تنهنڪري سڄو وقت مان ان نوجوان کي شڪ گاڏڙ حيرت مان ڏسندي رهيس ۽ هن جي هر ڳالهه تي دل ۾ چوندي رهيس ته اهڙي ته مان به آهيان، هو ڪڏهن به سٺيون مارڪون کڻي پاس نه ٿيو ۽ مان به پڙهائي مائٽن جي مجبور ڪرڻ تي ۽ ماسترياڻين جي مار جي ڊپ کان ڪندي هيس، نه ته مون کي به انهن جي پرواهه نه هجي ها. هن کي ڪپڙا الماري ۾ رکڻ پسند نه آهي ۽ ڪپڙا لاهي دوازي تي ٽنگڻ پسند ڪري ٿو، جيڪا هن جي خيال ۾ وڏي ايبنارملٽي يا اَوگڻ آهي. جيئن ته کيس ”ايسپرگر سِنڊروم“ آهي، تنهنڪري اهو سرڪاري وظيفي تي آهي ۽ هن کي ڪنهن جي غلامي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي ۽ هو ان ڳالهه تي خوش آهي. ڇو ته هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪڙو ئي اصول ٺاهي ڇڏيو آهي ته سدائين خوش رهڻو آهي، ۽ ڪو غم دل تي کڻڻو ناهي ۽ پريشاني کڻڻ جو ته ڪو سوال ئي ناهي.

هن لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ پنهنجي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو، سندس ٻڌائڻ جو انداز ڏاڍو وڻندڙ ۽ پُر اَسر هو، وچ وچ ۾ مذاق وارو انداز به اختيار ڪندو رهيو، لطيفا به ٻڌائيندو رهيو ۽ اّخر ۾ اسان کي ٿينڪ يو چيائين ته اسان سندس ڳالهيون ڏاڍي غور ۽ توجه سان ٻڌيون ۽ هليو ويو ۽ مان پنهنجي وطن جي محروم ٻارن، نياڻين ۽ نوجوانن جي باري ۾ سوچيندي ئي رهجي ويس.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Friday, April 2, 2010


سيٽلائيٽ

سيٽلائيٽ

ارمغان فياض

چون ٿا ته ”اکيون ٻه ئي چڱيون آهن، انهن کي چار نه ڪيو“. پر جيڪڏهن ڪير  چار ڪري ٿو ته پوءِ ان جو حشر اهو ٿئي ٿو جهڙو منهنجو ٿيو آهي. توڻي جو ان ڳالهه ۾ مونکي ذرو به شڪ ناهي ته فياض سان جوانيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڇوڪرين محبت ڪئي هوندي، ڇو جو فياض هو ئي اهڙو جو ڏسڻ ساڻ ئي ڇوڪريون سندس مٿان موهجي وينديون هيون. پر جيئن چون ٿا ته اصل ۾ رشتا آسمانن ۾ ٺهن ٿا سو ائين فياض سان منهنجي ئي شادي ٿي.

فياض سان شاديءَ کانپوءِ خبر پئي ته فياض وري ڪنهن ٻئي سان محبت ڪري ٿو ۽ ان هستي جو نالو آهي سنڌ  اَمڙ. پنهنجي ڌرتي ماتا سان فياض جي اها محبت آئون پهرين ڏينهن کان ڏسان پئي ۽ برداشت ڪيان پئي. ڇو جو مون وري محبت فياض سان ڪئي آهي.فياض جي اهميت جو احساس مونکي اڃان به وڌيڪ تڏهن ٿيو جڏهن تازو فياض سنڌ آيو هو ۽ آئون پٺيان ڪئناڊا ۾ اڪيلي رهجي ويس. فياض اڃان جهاز ۾ ئي هو ته پٺيان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آئون ڏهه فونون ڪري چڪي هيس. منهنجي لاءِ سڀ ٺيڪ هو جيستائين فياض سان هتي پهچڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه نٿي هئي. هاڻي جڏهن مون وري فون ڪيو ته فياض جي وڏي ڀاءُ ادا محبوب ٻڌايو ته فياض خيرن سان پهچي چڪو آهي ۽ هي  وٺو فياض سان ڳالهايو.

فياض پنهنجي خيريت سان پهچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ ٻڌايو ته هتي روڊن ۽ رستن تي ڪو اصول ۽ قانون ڪونهي ۽ هر ماڻهوءَ جي سيفٽي رسڪ تي آهي. فياض ته مزي سان اها ڳالهه ڪري ڇڏي، پر ان ڳالهه منهنجي کوپڙيءَ جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون. ڇو جو آئون فياض جي سلامتي لاءِ پريشان ٿي ويس. اصل ۾ فياض جيڪا ڳالهه پهچڻ شرط ڪئي هئي اهو فياض جو فرسٽ امپريشن (پهريون تاثر) هو پوءِ جلد ئي فياض سنڌ جي ماحول ۾ رُلي ملي ويو جو نيٺ هن مٽيءَ جو خمير آهي ۽ اندازو لڳائي ويو ته سنڌ اُتي ئي آهي جتي ڇڏي ويو هو. پر فياض جي هتي پهچڻ کانپوءِ  چيل ڳالهه ته ”هتي هر ماڻهو جي سيفٽي رسڪ تي آهي.“  تي ڄڻڪ منهنجي سُئي اَٽڪي بيهي رهي.

اصل ۾ منهنجي ذهني بيهڪ اهڙي آهي جو آئون فياض جي برخلاف مذهبي خيال رکندڙ عورت آهيان ۽ مونکي قرآن پاڪ جي ورد، دعائن ۽ وظيفن سان ئي سڪون ملي ٿو ۽ فياض جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي دعائن ۽ وظيفن ۾ اهڙي ته تيزي آئي جو انهن جي ڀيٽ ۾ تيزگام به ڇا تيز هلندي هوندي! نه رڳو اهو بلڪه آئون ڏاڍي وهمي پڻ آهيان. سو فياض جي غير موجودگيءَ ۾ جي فون جي به گهنٽي وڄي ته چوان ”يا الله خير“، ٻار ڪا فرمائش ڪن ته کين چوان ته “بابا ايندو ته پوءِ ڏسنداسين.” ائين مون ڄڻڪ فياض جي اچڻ تائين وقت کي بيهاري ڇڏيو هو.

روز صبح کان شام تائين فياض جو فون تي تعاقب ڪندي هيس. توڻي جو حيدرآباد پهچڻ کانپوءِ فياض وٽ الڳ سان موبائل فون نمبر هو، پر فياض مونکي نه ٻڌايو ته اجايو تنگ ڪندي، پر پوءِ فياض جتي هجي اُتي آئون کيس ڳولهي لهان، ڇو جو اڄڪلهه هر ڪنهن وٽ موبائل فون آهي سو فياض ڪٿي به پهچي ان کان پهرين ئي موبائل فون جي ذريعي آئون اُتي پهچي ٿي ويس. ڇو جو منهنجي کوپڙي جي سُئي فياض جي چيل ڳالهه تي اَٽڪي پئي هئي ته ”هتي ڪنهن  جي به سيفٽي (حفاظت) ڪونهي.“ پوءِ ته فياض مونکي گهڻو ئي سمجهايو ته ”هتي سڀ ٺيڪ آهي.“  ”سڀ خيريت آهي“ يا ”پنهنجي وطن ۾صفا شيهنءُ پيو محسوس ڪيان.“ ۽ پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن بيزار ٿي چيائين ته ڀلا آئون آسمان مان ته لهي ڪو نه آيو آهيان، جيئن ٻين ڪروڙين ماڻهن جو الله مالڪ آهي، تيئن منهنجو به الله مالڪ آهي. پر منهنجي کوپڙي جي سُئي جتي آٽڪي هئي اُتي ئي اٽڪيل رهي ۽ سٽلائيٽ بڻجي فياض جو جيئڻ جنجال ڪندي رهيس. فياض مونکي  گهڻو ئي چيو ته هتي پنهنجن ۾ آهيان ۽ هتي ڪئناڊا کان وڌيڪ انجواءِ ڪري رهيو آهيان،  پر آئون لاڳيتو پريشان رهيس ۽ منهنجو اهو خلل تيستائين نه لٿو جيستائين فياض ڪئناڊا موٽي نه آيو.

هي سڄو ڪالم پڙهڻ کانپوءِ توهان جي دل ۾ ضرور فياض لاءِ همدردي پيدا ٿي هوندي. ان ڳالهه جي مونکي اڳم ئي خبر آهي ڇو جو منهنجون حرڪتون ئي بيزار ڪرڻ جهڙيون آهن پر آئون  به ڇا ڪيان خدا مون کي جهڙو پيدا ڪيو آهي مان تهڙي ئي آهيان.

arma_s2007@yahoo.com

Courtesy: Sindhi daily Ibrat, Frriday, March  19, 2010,


مٺائي

افسوس ۽ غم واري مٺائي
ارمغان فياض

ڪئين سال پهرين ڪئناڊا پهچڻ کانپوءِ مون پهريون ڪم اهو ڪيو هو ته معلوم ڪيو هيم ته ڇا ڪئناڊا ۾ مٺائيءَ جا دوڪان آهن؟ ڪٿي آهن؟ ۽ ڪيترو پري آهن؟ ڇو جو آئون مٺائي تمام گهڻي ۽ ڏاڍي شوق سان کائيندي آهيان. مونکي خبر آهي ته مٺائي صحت لاءِ سٺي ناهي، پر پوءِ به مان مٺائي کائيندي آهيان. ڪنهن ڳالهه جو غم هوندو آهي ته اڃان وڌيڪ مٺائي کائيندي آهيان، ڇو جو غم غلط ڪرڻو هوندو آهي. خوشيءَ ۾ ته مٺائي کائڻي ئي هوندي آهي، ڇو جو خوشيءَ جو موقعو ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي. پر جيڪڏهن خوشي ۽ ڏک مان ڪو به احساس نه هوندو آهي ته به مٺائي کائيندي آهيان، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن مٺائي کائڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

پر اڄڪلهه مان فياض جي ايڪسرسائيز مشين (ٽريڊ مِل) جي خراب ٿي وڃڻ جي غم ۾ مٺائي کائي رهي آهيان. ڇو جو اها ٽريڊ مِل مون فياض کي گفٽ ڪئي ۽ هڪ هزار ڊالر يعني لڳ ڀڳ 80 هزار رپين جي هئي. جيڪڏهن اها مشين پنهنجي عمر پوري ڪري خراب ٿئي ها يا فياض جي هٿان خراب ٿئي ها ته پوءِ شايد مونکي ڏک نه ٿئي ها. پر افسوس هن ڳالهه جو آهي ته ڪئناڊا ۾ رهڻ جي باوجود اسان جا ديسي خاندان پنهنجي ٻارن کي اها ڳالهه نٿا سمجهائين ته ڪهڙي شئي رانديڪو آهي ۽ ڪهڙي شئي رانديڪو نه آهي.. ڇو جو منهنجي اکين جي سامهون فياض جي ڄاڻ وارن ٻارن پنهنجي ماءُ پيءُ جي موجودگيءَ ۾  ان ٽريڊ مِل جي ڪمپيوٽرائيز پروگرامنگ  يا ڊيجيٽل بٽڻن جا ايڏو ته بيدرديءَ سان انچر پنچر ڍرا ڪيا جو ميڪنيڪليءَ  مشين ٺيڪ هوندي به ان جي ڪمپيوٽرائز پروگرامنگ خراب  ٿيڻ سبب اها هلڻ کان نابري واري ويٺي آهي. شاباش هجي ٻارن جي ماءُ پيءُ کي جو مشين کي خراب ڪرڻ جو اهو دل ڏاريندڙ منظر ڏسندي به خوش ٿي رهيا هئا.  ڪئناڊا ۾ ليبر مهانگو آهي انڪري ڪا به شئي خراب ٿئي ٿي ته پوءِ ان کي ٺهرائڻ کان وڌيڪ فائدو ان ۾ آهي ته ان شئي کي ڦٽي ڪري ڇڏجي.

ڪئناڊا ڏاڍو ٿڌو ملڪ آهي. ائين ڪونهي، جيئن حيدرآباد ۾ فياض ڊگهي واڪ ڪري ايندو هو.. شام جو گهران نڪرندو هو ۽ رات جو واپس ايندو هو ۽  ائين فياض جي ايڪسرسائيز ٿي ويندي هئي. ڪئناڊا ۾ ڪڏهن ڪاٽو 10، ته ڪڏهن ڪاٽو 20 ته ڪڏهن ڪاٽو 30 ٽيمپريچر ٿئي ٿو. اهڙي صورت ۾ گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهجي. تنهنڪري ايڪسرسائيز مشين ضروري آهي. پر  جڏهن کان ايڪسرسائيز مشين (ٽريڊ مِل) خراب ٿي آهي، فياض ڏاڍو خوش آهي ته چڱو ٿيو جو خراب ٿي جو سندس ايڪسرسائيز ڪرڻ مان جان ڇٽي پئي آهي. بلڪ اصل ۾ ته فياض انهن ٻارن جو ٿورائتو آهي، جيڪي اسان جي گهر آيا ۽ ان مشين کي خراب ڪري ويا. هاڻي ته فياض ماڳهين شينهن ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن مان وري به اهڙي مشين وٺي آيس جنهن جي ڪري فياض کي روزانو محنت ڪرڻي پوي ته اهو وري انهن فرشتن جهڙن ٻارن کي وٺي ايندو، جيڪي اچي سندس ان بلا مان جان ڇڏائيندا. تڏهن ته مان به چوان ته جڏهن ٻار بيدرديءَ سان ان مشين کي خراب ڪري رهيا هئا ۽ منهنجي ڇهين حسَ مون کي چئي رهي هئي ته هي ٻار  هن مشين کي خراب ڪري ئي دم وٺندا ۽ اها ڳالهه مان ٻارن کي چوڻ واري به هئس، پر فياض چيو ته ٻار آهن، انهن کي ڪجهه نه چئو، هي گلن ۽ پوپٽن جهڙا ٻار آهن، هنن جي حرڪت ۾ برڪت آهي ۽ مشين کي ڪجهه ڪو نه  ٿيندو. هاڻي جڏهن فياض کي چيم ته تو پئي چيو ته مشين خراب ڪو نه ٿيندي، پر مونکي کي جيڪو خدشو هو سو صحيح ثابت ٿيو ته فياض مونکي چيو ته، هي ٻار اسان جو مستقبل آهن. اڄ هي جيڪڏهن ڊاهڻ نه سکندا ته سڀاڻي ٺاهڻ وري ڪيئن سکندا. دنيا ۾ بقا رڳو فنا کي حاصل آهي. ان ۾ به قدرت جي ڪا چڱائي هوندي. ائين شيون ٽٽن، ڀڄن، ڀرن ۽ خراب نه ٿين ته پوءِ هي دوڪان ۽ فيڪٽريون ڪيئن هلن. انهن دوڪانن ۽ فيڪٽرين سان هزارين لکين انسانن جو رزق لاڳاپيل آهي ۽ قدرت ڪيليءَ کي ڪَڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ پهچائڻ جو بندوبست پنهنجي حساب سان ڪندي رهي ٿي. الله سائين فياض کي برداشت يا سهپ ڏاڍي ڏني آهي. لڳ ڀڳ سال پهرين مون کي احساس ٿيو ته ڪئناڊا ۾ مٺائي ڏاڍي مهانگي ملي ٿي. تنهنڪري ڇو نه اها ساڳي مٺائي آئون گهر ۾ ئي ٺاهيان.  توڻي جو فياض پاڻ مٺائي چکيندو به ناهي ۽ مذاق مان چوندو آهي ته منهنجي اندر ۾ ئي ايترو مٺاڻ آهي جو مونکي مٺائي کائڻ جي ضرورت ئي ناهي.

فياض گهر ۾ مٺائي ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته توکان مٺائي سٺي ڪو نه ٺهندي، تنهنڪري تون دوڪان تان ئي مٺائي وٺي کاءُ.. پر جيئن ته منهنجي طبعيت ضدي آهي، تنهنڪري فياض جي ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي بدران گهر ۾ مٺائي ٺاهڻ جي ڪم کي لڳي ويس، روزانو  مٺائي ٺاهيندي هيس پر سٺي نه ٺهڻ سبب فرج ۾ رکي ڇڏيندي هيس. ائين 10 ڏينهن تائين لاڳيتو ڏهاڙي  مٺائي ٺاهيندي رهيس پر سٺي نه ٺهڻ سبب، کائڻ کانسواءِ ئي فرج ۾ رکي ڇڏيندي هُيس. نيٺ ڏهين ڏينهن فياض مون کان پڇيو ته هي فرج مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيان ته مون چيو ها ۽ پوءِ فياض منهنجون ٺاهيل سڀ مٺايون خاموشيءَ سان ڪڍي اڇلائي ڇڏيون. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن وري گهر ۾ مٺائي ٺاهڻ جو جوش نه چڙهيو آهي. ائين روزانو مونکي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جو جوش چڙهندو آهي ۽ ڪو نه ڪو نقصان ڪندي رهندي آهيان ۽ فياض خاموشيءَ سان اهي نقصان ڀرڻ کان پوءِ به خوش رهي ٿو ۽ مان پنهنجي ڪيل نقصانن جي ڏک، افسوس ۽ غم ۾ دوڪان تان مٺائي وٺي کائيندي رهان ٿي.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Tuesday, Feb 19, 2010


پرابلم ڪٿي آهي؟

پرابلم ڪٿي آهي؟
ارمغان فياض

هي ڪالم لکڻ کان پهريائين ئي مان معذرت ڪيان ٿي ته مونکي سياست جي باري ۾ بلڪل به ڄاڻ ناهي، سياست جي باري ۾ مون کي رڳو ايتري خبر هئي ته ووٽ بينظير جي تير کي ڏيڻو آهي. ان کان وڌيڪ مون کي سياست جي سمجهه  نه هئي ۽ نه ئي سياست جي وڌيڪ سمجهه اچي سگهي آهي.. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان حوالي کان لکڻ منهنجي لاءِ محال آهي. مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته ڪئناڊا ۾ پاڪستان ۽ هندوستان کان هجرت ڪري ويل شهري هڪٻئي کي  ”ديسي“ چون ٿا. هتي ڀلي ته هندوستان ۽ پاڪستان پاڻ کي ٻه دشمن ملڪ سمجهن،  پر ڪئناڊا ۾ وري ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي کي دوستن ۽ ڀائرن وانگر سمجهن ٿا. انهن ٻنهي ملڪن مان آيل شهرين جون عادتون، ٻوليون، لباس، رهڻ جو رنگ ڍنگ ۽ انداز صفا هڪ جهڙو آهي. نه رڳو اهو بلڪ ڪئناڊا جي ٻين باشندن لاءِ به هندوستاني ۽ پاڪستاني ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي. اهي هندوستان، پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي باشندن کي گڏيل انداز ۾ سائوٿ ايشين سڏين ٿا.

ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو کي ڏسون ته پوءِ شايد لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آبادي سائوٿ ايشينز يا ايئن کڻي چئون ته ديسين جي آهي. اها ئي آبادي آهي، جيڪا اصل ۾ ڪئناڊا کي هلائي ٿي. ان حوالي سان آئون جڏهن سوچيان ٿي ته پوءِ عجب وچان حيران ٿي وڃان ٿي. ڇو جو اهي ساڳيا ماڻهو جڏهن ڪئناڊا کي ترقي وٺائي سگهن ٿا ته پوءِ نيٺ پنهنجي ملڪ کي صحيح طريقي سان ڇو نٿا هلائي سگهن. اُتي ٽورانٽو ۾ فيڪٽري چاهي ڪهڙي به هجي، پر ان کي اصل ۾ ديسي ئي هلائي رهيا آهن ۽ انهن ڪم ڪندڙ ديسين ۾ برابر جي تعداد ۾ عورتون به ڪم ڪن ٿيون. اتي ڪنهن جو به زور ۽ ڏاڍائي ڪنهن تي نٿي هلي. ڊيوٽي آورز جي حساب سان ٿئي ٿي. امن امان اهڙو آهي جو رات جو دير سان ڊيوٽي تان واپس ايندڙ عورتون مزي سان سنسان روڊن ۽ رستن تان اڪيليون لنگهي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن پيون وينديون آهن، پر ڪنهن جي مجال ناهي جو اَک کڻي به کين ڏسي، باقي مرضي سان جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان تي ڪا جهل پل ناهي. هرڪو محنت سان ڪم ڪري ٿو ۽ پوءِ مزي سان زندگي گذاري ٿو.

اسان کي ڪئناڊا ۾ رهندي ڪيترائي سال ٿي ويا  آهن، پر ڪنهن به ڪم لاءِ ڪڏهن ٽَڪو به رشوت ڏيڻ جي ضرورت پيش نه ئي آهي. سڀ ڪم پنهنجو پاڻ ئي پنهنجي طريقيڪار موجب ٿي وڃن ٿا. ڪنهن جي سفارش، ڪنهن جي چاپلوسي ۽ ڪنهن جي ڪاڻَ ڪڍڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان ڪري زندگي پنهنجي مرضي سان ۽ سڪون سان گذري ٿي، . مان جڏهن ڪئناڊا کي ڏسان ٿي ته لڳي ٿو ته ڪئناڊا ڄڻڪ ”ديسي“ ئي هلائي رهيا آهن . پر هتي پنهنجي ديس ۾ ڏسان ٿي ته پوءِ حيران ٿيان ٿي ته اسان وٽ ڪو به ڪم ڍنگ سان نٿو ٿئي. رڳو جهيڙا جهٽا لڳايو ويٺا آهيون. هڪٻئي کي سهڻ لاءِ تيار ناهيون. پر ڪئناڊا ۾ سڀ گڏجي ڏاڍي امن امان سان رهون ٿا. ان جو سبب شايد اهو آهي ته اتي هر ڳالهه لاءِ هڪ پورو ۽ مڪمل نظام ٺهيل آهي. شايد ٺهيل ٺهڪيل نظام جو حصو ٿيڻ سولو آهي، پر سسٽم ٺاهڻ ڏکيو آهي. هتي منهنجو مطلب اهو ڪونهي ته پنهنجي ملڪ جو نظام ڪنهن ٻئي ملڪ کان ٺهرائجي. ڇو جو هڪ ته اهو بلڪل به ممڪن ڪونهي ٻيو ته هر ملڪ جو نظام ان ملڪ جي موسم، جاگرافي، ريتن رسمن، تجربن  ۽ تاريخ مان ارتقا ذريعي ٺهي ٿو. تنهنڪري هڪ ملڪ جو نظام ٻئي ملڪ تي لاڳو  نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ائين سوچڻ گهرجي ته ٻيو ڪير اچي اسان کي نظام ٺاهي ڏيندو. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ٻين جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.

دنيا جا مختلف ملڪ ۽ شهر هڪٻئي کان تمام گهڻو سکن ٿا. جيئن چين کي هانگ ڪانگ واپس مليو ته انهن هانگ ڪانگ کان تمام گهڻو سکيو، ڇو جو هانگ ڪانگ ڏاڍو اڳتي وڌيل ۽ ترقي ڪيل شهر هو. اڄ چين جي بينڪنگ سسٽم کان وٺي ٻين تمام گهڻين ڳالهين ۾ هانگ ڪانگ کان سکي تيزي سان ترقي ڏانهن قدم وڌائي رهيو آهي. پر ان جي ڀيٽ ۾ هن ملڪ جي غلط پاليسين سبب ڪو به ملڪ سائي رنگ جي پاسپورٽ کي ڏسي، ان کان ڊڄي ٿو ۽ ڪو به ملڪ ويزا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. تنهنڪري اسان جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر وڃي ٻين ملڪ ۽ شهرن جي ترقي ڏسي ۽ انهن جي تجربن مان سکڻ جي عمل ۾ گهڻي ڀاڱي رڪاوٽ پيدا ٿي چڪي آهي ۽ اهو عمل لڳ ڀڳ بند ٿي چڪو آهي. تنهنڪري شايد ترقي ڪرڻ جو عمل به تيزي سان نه وڌي سگهي. ڇو جو اڄ جي گلوبل وليج ۾ هڪٻئي سان تعلقاتن ۽ اچ وڃ کان سواءِ ترقي ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ٻه الڳ ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جي نظامن ۾ به فرق آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچم اڪثر اختلاف به ٿيندا رهن ٿا، پر ٻنهي ملڪن جي شهرين تي هڪٻئي جي ملڪ ۾ اچڻ وڃڻ تي ڪا به پابندي ناهي. ٽورانٽو کان نيويارڪ تائين ماڻهو ڪارن، بسن، ٽرينن، فيري سروس ۽ جهازن جي ذريعي ائين ايندا ۽ ويندا رهن ٿا،  ڄڻڪ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃي رهيا آهن.

اسان جي شهرن جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، پر  اسان اڃان تائين هڪٻئي سان پيار محبت ۽ امن امان سان رهڻ سکي نه سگهيا آهيون. شايد اصول ۽ قانون سڀني لاءِ برابر ڪونهي، شايد گوڊ گورننس (بهتر حڪمراني) جي کوٽ آهي، شايد دلين ۾ بغض ۽ بدنيتي آهي، شايد سماجي مساوات جي کوٽ آهي، پر  ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جي کوٽ ضرور آهي يا مرڳو سچائي جي کوٽ آهي. مون ڪالم جي شروع ۾ ئي عرض ڪيو هو ته جيئن ته مونکي سياست جي بلڪل به خبر نٿي پوي، تنهنڪري مون لاءِ اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته مسئلو يا پرابلم ڪٿي آهي؟

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Thursday, Feb 04, 2010


نيٺ ”ڇا ڄائو“؟

نيٺ ”ڇا ڄائو؟“
ارمغان فياض

هن کي چئبو آهي پنهنجي جُتي ۽ پنهنجو مٿو. ان ڳالهه جو  احساس مونکي تڏهن ٿيو، جڏهن هفتو پهرين اسان جي آفيس جي ميٽنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هڪڙي مينيجر جيڪا ميٽرنٽي موڪل تي ويل هئي، ان کي ٻار ڄائو آهي. اُتي ڪئناڊا ۾ ميٽرنٽي موڪل سال جي ملي ٿي. پوءِ ڀلي ڪا عورت اها موڪل 6 مهينا پهرين ۽ 6 مهينا ٻار ڄمڻ کان پوءِ وٺي، يا ٻار ڄمڻ کان هڪ ڏينهن پهرين يا ماڳهين پنهنجي موڪل ٻار ڄمڻ واري ڏينهن کان شروع ڪري، اها ان جي مرضي آهي. بلڪه اها به ان جي مرضي آهي ته اها ميٽرنٽي موڪل ڪجهه عرصو پاڻ ڪري ۽ باقي بچيل عرصو سندس مڙس يا ٻار جو پيءُ (بوائي فرينڊ) پنهنجي آفيس کان ڪري. اُتي هڪ سال جي ميٽرنٽي موڪل تي وڃڻ ٻار جي ماءُ ۽ پيءُ جو حق آهي. ميٽرنٽي موڪل تي وڃڻ کان پوءِ پوسٽنگ ٻئي کي ڪو نه ملي ٿي. تنهنڪري ان جاءِ تي ٽيمپرري يا ڪانٽريڪٽ ملازم يا ملازمه رکي وڃي ٿي  ۽ سال جي ميٽرنٽي موڪل ختم ٿيڻ کان پوءِ ميٽرنٽي موڪل وٺندڙ کي وري ساڳي جاءِ تي ئي پوسٽنگ ملي ٿي. مختصر اهو ته ساٿي مينيجر  ٻڌايو ته اسان سڀني گڏجي اڳم ئي  ڏاڍا ڪارآمد ۽ نفيس تحفا، جيڪي ٻار ۽ ماءُ کي ڪم اچي سگهن وٺي رکيا آهن. اسان کي رڳو انتظار  ٻار ڄمڻ جو هو. هاڻي اهو خوشخبريءَ جو ڏينهن اچي چڪو آهي، ڇو جو ميٽرنٽيءَ تي ويل مينيجر کي ٻار ڄمي چڪو آهي. ساٿي مينيجر  نئين ڄاول ٻار لاءِ “بيبي” جو لفظ استعمال ڪيو. اها خوشخبري ٻڌڻ شرط ميٽنگ دوران هڪڙي قسم جي خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. ائين جنهن مينيجر اها خوشخبري جي ڳالهه ٻڌائي هئي، ان کان ٻيون مينيجرون پڇڻ لڳيون ته ”بيبي” گهڻن پائونڊن جو آهي؟ ماءُ جي طبعيت ڪيئن آهي؟ ڇا واپس گهر هلي وئي يا اڃان اسپتال ۾ آهي؟ ماءُ کي ڪنهن شئي يا مدد جي ضرورت ته ڪونهي؟ وغيره وغيره. مان ان دوران لاڳيتو پريشان رهيس ڇو جو “بيبيءَ”  جي لفظ مان مون کي اها خبر نه پئجي رهي هئي ته ٻار “پٽُ” آهي يا “نياڻي”. جڏهن منهنجي ايڪسائٽمينٽ تمام گهڻي وڌي وئي ته مون پڇيم ته  نيٺ “ڇا ڄائو؟”، ”پٽ” يا ”ڌيءَ”!

منهنجو اهو سوال پڇڻ هو، ڄڻڪ ميٽنگ ۾ راڪاس گهمي ويو. صفا ماٺ ٿي وئي. پهرين ته سڀ حيرت مان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳيون. پوءِ جنهن مينيجر اها خوشخبري ٻڌائي هئي، تنهن ٻڌايو ته خوشيءَ ۾ مونکان اها ڳالهه پڇڻ وسري وئي. هونئن به ان ڳالهه سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته “بيبي گرل” آهي يا “بيبي بوائي” آهي! ايتري دير ۾ مونکي به احساس ٿيو ته هن موقعي تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي يا ڪنهن اجائي ڳالهه جي باري ۾. مونکي لڳو ته مون ڪئناڊا جهڙي مهذب معاشري ۾ ٻار جي جنس جي باري ۾ پڇي صحيح نه ڪيو آهي.

بهرحال ميٽنگ ۾ سڀ پلاننگ ڪرڻ لڳيون ته ڪيئنءَ ۽ ڪهڙي وقت ان ميٽرنٽي موڪل تي ويل مينيجر کي مبارڪون ۽ تحفا ڏيڻ وڃجي. ان دوران مان بظاهر انهن سان گڏ هُيس، پر ذهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃي چڪو هو. ڇا لاءِ جو اسان سدائين پهريون سوال اهو ڪندا آهيون ته “ڇا ڄائو؟” اهو ڪو نه پڇندا آهيون ته ماءُ جي صحت ڪيئن آهي؟ يا ٻار جي صحت ڪيئن آهي؟ بلڪه اسان لاءِ ”پٽُ” ۽ “ڌيءَ” واري “غير اهم” ڳالهه وڌيڪ “اهم” ٿئي ٿي. بلڪه اسان وٽ ته اهو مسئلو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. پر ظاهر آهي ته ڪئناڊا جهڙن معاشرن ترقيون ائين ته نه ڪيون آهن. ضرور سڀ کان پهرين هنن پنهنجي اصلاح ڪئي هوندي، اَجاين ۽ غير ضروري ڳالهين، ريتن، رسمن، رواجن ۽ وهمن کي پاڻ وٽان نيڪالي ڏني هوندي. ڇو جو پُٽ ٿيو آهي يا ڌيءَ ان ڳالهه جي ته پوءِ به خبر پئجي ويندي، پر جيڪڏهن بروقت خبر پئجي به وڃي ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. “پٽ” يا “ڌيءَ”  ٻئي قدرت طرفان عطا ٿيل آهن، تنهنڪري انهن کي ڪنهن تحفي کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.

ان حوالي سان مون جڏهن پنهنجو تنقيدي جائزو ورتو ته احساس ٿيو ته مون پڙهي به وڃايو آهي. ڇا لاءِ جو مونکي خبر هئي ته ميٽرنٽي موڪل تي ويل  مينيجر کي  اڳم ئي هڪ “ڌيءَ” آهي ۽ منهنجي حساب موجب هن ڀيري هن کي “پُٽ” هئڻ کپي ها ۽ اها ئي منهنجي ايڪسائٽمينٽ هئي، جنهن تي مون پڇيو هو ته نيٺ “ڇا ڄائو؟” پوءِ خبر پئي ته کيس وري به ڌيءَ ڄائي آهي. ۽ هن جا مائٽ ۽ ساهرا سڀ ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش آهن. ڇو ڪئناڊا جي معاشري ۾ اولاد پُٽ آهي يا ڌيءَ ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هنن لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته ويم وقت ۽ ويم کان پوءِ ماءُ جي صحت  ٺيڪ هجي، ٻار نارمل ۽ صحتمند هجي. ان کان وڌيڪ هنن لاءِ ٻي ڪا به ڳالهه اهم ناهي.

آئون جيڪڏهن ڇَڙو فالتو ڊگرين جي حساب اندازو لڳايان ته پوءِ منهنجي آفيس جون ٻيون انگريز مينيجرون ڊگرين ۾ مون کان وڌيڪ ناهن. پر جيڪڏهن سوچ ۾ اندازو لڳايان ته پوءِ اهي سڀ مونکان هزار دفعا وڏيون ۽ اوسر ڪيل انسان آهن. ڇو جو منهنجي سوچ اڄ به اها ئي آهي، جيڪا ان سوال جي صورت ۾ آڏو آئي ته نيٺ “ڇا ڄائو؟”

Courtesy: Daily Ibrat, Thursday, January 21, 2010


بصرن جو ٿيلهو

بصرن جو ٿيلهو
ارمغان فياض

ڇا اوهان 10 ڪلو بصر ن جو ٿيلهو هر وقت، ڏينهن رات، صبح شام پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگهو ٿا؟ هر وقت مان مراد اها آهي ته اهو هر وقت توهان سان گڏ هجي. ماني کائڻ ويهو ته اهو توهان جي ڀر ۾ هجي. گهر کان ٻاهر نڪرو ته اهو موٽر سائيڪل يا اسڪوٽر جي هينڊل ۾ ٽنگي پوءِ نڪرو. آفيس وڃو ته اهو توهان جي ڪَڇَ ۾ هجي ۽ سمهڻ وقت اهو توهان پنهنجي ويهاڻي هيٺان رکي پوءِ سمهو، ته ڇا پوءِ اهو ممڪن آهي ته ائين توهان 15 ڏينهن تائين ڪري سگهو. يعني اُٿندي ويهندي. کائيندي پيئندي، گهمندي سمهندي بصرن جو 10 ڪلو جو ٿيلهو ۽ ان جي ڌپ اوهان سان گڏ هجي. ظاهر آهي ته ڪهڙو به  انسان هوندو ،اهو ضرور جلدي ٿڪجي پوندو ۽ ان بوجهه کي پري اُڇلي پنهنجي جان آجي ڪندو. هاڻي ان ڳالهه کي ٿورو ڦيرائي ”بصرن“ کي ”بغض“ سمجهون يعني دل ۾ هر وقت ”بدنيتي“، ”ڪِينون“ رکون ته ڇا اهو ايترو ئي ٿڪائيندڙ نه هوندو جيترو  بصرن جو ٿيلهو کڻڻ آهي ۽ ڇا اهو بهتر نه هوندو ته ان عذاب کي پنهنجي وجود تان لاهي آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون. جيئن بصَر نه رڳو ڳرا ٿين ٿا، پر گهڻو وقت رکڻ سان ڌپ ۽ بدبوءِ به ڪن ٿا ، بلڪل تيئن مَنَ اندر مير رکڻ ۽ ٻين خلاف سوچڻ ۽ ذهن ۾ کچڙي پچائڻ سان انسان پاڻ به گندو ۽ بدبوءِ دار ٿيڻ لڳي ٿو.

منهنجو خيال آهي ته ڪنهن به ڇوڪر کي اهو اندازو يا خبر نه هوندي آهي ته ان جا ماءُ، پيءُ، ڀائر ۽ ڀينرون ڪهڙي قسم جون آهن. هر ڇوڪر جي شاديءَ کان پوءِ ان جي زال اچي کيس ٻڌائيندي آهي ته تنهنجا ماءُ پيءُ ههڙا آهن، ڀائر هيئن آهن ۽ تنهنجون ڀينرون ههڙيون آهن. ائين اتان کان ”فيملي پوليٽڪس“ شروع ٿيندي آهي ۽ بصر يعني ”بغض“ گڏ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي.. مولا جو شڪر آهي جو مون ڪڏهن به اهڙي قسم جي ”فيملي پوليٽڪس“ نه ڪئي ۽ ائين زندگي سٺي گذري وئي.

مون کي ياد آهي ته شادي جي ٻن سالن تائين جڏهن مون کي ٻار نه ٿيو هو ته پاڙي جي هڪڙي مائي امان (منهنجي سَس) کي چيو هو ته ”ڀلا فياض کي اڃان تائين اولاد نه ٿيو آهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي.“ منهنجي سَس کيس جواب ڏنو هو ته ”فياض کي وري ڪهڙيون فيڪٽريون ۽ جاگيرون آهن جو ان لاءِ کيس اولاد کپي، پاڻ سٺو آهي ته ان ذميواري کان آزاد آهي.“ مان اتي ئي ويٺي هُيس ۽ اهو جواب امان يعني منهنجي سَس ئي ڏنو هو. ائين پاڙي واري چُپ ٿي وئي هئي. مطلب ته اهڙيون تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، جن ۾ منهنجا ساهرا سدائين منهنجو پاسو وٺندا هئا. ائين مون کي ”فيملي پاليٽڪس“ ڪرڻ جي ڪڏهن به ضرورت نه پئي. پاليٽڪس نه رڳو گهرن ۾ بلڪه نوڪري يا ورڪ پيلس تي به تمام گهڻي ٿئي ٿي. پر مان ڪوشش ڪندي آهيان ته ڪنهن به حالت ۾ گهڻا بصر گڏ نه ٿين، تنهنڪري گهڻي هنرمندي ۽ چالاڪي ڏيکاري اُڀ ڪڇڻ جي ڪوشش ڪندي، پاڇولن پٺيان ڊوڙڻ جي ڪوشش نه ڪندي آهيان ۽ جيئرن سان جهيڙا ۽ مئلن تي ميڙا ڪرڻ بدران لاحاصل ۾ به حاصل ڄاڻي خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، ائين پنهنجي ذهن ۾ ”بغض“ جا بصر گڏ ٿيڻ کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاڳيتي ڪوشش ڪندي رهندي آهيان .

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Saturday, January  16, 2010


آن ڪال

آن ڪال

ارمغان فياض

ڪئناڊا ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جي موسم هلي رهي آهي. ٻارن جون اسڪول کان موڪلون آهن. اهي موڪلون ”ڪرسمس“ کان پهرين شروع ٿين ٿيون ۽ ”نئين سال“ کانپوءِ تائين هلن ٿيون. انهن ڏينهن دوران هر گهر رنگ برنگين روشنين سان سينگاريل آهي ۽ هر ڪو تمام خوش نظر اچي رهيو آهي. منهنجي نوڪريءَ جو هڪڙو حصو هي به آهي ته سڀ مينيجرز واري واري سان ”آن ڪال“ ڪنديون آهن. يعني آفيس آورز کانپوءَ هڪڙو خاص فون نمبر  ۽ پيجر نمبر آهي، جنهن تي ايمرجنسيءَ يا ڪنهن به ڏکئي مسئلي دوران ڪو به ايمپلائي (اسٽاف) ان نمبر تي فون ڪري پنهنجو مسئلو بيان ڪري ان کي حل ڪرڻ لاءِ ممڪن حل پڇي سگهي ٿو. هونئن ته اسان جي آفيس طرفان هر مينيجر کي پنهنجو پنهنجو پيچر نمبر مليل آهي پر  ”آن ڪال” جو نمبر هر مينيجر وٽ 6 هفتن ۾ هڪڙي هفتي لاءِ اچي ٿو.

هن دفعي ڪرسمس جي موڪلن دوران ”آن ڪال” مون وٽ هئي. يعني اسان جي سپيشل هومز مان ڪنهن به هوم ۾ جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي ٿئي ٿي يا ڪو مسئلو پيش اچي ٿو، جيڪو اسٽاف کي سمجهه ۾ نه اچي ته پوءِ اها ان مسئلي لاءِ ”آن ڪال“ کي فون ڪري پنهنجو مسئلو ٻڌائي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو آفيس جي ڪنهن سنجيده مسئلي تي اَڌ رات جو به فون اچي سگهي ٿي. پر ڪڏهن ڪڏهن اجاين ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي به فون اچي ويندي آهي. جنهن کي سرزمين تي موجود اسٽاف پاڻ به ”ڪامن سينس“ سان حل ڪري سگهي ٿي.

ڪالهه رات ٻه لڳي ڏهن منٽن تي ”آن ڪال“ جي فون جي گهنٽي وڳي. مان گهري ننڊ ۾ ستل هيس، تنهنڪري ڇرڪ ڀري اُٿيس ۽ ويهاڻي هيٺان رکيل سيل فون کڻي “هيلو” چيم ته ٻئي پاسي نائٽ اسٽاف هئي ۽ فرمايائين ته ”هڪ ڪلائنٽ پنهنجي مٿي تي ”چَڍي“ پائي ڇڏي آهي ۽ اها چَڍي مٿي تان لاهي نه رهي آهي. هاڻ مان ڇا ڪيان!!؟ ان تي مون کانئس پڇيو ته ڇا ڪلائنٽ کي نائٽي پاتل آهي ته چيائين ته ”ها.“ وري مون کانئس پڇيو ته ”مٿي تي پاتل  چَڊيءَ سان ڇا هن جو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي“؟ وراڻيائين ته ”نه.“ تڏهن مون اسٽاف کي چيو ته، ”فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.“ تون ڪلائنٽ کي سمهڻ لاءِ چئو، ڇو جو ننڊ ۾ اها چَڊي پاڻ ئي سندس مٿي تان سِرڪي لهي ويندي. منهنجي ڏنل مشورن تي ٻئي پاسي کان اسٽاف ”گوڊ آئڊيا“ چيو،  پوءِ مون کي ”ٿينڪ يو“ چئي ۽ فون بند ٿي وئي. هڪ دفعي جو ننڊ ڦٽي ته پوءَ وري مونکي ننڊ نه آئي. تنهنڪري سڄي رات سوچيندي رهيس ته ڪي ڪي انسان به عجيب ٿيندا آهن ۽ اهي اهڙا هوندا آهن جو ننڍڙين کان ننڍڙيون ڳالهيون به پاڻ حل ڪري نه سگهندا آهن. پر ظاهر آهي ته مينجر هئڻ جي ناتي اها منهنجي ذميواري هئي ته کيس ان فضول ڳالهه تي ڌڙڪا ڏيڻ بدران سندس رهنمائي ڪيان ۽ شڪر آهي ته اسان کي ان حوالي سان تربيت مليل آهي ته اهڙن مسئلن کي ٿڌي مزاج سان ڪيئن حل ڪجي.

الله سائين جو شڪر آهي جو گهر ۾ فياض آهي ۽ مان سڄي جڳ جهان جون خارون ان تي لاهي سگهان ٿي، يعني جهيڙو ڪرڻ لاءِ پاڙي ۾ وڃڻو ڪو نه ٿو پوي. بحث ڪرڻ لاءِ ٻار سمجهدار آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڇهن هفتن ۾ هڪ هفتي لاءِ ايندڙ ”آن ڪال“ تي بيوقوفيءَ جهڙن سوالن جا جواب به ”گرمي“ جي بدران ”نرميءَ“ سان ڏئي ويندي آهيان. نه ته پنهنجي اصلي ”رَڳَ“ ڏيکارڻ تي اچان ها ته کيس جواب ۾ چوان ها ته ”بيوقوف عورت، هن چڊي پنهنجي مٿي تي پاتي آهي، توکي ته ڪو نه پارائي آهي.“ پر نه سائين ڪٿي. نيٺ اها ڪئناڊا آهي ۽  اتي هر ڪنهن کي پنهنجي حد ۾ رهي ڳالهائڻو پوي ٿو ۽ اتي پنهنجي خانداني رَڳَ ڏيکارڻ جي گنجائش گهٽ ئي آهي.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Friday, January 01, 2010


پڇتاءُ

پڇتاءُ

ارمغان فياض

جڏهن منهنجي وڏي ڀيڻ جو رشتو آيو هو  تڏهن اها انجنيئرنگ ۾ پڙهندي هئي، اها هوشيار ۽ پڙهاڪو اسٽوڊنٽس ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ پڙهائي جا ٽي سال پورا ڪري چڪي هئي ۽ فائنل ايئر جو باقي هڪڙو سال رهيل هو. جيئن ته رشتو سٺو هو ان ڪري ممي ۽ بابا پاڻ ۾ مٿو جوڙي ويهي رهيا ته نيٺ ڇا ڪجي. مميءَ جو خيال هو ته هيءَ هڪ سٺي اسٽوڊنٽ آهي، تنهنڪري سندس پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ ئي شادي ڪرائينداسين. پوءِ اهو نه ته ڪو ٻيو سٺو رشتو اچي ويندو. ان دوران بابا هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا مونکي اڄ به ذهن ۾ تازي آهي. بابا چيو هو ته “اوهان جيڪڏهن هي رشتو ڇڏي نياڻيءَ کي پڙهائي ڪرايو ٿا ۽ پوءِ اڳتي هلي سٺو رشتو نٿو اچي ته پوءِ اوهان ضرور پڇتائيندئو. پر جيڪڏهن اوهان هاڻي پڙهائي ڇڏائي شادي ڪرايو ٿا ته به پڇتائيندئو.” يعني پڇتائڻ ٻنهي صورتن ۾ ضرور ٿيندو. تنهنڪري نيٺ ممي بابا گڏجي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو  ته شادي ڪرائي ڇڏجي ۽ پوءِ منهنجي ڀيڻ انجنيئرنگ جو آخري سال پورو ڪرڻ کان پهرين ئي پڙهائي ڇڏي ڏني هئي.

ڪنهن دانشور چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي لاءِ گهٽ پڇتاءَ گڏ ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ گهٽ ڳالهائڻ جي عادت وجهو. پر منير نيازيءِ پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو آهي ته وقت تي نه ڳالهائڻ پڇتاءَ گڏ ڪري ٿو. يعني جتي ڳالهائڻو آهي اُتي ضرور ڳالهايو نه ته اڳتي هلي پڇتاءُ ٿيندو.

اسان جي ٻلي جيڪا هاڻي لڳ ڀڳ 14 سالن جي ٿي چڪي آهي، تمام پوڙهي آهي، اکيون ڪمزور ٿي ويون اٿس ۽ آهستي آهستي هلي ٿي. وِي او اين  يا سولي سنڌيءَ ۾ چئون ته ٻليءَ جي ڊاڪٽر هر مهيني اچي اسان جي ٻليءَ جا نُهنَ لاهي ٿي، وارن کي ڦڻي ڪري ٿي، وائٽل سائنز يعني بخار يا طبعيت وغيره چيڪ ڪري ٿي ۽ مقرر في وٺي ٿي. اها گذريل مهيني آئي هئي ته ٻڌايائين ته ٻليءَ جي پيٽ ۾  ڳوڙهي آهي ۽ هونئن به هيءَ  پنهنجي عمر کان وڌيڪ گذاري چڪي آهي ۽ لڳ ڀڳ پنهنجي حياتي پوري ڪري چڪي آهي. هاڻي اوهان ذهني طور تي پنهنجي فيملي کي تيار ڪريو . ڇو جو ايجنگ سبب آهستي آهستي هن جو اِميون سسٽم ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ۽ هن کي مختلف بيماريون لڳڻ جا انديشا وڌندا پيا وڃن ۽ کيس ڪا وائرل بيماري ٿيڻ جي صورت ۾ اها انسانن ڏانهن به منتقل ٿي سگهي ٿي. فلحال هيءَ اڃا ٺيڪ آهي ۽ خطري جي ڳالهه ناهي، پر اڳتي هلي جيڪڏهن هيءَ وڌيڪ بيمار ٿئي ٿي ۽ پيٽ ۾ ڪئنسر جي ڳوڙهي هئڻ سبب تمام گهڻي تڪليف ۾ رهڻ لڳي ٿي  ۽ دوائن سان به اها تڪليف ختم نه ٿي سگهي ته پوءِ هن کي تمام گهڻي تڪليف ۾ جيارڻ بدران سٺو اهو ٿيندو ته جڏهن مان توهان کي ٻڌايان ته هي هاڻي تمام گهڻي تڪيلف ۽ سور ۾ آهي ۽ هن جي بچڻ جو به ڪو چارو ناهي ته  پوءِ توهان فيصلو ڪجئو  ته پوءِ اسان هڪ دوا جي ذريعي کيس اَبدي ننڊ ۾ موڪلي ڇڏينداسين. اها ڳالهه ٻڌي اسان کي زبردست صدمو لڳو آهي. ڇو جو ڪافي عرصي کان ٻلي اسان وٽ آهي. اسان پنهنجي صحت جو خيال رکون نه رکون، پر  هن جي صحت جو ڏاڍو خيال رکندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جي ٻليءَ جي خوبصورت ۽ نازڪ نويس ڊاڪٽرياڻيءَ ذريعي باقاعدگيءَ سان چيڪ اپ ڪرائيندا رهون ٿا. منهنجا ٻار به اسان جي ٻليءَ جا تمام گهڻا عادي ٿي چڪا آهن. ٻار جانورن جي اسٽور تان هر وقت ٻليءَ لاءِ سٺي کان سٺا کاڌا وٺي کيس ڏيندا رهن ٿا. منهنجي لاءِ اها ڏاڍي ڏکي صورتحال هئي ته مان  اها ڪِني خبر ٻارن کي ٻڌايان. پر بهرحال اهو منهنجو ڪم آهي ته ٻارن کي اڳتي هلي ٻليءَ جي اَبدي ننڊ ۾ سمهڻ واري ڳالهه جي لاءِ تيار ڪيان.. ان لاءِ مان ٻارن کي ڪافي شاپ تي وٺي ويس ۽ کين ٽرِيٽ ڏنم ۽ ڪچهري دوران ٻليءَ جو ڳالهيون ڪندي کين ٻڌايم ته اڳتي هلي اهڙو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن اسان جي ٻلي تڪيلف ۽ سور ۾ رهڻ لڳندي ۽ هن دنيا ۾ رهندي خوشي محسوس نه ڪندي. مون چاهيم پئي ته جيڪا ڳالهه مان چوڻ وڃي رهي آهيان سا ڳالهه منهنجا ٻار پاڻ ئي چون. مون ٻارن کي ٻڌايم ته ٻليءَ جا هيلٿ اشوز وڌندا پيا وڃن ۽ ان جي صحت آهستي آهستي خراب ٿيندي پئي وڃي. پيٽ ۾ رت ڳوڙهي ڏينهون ڏينهن وڏي ٿيندي پئي وڃيس. اهو  ته اسين ٿا چئون ته هيءَ اسان سان خوش آهي، پر جيڪڏهن هن کي زبان هجي ته شايد اسان کي ٻڌائي ها ته اها هن دنيا ۾ ڪيتري نه تڪليف ۽ سور ۾ آهي. ائين نيٺ اسان سڀني طئي ڪيو ته جيڪڏهن ٻليءَ جي ڊاڪٽر مشورو  ڏنو ته پوءِ ٻليءَ کي دوا ذريعي اَبدي ننڊ ۾ سمهاري آسمانن ۾ بهتر  آرام گاهه ڏانهن اماڻڻ  ئي اسان جي ٻليءَ لاءِ بهتر آپشن هوندو. اهو مسئلو ڊسڪس ڪري مون سڪون جو ساهه کنيو ته سٺو ٿيو جو ٻليءَ جي آخري سفر جي باري ۾ ٻارن کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيم.

زندگيءَ ۾ اسان کي اڪثر اهڙا  چانس گهٽ ملن ٿا جو  ذهني طور تي ڪنهن ڳالهه جي لاءِ تيار ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اڪثر حادثا ماڻهن کي لوڙائيندا رهن ٿا. ڪي ڳالهيون وري اهڙيون هونديون آهن جن لاءِ لک ماڻهو تيار ٿئي پر تيار ٿي نه سگهندو آهي. تازو مثال منهنجي هڪ مائٽياڻيءَ  جو آهي، جنهن جي اڪيلي پُٽ کي گذريل ڪجهه سالن کان ڪئنسر هئي،  علاج به هليو پئي، ماءُ پيءُ کي به خبر هئي ته گهڻو ڪو نه جيئندو، پنهنجي پُٽَ جي آخري سفر ڏانهن روانو ٿيڻ جي باري ۾ شايد ذهني طور تي پاڻ کي تيار به ڪيو هوندائون. پر تازو جڏهن اهو 26 سالن جي عمر ۾ ڪئنسر سبب اسپتال ۾ گذاري ويو ته ڄڻڪ مائٽن تي بم ڦاٽو هجي. مطلب ته ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جن لاءِ ذهني طور تي تيار ٿيڻ شايد ڏکيو آهي بلڪ تمام گهڻو ڏکيو آهي ۽ انسان ڇا به ڪري پر پڇتاءُ هر صورت ۾ ٿئي ٿو.

Courtesy: Wednesday, December 30, 2009


وطن جي ياد جو اوڍيل اجرڪ

وطن جي ياد جو اوڍيل اجرڪ
ارمغان فياض
يون ڏينهن پنهنجي هڪڙي يونيورسٽيءَ جي زماني جي ساهيڙيءَ جيڪا هتي حيدرآباد ۾ رهي ٿي، سان فون تي ڳالهايم پئي. آئون هن کي چئي رهي هُيس ته وڻن ۽ لامن مان نظر ايندڙ سج جهڙي سنڌ، جهڙ ۽ جهالر مان جهاتيون پائيندي چنڊ جهڙي نظر ايندڙ سنڌ سميت پنهنجي مٽن مائٽن ۽ ساهيڙين کي مان ڏاڍو ياد ڪندي آهيان. ڪئناڊا ۾ جيئن جيئن سيءُ ۽ برفباري وڌندي وڃي پئي، تيئن تيئن وطن جي يادن جي اجرڪ اوڍڻ کانپوءِ هڪ قسم جي سوڳواريت ۽ ويڳاڻائپ ۾ واڌارو اچي وڃي ٿو. الله سائين جو شڪر آهي جو ٻار آهن ۽ مڙس آهي، پر هر ڪو پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف آهي. يعني ٻار پنهنجي پڙهائي ۾ رُڌل آهن ته مڙس وري نوڪري ۾ پورو آهي. حساب ڪتاب سڄو مان رکندي آهيان، ظاهر آهي زماني سان اُٿڻو ويهڻو ته مونکي پوي ٿو. ائين ”فنا في الدنيا“ ٿي ته زماني ۾ نٿو هلي سگهجي.

فياض خاموشيءَ سان نوڪري ۽ ڪم ڪرڻ وارو انسان آهي. جيئن فياض جي پياري دوست ادا اي جي چانڊيو مرحوم ڪڏهن به پنهنجي ڪا ڳالهه رعيت جي رکپال حرفتي آدم خورن آڏو رکي ڪو وکر ماڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، بلڪل تئين فياض به ان جهڙو آهي . اهو ئي سبب آهي جو فياض صحافت کان وٺي سياست تائين ڪجهه نه ڪجهه ڏنو آهي. جيئن وڄون وسڻ لاءِ اينديون آهن، تيئن مالڪ فياض جي دوستن ادا اي جي چانڊيو ۽ عاصم آخوند کي جوڙي هن کي جهان ۾ موڪليو ئي ان لاءِ هو ته جيئن اهي پرين کي پنهنجو ڪرڻ بدران پرينءَ جا ٿي جيئڻ جو ڍنگ ٻڌائي وڃن. مطلب اهو ته ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي ته اهي گهڙيون موٽي اچن، جڏهن دل گهرين ساهڙين سان هاسٽل وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياري واري موسم دوران اُس ۾ ويهي ڪچهريون ڪندي هُيس.

ڪئناڊا ۾ رهندي اڪثر احساس ٿئي ٿو ته سنڌ جي سياري واري روشن اُس ڪيڏي نه راحت ۽ طاقت ڏيندڙ هوندوي هئي. ائين مان سنڌ امڙ کي الله سائين طرفان عطا ڪيل نعمتن جو ذڪر ڪندي خوشي ماڻيندي پنهنجو پاڻ ئي خوش ٿي رهي هُيس ۽ ان دوران مونکي بلڪل به اندازو نه هو ته مان جنهن ساهيڙيءَ سان فون تي ڳالهائي رهي آهيان، ان جي کوپڙيءَ ۾ ڇا پيو هلي؟ ڇو جو اها اڃان تائين خاموشيءَ سان منهنجي نان اسٽاپ بڪواس ٻڌي رهي هئي. خير مان جڏهن پنهنجي ڳالهه ختم ڪري هن کي ڳالهائڻ جو وارو ڏنو ته يڪدم ائين لڳو ته ڄڻڪ بم ڦاٽو هجي. چيائين ته “ڀلا سنڌ ايڏي پياري اَٿئي ته پوءِ مونکي پنهنجي جاءِ تي گهرائي ۽ تون پاڻ هتي اچي رهُه.“ مونکي هڪدم احساس ٿيو ته شايد مان ڪجهه غلط چئي وئي آهيان. مان جيڪڏهن ساونوڻ من ڀانوڻ سنڌ بدران ڪئناڊا جون ساراهون ڪيان ها ۽ پنهونءَ لاءِ سسئيءَ وارا سور ويهي پٽيان ها ته پوءِ شايد سندس جواب مختلف هجي ها. مطلب ته فون تي ٻئي جو ”مائينڊ ريڊ“ ڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪو جتي آهي ناخوش آهي. تمام گهٽ ۽ ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي فياض جهڙا آهن. سنڌ ۾ هو ته خوش، ڪئناڊا ۾ آهي ته به خوش. ماني ڳڀو ملي ۽ ڪمري ۾ رهڻ لاءِ ننڍڙي ڪُنڊڙي، بس فياض کي ڄڻڪ جڳ جهان ملي ويو.

فياض جون ضرورتون ڪي گهڻيون ناهن، تنهنڪري هر هنڌ خوش رهي ٿو. فياض کي اڪثر جيڪي وڏو ماڻهو سمجهي اي ميلون ڪري الائي ڪهڙيون ڪهڙيون فرمائشون پيا ڪندا آهن يا ٻيا وري کيس مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ شرڪت لاءِ دعوتون پيا ڏيندا آهن، انهن کي شايد اندازو به نه آهي ته هن ”مفلس جي عظيم الشان زندگي“ ڪيتري سادي ۽ مختصر آهي. يعني هر حال ۾ مست. فياض جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ان ۾ فياض جو ڪمال گهٽ ۽ منهنجي سهري فقير سائين مرحوم جي فياض کي ڏنل تربيت جو هٿ وڌيڪ آهي.

باقي رهيو منهنجي ساهيڙيءَ جو سوال ته پوءِ هتي سنڌ ۾ اچي ڇو نٿي رهان؟ نه ته ڪئناڊا جي سهولتن واري زندگي گذاريندي سنڌ سنڌ جو راڳ بند ڪيان ته پوءِ شايد اها صحيح چوي ٿي. ڇو جو بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪئناڊا ۾ مونکي ۽ فياض کي سٺي نوڪري آهي. صفائي سٿرائي آهي. آبهوا ۽ ماحول سٺو آهي، امن امان آهي ۽ نه رڳو ٻار خوش آهن، پر هر حوالي سان خوش آهيون. الله جو شڪر آهي جو گهر ۾ ڪا به ڪمي يا کوٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته رب سائين کان دعا گهرندي به سوچيندي آهيان ته ڇا گهران ڇو جو ڪهڙي خواهش آهي، جيڪا پوري ٿيل ناهي، رب سائين سڀ ڪجهه ئي ته عطا ڪيو آهي، تنهنڪري اڪثر  رب سائين کان پنهنجي ديس جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ دعا گهرندي آهيان. مطلب ته ڪئناڊا ۾ رهندي هر طرح سان دل مطمئن آهي. پر پوءِ به الائي ڇو مَن ڏوٿين جي هن ڏيهه ڏانهن ڇڪَ کائي ٿو.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Wednesday, December 23, 2009


مائين جو عقل

مائين جو عقل

ارمغان فياض

هڪ گهريلو قسم جي عورت آهيان. تنهنڪري منهنجي ڪالمن ۾ ذڪر به اهڙين ڳالهين جو اچي ٿو، جيڪي منهنجي اوسي پاسي يا گهر ۾ ٿين ٿيون يا منهنجي محدود مشاهدي ۾ اچن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ڪالمن ۾ منهنجي مڙس فياض جو اڪثر ذڪر اچي وڃي ٿو. تنهنڪري سمجهي وڃو ته منهنجي اڄوڪي ڪالم ۾ به فياض جو ذڪر آهي. بلڪه اهو چوان ته اڄ فياض جي هڪڙي جملي منهنجي کوپڙي گهمائي بلڪه تپائي ڇڏي. ڳالهه هيءَ آهي ته مان ڪا ڳالهه بلڪه ائين چوان ته ڪو ”استعارو” لڳ ڀڳ سال کان حل ڪرڻ ۾ لڳي پئي هُيس. هر دفعي فياض کان مشورو ڪندي هُيس. پر جيئن ته فياض کي نوڪريءَ جي معاملن کان گهٽ فرصت ملي ٿي تنهنڪري چوندو هو ته جيئن توکي صحيح لڳي  تيئن ڪر. ته پوءِ منهنجي ننڍڙي کوپڙيءَ کي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي سا ڪندي ويندي هُيس. ۽ منهنجا اهي فيصلا صحيح به هئا ۽ فياض کان جڏهن ان حوالي سان پڇندي هُيس ته فياض منهنجي ڪم تي واهه واهه ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ويندو هو. ان حوالي سان اوچتو ڪنهن معاملي ۾ ٿوري رڪاوٽ آئي ته ان کي به بيلنس ڪري معاملي کي ٺاهي ويس، ته فياض چيو واهه واهه تنهنجي ڇا ڳالهه ڪجي! پر اڄ پنهنجي ڀاءُ سان فون تي ڳالهائيندي منهنجي ان تِر جهڙي مسئلي جو ذڪر ڪندي چيائين ته ؛ هاڻي ادا ڇا چئجي، “مائين جو پنهنجو عقل آهي.” اها ڳالهه ٻڌي، ٻيو ته ڪجهه ڪونه ٿيو، پر منهنجي کوپڙي ڦري وئي. ظاهر آهي هر ڪنهن انسان ۽ هر هڪ انسان جو پنهنجو عقل، فهم ۽ سمجهه آهي. ان ڳالهه کي مهڻو ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

مختصر اهو ته فياض جڏهن فون بند ڪيو ته مون هن کان پڇيو ته تو ائين ڇو چيو ، هاڻي ان ڳالهه جو جواب ڏئي؟ ته فياض چيو ته “منهنجو اهو ملطب ڪو نه هو.” هاڻي ان ڳالهه جو ته مطلب ته الائي ڇا هو. پر منهنجو سهرو فقير سائين مرحوم چوندو هو ته “بابا، مرد جي ذات بصر وانگر آهي. هڪڙو ڇلڪو لاهيندئو ته اندران ٻيو نڪري ايندو.” فقير سائين  پاڻ  مرد ذات هوندي به ڪڏهن ڪنهن غلط ڳالهه ۾ مردن کي سپورٽ نه ڪندو هو. فقير سائين مرحوم هر ڳالهه ۾ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اڄ جيڪڏهن منهنجو سهرو فقير سائين مرحوم جيئرو هجي ها ته مان کيس فياض جي شڪايت ضرور ڪيان ها ته هي مائين جي عقل ۽ مردن جي عقل جي ڳالهه ڪري پاڻ کي عظيم مخلوق ۽ عورتن کي گهٽ ڇو سمجهي ٿو. اصل ۾ ته اها  ڪا وڏي ڳالهه ناهي. مان بهرحال عورت يا مائي آهيان ۽ فياض به اهو ئي چيو هو ته “مائين جو عقل”. يعني فياض “ مائي“ کي مائي ۽ “عقل” کي عقل چيو ته ڇا غلط چيو؟

هونئن به لفظن کان وڌيڪ لهجي، اسٽائل ۽ چوڻ جي انداز مان خبر پوندي آهي ته “ڪير ڪيئن چئي رهيو آهي.” ان کانپوءِ ايندو آهي ته “ڪير ڇا چئي رهيو آهي..”

خير  فياض جي ان جملي تي مون فياض جي چڱي خاصي خبر ورتي. ڇو جو بهرحال مان “مائي” آهيان ۽ مائين جو پنهنجو “عقل” ٿيندو آهي.

Courtesy: Sidnhi Daily Ibrat, December, 20, 2009


“Think Loudly”

”ٿنڪ لائوڊلي“

ارمغان فياض

جيئن ته مان پنهنجي اَڳوڻن ڪالمن ۾ به ذڪر ڪري چڪي آهيان ته مان ڪئناڊا ۾ گروپ هومز ۾ ڪم ڪيان ٿي. انهن هومز جون هڪ کان وڌيڪ شاخون، برانچون يا ڊويزنون آهن. انهن مان هڪ شاخ انٽلائڪچوئلي چيلينجڊ يا مينٽلي چيلينجڊ جي پڻ آهي. اهڙن هومز ۾ رهندڙن مان جڏهن ڪو گذاري وڃي ٿو ته پوءِ ان جي خالي جڳهه تي ڪو ٻيو ڪلائنٽ اچي وڃي ٿو. اُتي جيڪي پنهنجي پرگهور پاڻ لهي نٿا سگهن يا ٻين تي ڊپينڊنٽ (بار) آهن ۽ انهن جي گهر جا ٻيا ڀاتي نوڪري يا ڌندي ڌاڙيءَ  ۾مصروف آهن ته پوءِ اهو سوچي ته انهن جو خيال ڪير ڪندو جي سبب انهن کي سرڪار جي ماتحت هلندڙ هومز ۾ داخل ڪرائي وڃن ٿا. هونئن به اتي جيڪڏهن ڪير نوڪري يا ڪم ڪار ڇڏي گهر ۾ ويهي ٻئي جو خيال ڪري ته پوءِ ان معاملي ۾ اتان جي سرڪار ڪا گهڻي مدد نٿي ڪري. پر جيڪڏهن اهڙو شخص جيڪو پنهنجي پرگهور پاڻ لهي نٿو سگهي کي ڪنهن گروپ هوم يا نرسنگ هوم ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو ته پوءِ اتان جي سرڪار ان معزور شخص جو سڄو خرچ کڻي ٿي. ان ڪري اتي اهڙن فردن جا عزيز رشتيدار اهو چاهيندا آهن ته سندن گهر جو اهڙو فرد جيڪو پنهنجو خيال پاڻ نٿو رکي سگهي ته پوءِ  اهو نرسنگ هوم ۾ ئي هجي ته وڌيڪ بهتر آهي. ائين انهن جو وقت به بچي ٿو، هڏ به بچي ٿو ۽ خرچ به بچي وڃي ٿو.

چوڻ جو مقصد هي ته اهڙي ئي هڪڙي هوم ۾ جڏهن هڪ شخص گذاري ويو ته ان جي جڳهه تي ٻيو ڪلائنٽ اچي ويو. ان نئين ڪلائنٽ جي بيماري اهڙي آهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي اسان جهڙن ملڪن جي اصل تي وڏن ڌڻين کي ٿي وڃي ته ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ ٽئين عظيم جنگ لڳي وڃي. نئين ڪلائنٽ جي بيماري اها آهي ته اهو هر وقت زور سان  ڳالهائيندو رهي ٿو. يعني اهو جيڪو ڪجهه سوچي ٿو اهو ڪجهه ڳالهائيندو وڃي ٿو. هونئن ته ميڊيڪل ٽرمنالاجي (ٻولي) ۾ ان بيماري جو ڪو ٻيو نالو آهي، پر مون پنهنجي سولائي ۽ يادگيريءَ لاءِ ان بيماري جو نالو رکيو آهي ”ٿنڪ لائوڊلي“. ڇو جو اهو هر وقت زور زور سان ڳالهائيندو رهي ٿو، ڇالاءِ جو اهو هر وقت سوچيندو رهي ٿو. جيئن ته اهو ڪلائنٽ نئون آيو آهي ۽ ان جي ڳالهين جي عادت اسٽاف کي اڃان نه پئي آهي، تنهنڪري اسٽاف پنهنجي ڪم ۾ ماهر هجڻ جي باوجود به ڪلائنٽ طرفان سندن باري ۾ ڏنل ڪمينٽس کي دل تي نه کڻڻ جي تربيت جي باوجود به هن نئين ڪلائنٽ کان پنهنجي پَر ۾ ڪاوڙيل نظر اچي ٿو. ڇو جو اهو ڪلائنٽ ڪنهن کي ٿُلهي، ته ڪنهن کي موٽي چوي ٿو، ڪنهن کي ڪاري مينهن سڏي ٿو ته ڪنهن کي رڍ، ٻڪري، مانگر مڇ ته ڪنهن کي ڏائڻ چوي ٿو. ان کي جڏهن اهو چئجي ٿو ته توکي ڪنهن جي باري ۾ ائين نه چوڻ گهرجي ته پوءِ چوي ٿو ته مون ته ائين چيو ئي ڪونهي، ڇو جو سندس خيال ۾ ته اهو رڳو سوچي پيو  پر وات مان ڪنهن به ڪجهه نه چئي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ اهو جيڪو ڪجهه سوچي رهيو هوندو آهي، سو ئي چئي رهيو هوندو آهي. جيئن ئي مان ان ڪلائنٽ جي هوم تي ويس ته چيائين ته ”اچي وئي مصيبت، هاڻي اجايو دماغ کائيندي.“ مونکي سندس ان ڳالهه تي کل اچي وئي ته چيائين ته ”ڏند ڏاڍا سهڻا اَٿس جو اجايو پئي ڏيکاري.“ وڌيڪ چيائين ته ”هن جا ڏند ته صفا ٻڪري جهڙا آهن ۽ ڀولڙي ڪٿان جي! وغيره.“ مون ساڻس ڪم ڪندڙ اسٽاف سان ميٽنگ ڪري سمجهايم ته ”اهي هن جي ڳالهين کي ذاتي طور تي نه وٺن ۽ دل تي نه کڻن، ڇو جو اها هن شخص جي ”ڪنڊيشن“ يا ”حالت“ آهي. جنهن ۾ هن جو ذاتي طور تي ڪو به ڏوهه ناهي“. مطلب ته ائين ان جون سوين اڻوڻندڙ ڳالهيون آهن جيڪي نه چاهيندي به ڏاڍيون ڏکيون لڳن ٿيون ۽ دل کي رنجائين ٿيون. ان ڪلائنٽ کي آئون جڏهن به ڏسندي آهيان ته سوچيندي آهيان ته شڪر آهي جو اهو شخص ڪئناڊا ۾ آهي جو سندس بيماري جهلجي وئي آهي ۽ هتي هن هوم تي قابوءَ ۾ به آهي ته سک ۾ به آهي. اسان جهڙي ڪنهن ملڪ ۾ هجي ها ته اجايو روز پيو جوتا کائي ها، پر مُڙي نه ها، ڇو جو اها ته سندس ذهني بيماري آهي، پر ڪير به سندس اڻ کٽندڙ ڳالهائڻ واري مسئلي کي سمجهي نه سگهي ها ۽ هر ڪو کيس ڌڪاري ها يا سندس اهڙي چريائپ جي ڪري رونشي ۾ ورتل ٻارن جو ميڙ يا هجوم سندس پٺيان هجي ها، جيڪو کيس پٿر هڻي رهيو هجي ها ۽ ڪير به ان ڦٽيل ۽ زخمي ٿيل خانه بدوش، رمتو رول فقير جي پرگهور لهڻ وارو نه هجي ها، يا ٿي سگهي ٿو ته اهڙي قسم جون ڀوائتيون ڀوڳنائون ڀوڳيندي هن وقت تائين ساڻس ڪو نه ڪو هاڃو ٿي چڪو هجي ها. ڇو جو هتي هن ديس ۾ ته چڱن خاصن نارمل انسانن کي ئي زندگيءَ جي زهر کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻو پوي ٿو ته پوءِ زخمي نانگ جهڙين ڳالهين تي ڪير ويهي مٿا ڪُٽ ڪري منجهيل سُٽ سلجهائي ها.

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Saturday, December 12, 2009


مها سنڌو ساگر جيڏي حوصلي واري ماءُ

مها سنڌو ساگر جيڏي حوصلي واري ماءُ
ارمغان فياض

هي واقعو ٻڌائڻ جو مطلب بلڪل به اهو ڪونهي ته مان ان احساس کي نٿي سمجهي سگهان، جيڪو هڪڙي ماءُ کي پنهنجو جوان اولاد وڃائڻ تي ٿي سگهي ٿو. مان پاڻ ماءُ آهيان ۽ اولاد ڇا هوندو آهي ۽ ڪيترو مٺو ٿئي ٿو، اها ڳالهه مان چڱي نموني سمجهان ٿي.

ڪئناڊا ۾ اسان جي هڪڙي ساٿي مينجر جي 21 سالن جي ڌيءَ ڊپريشن ۾ هئڻ سبب آپگهات ڪري ڇڏيو ته اها خبر اسان جي آفيس ۾ به پهتي هئي. اسان سڀ سندس گهر ويون سين ۽ واپس اچي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيوسين ته جنهن جي 21 سالن جي ڌيءَ گذاري چڪي هجي، ان ماءُ لاءِ هاڻي ڏکيو آهي جو آفيس ۾ ڪم تي جلدي واپس اچي سگهي. تنهنڪري ان جيڪڏهن سال تائين جي موڪل جي درخواست ڪئي ته به موڪل منظور ڪبي ته جيئن اها پاڻ کي نئين سِر نوڪري ۽ ڪم لاءِ تيار ڪري سگهي.

خير اسان سندس ڌيءَ جي فيونرل ۾ وياسين، جيڪو 3 ڏينهن کانپوءِ هو. چوٿين ڏينهن تي اسان کي سندس ڊگهي موڪل جي درخواست جي بدران ”ٿينڪس“ جا ڪارڊ مليا ته اسان اهڙي ڏکئي وقت تي سندس مدد ڪئي ۽ پنجين ڏينهن تي اسان جو وات کليل ئي رهجي ويو، جڏهن آپگهات ڪندڙ ڇوڪريءَ جي ماءُ پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ واپس نوڪري جوائن ڪري ڇڏي ۽ گڏوگڏ اهو به اعلان ڪيائين ته اها هڪ اهڙي سوسائٽي ٺاهي رهي آهي، جيڪا سوئيسائيڊ يا آپگهات جا سبب ڄاڻڻ سان گڏوگڏ انهن کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ واري اداري جي طور تي ڪم ڪندي ۽ سندس سوسائٽيءَ جو ڪم هوندو ته اها ان باري ۾ تحقيق ڪري ۽ انهن ماڻهن سان ملي جن ۾ خودڪشيءَ جا امڪان ٿي سگهن ٿا يا جيڪي اڳم خودڪشيءَ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪا آهن.  ان حوالي سان ٻڌايائين ته هن ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فنڊ ريزنگ به شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ٽيم ۾ سماجي ۽ نفسياتي ماهرن کي به شامل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

الله سائين جي هن جهان ۽ بحر بيڪران ۾حياتي کي وک وک تي امتحانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، زندگي آهي ته زندگي سان گڏ ان جا ڀوائتا هاڃا به هلندا رهن ٿا ۽ انهن هاڃن جي آڏو انسان کي ڏسجي ته ڪيڏو نه ڪمزور آهي بلڪه ائين چوان ته هڪ لهر سهي سگهڻ جيترو به ناهي. پر جڏهن انسان پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪري ٿو ته پوءِ اهو رب جي هن ڪائنات ۾ موجود طاقتور کان طاقتور قوتن تي غلبو ماڻي اَشرف الامخلوقات جو درجو حاصل ڪري وٺي ٿو. ڪينيڊينز ڪي آسمان مان لٿل مخلوق ناهن. اهي به اسان وانگر آهن ۽ انهن ۾ خوبيون ۽ خاميون به اسان جهڙيون ئي آهن. پر پوءِ به مان جيڪڏهن اهو چوان ته ڪينيڊينز ڪيترن ئي سماجي روين ۾ اسان کان بهتر ۽ مضبوط  انسان آهن ته شايد غلط نه ٿيندو.  ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه ڪندي مان وڌاءُ کان ڪم وٺندي هجان. هونئن به فڪري اوسر ۽ ذهني ارتقا جي معاملي ۾ مان ڪافي پٺتي آهيان،  تنهنڪري پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ مون کي ڪي مضبوط دليل ڏيڻ نٿا اچن. ائين سمجهو ته اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪينيڊينز اسان کان حوصلي۾ وڌيڪ مضبوط آهن. اهي ڪيترا بهتر انسان آهن، يا نه آهن،  ان حوالي سان منهنجي راءِ غلط به ٿي سگهي ٿي. پر مان ان حوالي سان ڪنهن بحث ۾ نٿي پوڻ چاهيان، ڇو جو هر انسان پنهنجي سمجهه آهر راءِ قائم ڪندو آهي. منهنجي سمجهه جيئن ته ننڍي ۽ محدود آهي. تنهنڪري منهنجي راءِ کي دعويٰ يا سچي حقيقت طور نه وٺڻ گهرجي.  مان ته رڳو اهو ٿي چوان  ته اسان جي آفيس جي ان مينيجر پنهنجي ڌيءَ وڃائڻ جي باوجود به نه رڳو حوصلو نه وڃايو آهي بلڪه هڪ سٺي مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مضبوط به رکيو اچي پئي. ايئن سندس ان لازوال حوصلي کي ڏسي ٻيا به وڌي چڙهي سندس ان ڪم ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهن ۽ سندس قائم ڪيل سوسائٽي کي سپورٽ ڪري رهيا آهن. ائين نه رڳو اها پاڻ مصروف رهي ٿي بلڪه ٻين جي مدد به ڪري ٿي. هونئن به ڪئناڊا ۾ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڪير فوت ٿي وڃي ۽ گهر جا ڀاتي غمگين هجن ته پوءِ اتان جي رواج موجب اهي ويڪيشن وٺي ڪٿان گهمي ڦري نوان سنوان ٿي اچن ٿا يا ڪا فلم ڏسن ٿا يا ٽي وي وغيره تي انٽرٽينمينٽ جا پروگرام ڏسن ٿا. ڇو جو سندن خيال ۾ اهي ڪجهه اهڙا ٽولز آهن جن کان پنهنجي پيارن لاءِ ذهن ۾ پيدا ٿيل غم کي گهٽائڻ لاءِ مدد وٺي سگهجي ٿي.

مان ڪيترو به چوان ته مان اهڙي ڪنهن ماءُ جو غم سمجهي سگهان ٿي، پر شايد مان ان غم کي مڪمل طور تي نٿي سمجهي سگهان، ڇو جو مان پاڻ کي ان جڳهه تي رکي سوچي نه ٿي سگهان. مان پاڻ به جوان ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ اهو ڏک، اهو هنڌ ۽ اها جاءِ اهڙي آهي، جتي مان پاڻ کي رکي نه ٿي سگهان. جيڪڏهن ڪا ماءُ پنهنجي گذاري ويل اولاد جي غم ۾ حوصلو وڃائي چري ٿي وئي آهي ته پوءِ مان اهڙي ماءُ کي الزام نٿي ڏيان. پر پوءِ به جيڪڏهن اسان جي معاشري جي اهڙي ڪنهن ماءُ کي ان حوالي سان ڪو مثبت رستو ۽ صحيح دڳ ڏيکاريو وڃي ته جيئن ٻين مائن جو اولاد محفوظ رهي سگهي ته اهو ان غم کي هڪ مثبت طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جهڙو وڏو ڪم ۽ عمل هوندو. مان وري به چونديس ته چوڻ ۽ لکڻ سولو آهي، پر اولاد جو ڏک برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي. هتي آئون اسان جي معاشري جي ساڃاه رکندڙ فردن کي به عرض ڪنديس ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ته جيئن اهڙيون مائون جيڪي پنهنجي وڃايل اولاد جو غم برداشت نه ڪري سگهڻ سبب چريون ٿي چڪيون آهن انهن کي سندن غم مان نڪرڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي به هن معاشري جون ڪارآمد فرد بڻجي سگهن.

arma_s2007@yahoo.com

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Sunday, December 06, 2009


لاجـــواب

لاجـــواب
ارمغان فياض

ڪافي سال پهرين مون هڪ انگريزي ڪتاب پڙهيو هو. ڪتاب جو نالو ته ياد ڪو نه ٿو اچي پر ليکڪ جو نالو رَسڪن هو. ان ڪتاب ۾ مون کي جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ وڻي هئي اها هئي ان جو هڪڙو جملو ۽ ان جملي کي نه سمجهڻ جي ڪري اسان وٽ اڪثر گهرن ۾ جهيڙا ٿيندا رهن ٿا ۽ ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي. مان رَسڪن جي جنهن جملي جو مٿي ذڪر ڪري آئي آهيان اهو جملو ڪجهه هيئن هو:

”جيڪڏهن اوهان جسماني پورهيو يا فزيڪل ورڪ ڪندئو ته پوءِ اوهان ذهني ڪم يا انٽل ايڪچوئل ورڪ نه ڪري سگهندو. پر جيڪڏهن اوهان ذهني پورهيو ڪريو ٿا ته پوءِ جسماني پورهيو نه ٿي سگهندو.“ مطلب ته جيڪڏهن ڪو پورهيت انسان آهي ۽ پنهنجي پورهئي سان سماج جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ حصو وجهي ٿو ته پوءِ ضروري ناهي ته اهو هڪ سٺو ليکڪ به هجي ۽ پنهنجي انٽل ائڪچوئل پورهئي سان سماج جي بهتري لاءِ به ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي. آئن اسٽائن ذهني پورهيو ڪندڙ انسان هو، تنهنڪري اهو نيون ٿيوريز ۽ فارمولا ڳولهي لهندو هو. پر جيڪڏهن ان کي چئجي ها ته سڄو ڏينهن ڪوڏر ۽ هر هلائي ٻنيءَ ۾ پورهيو ڪر ته ڇا پوءِ اهو شام جو ذهني پورهيو ڪري سگهي ها ۽ ڇا پوءِ اهو ڪائنات، مادي ۽ توانائي جي حوالي سان سندس ازفايت جو نظريو ڏئي سگهي ها؟

منهنجي والد (حليم بروهي) پنهنجي دور  ۾ سٺو لکيو آهي. پر ڇا پوءِ بابا گهر جي ڪمن ڪارين ۾ ۽ ٻين مسئلن ۾ به منهنجي والده (ممي) جو هٿ ونڊائيندو هو؟ ”نه ڪڏهن به نه“ بابا رڳو سگريٽ ڇڪيندو هو ۽ لکندو هو. پر ان جي ڀيٽ ۾ منهنجي ماءُ ڪاليج ۾ پروفيسر هئي، تنهنڪري روز  صبح ساجهر ڪاليج ويندي هئي، واپس ايندي هئي ته گهر جو ڪم ڪار ، رڌپچاءُ، ۽ ٻيا ڪم ڪندي هئي ۽ ٿڪجي سمهي پوندي هئي جو ٻئي ڏينهن وري صبح سوير ڪاليج وڃڻو هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي والده ڪڏهن هڪڙو پيراگراف به ڪو نه لکي سگهي آهي. ائين اسان جي گهر ۾ اڪثر ممي ۽ بابا جو گهر جي پاليسي پڌرنامي تي اتفاق نه ٿي سگهندو هو ۽ ٿئي به ڪيئن ها نيٺ لوهار ۽ سوناري جي ڪم ۾ فرق جو آهي. اهو فرق هوندي مڪمل اتفاق ڪٿان ٿو ٿي سگهي.  بابا ڪڏهن به ڪنهن ڪم ۾ منهنجي والده جو هٿ نه ونڊائيندو هو، ڇو جو  ذهني پورهيو ڪرڻ کانپوءِ بابا ۾ ايتري سگهه ئي نه بچندي هئي جو ڪنهن ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهي ها.  پر منهنجي والده (ممي)، بابا جي ان مسئلي کي سمجهي نه سگهندي هئي ۽ سمجهندي هئي ته بابا کي گهر  جو ڪو اُلڪو ۽ اونو ئي ناهي. ساڳي ئي وقت بابا وري منهنجي والده کي جيڪا ڏينهن رات ڪاليج کان وٺي گهر  ۽ گهر کان وٺي ٻارن جي سڀني مسئلن کي منهن ڏيندي هئي جي باري ۾ سمجهندو هو ته منهنجي والده جي کوپڙي اهڙي اجهاڻيل آهي جو ان جو سوچ ۽ سمجهه سان ڪو سنٻڌ يا لاڳاپو آهي ئي ڪو نه. تنهنڪري ان کي گهاڻي جي ڏاندن وانگر صبح کان شام تائين نوڪري ۽ پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ چوڦير ڦرڻو ئي آهي. پر حقيقت اها آهي ته ممي ئي اسان جي گهر کي اُجاريو ويٺي هئي. ڇو جو بابا جيڪو جملن جي ترڪيب ۽ ترتيب تي سڄو ڏينهن برباد ڪندو هو  ۽ گهر جا مسئلا ۽ معاملا ڏورانهين ڏيهه وانگر بابا جي لاءِ اجنبي بڻيل هوندا هئا، پر ان جي ابتڙ ممي وري ضمير متڪلم جي چڪر ۾ پوڻ جي بدران اسان جي لاءِ هر وقت ڪرڙي ۽ ڏنڀري يعني مڇي ماني جي بندوبست ڪرڻ ۾ لڳي پئي هوندي هئي. بابا کي وري ڪا نئين ڳالهه ذهن ۾ ايندي هئي ته ڄڻڪ فرمان ايندو هو ته اجهو  ٿو مرشد پهچي، پوءِ ته بابا سڀ ڪم ڇڏي سوچ ۽ خيالن جي ڌوڙ مان ڌن ڳولهڻ يا مٽي مان موتي ميڙڻ ۾ لڳي ويندو هو يعني لکڻ ۾ لڳي ويندو هو ته متان پوءِ ڳالهه وسري نه وڃي. ائين پنهنجي لکڻين سان اَنڌن جي ڏيهه ۾ آرسيون وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندو هو. پر جيئن ته تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ۽ ڪنهن تي ڪهل ڪو نه کائيندي آهي، سو ائين بابا جو ادب براءِ ادب، يا جک براءِ جک جي آسري تي جيڪڏهن اسان جو گهر هلي ها ته پوءِ فاقا ڪاٽڻا پون ها. اها ته ممي هئي جو   اسان کي سندس مرڪ ۾ نکار ۽ پنهنجي پيڙا جو پَهو نظر ايندو هو. وقت ۽ زندگيءَ کي معيار ڏيڻ سدائين اجائي ئي هوندي آهي. سو ظاهر آهي ته بابا جو به ڪو ڏوهه نه هو. ڳالهه جو پوتاميل اهو ته ممي ۽ بابا ”تو وٽ ساڀيان، مون وٽ سپنا، مون سان پريت نه ونڊ“ جهڙا ٻه مختلف انسان ۽ فرد هئا. پر زندگي زندگي آهي، ان جو پنهنجو دٻاءُ ٿئي ٿو ۽ هر دٻاءَ جا وري ڏهه دٻاءَ ٿين ٿا، تنهنڪري نرڳڻ ۽ سرڳڻ جهڙن ٻن بلڪل مختلف مڪتب فڪر سان تعلق هئڻ باوجود ممي ۽ بابا چڱو يا لڱو خيرن سان گڏ هلي ويا.

چوڻ جو مقصد هي ته مان جڏهن فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردياڻين کي  پڙهائيندي هُيس ته گهڻيون ڳالهيون انهن جي مٿان ئي گذري وينديون هيون. نه رڳو اهو  بلڪه اهي هوم ورڪ به نه ڪري اينديون هيون. جڏهن مان کانئن پڇندي هوس ته مان توهان کي جيڪو پڙهايان ٿي اهو توهان گهر وڃي نظر مان ڇو نٿيون ڪڍو ته جيئن توهان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته مون کان پڇي سگهو ته چونديون هيون ته گهر وڃي اَٽو ڳوهڻ کانپوءِ ماني پچائڻي هوندي آهي، ٿانوَ ملڻا هوندا آهن، ۽ ائين گهر  جو ٻهاري پوچو ڪرڻ کانپوءِ ايترو وقت ئي نٿو بچي جو ويهي پڙهائي ڪري سگهون. مطلب ته اهڙا ٻار جيڪي پڙهائي سان گڏوگڏ سخت پورهيو به ڪن ٿا اهي اڪثر ڪا سٺي رزلٽ آڻي نه سگهندا آهن.

هتي اها ڳالهه ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو هي آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سٺو شاعر آهي ته پوءِ ضروري ڪونهي ته اهو ماڻهو گهرداري ۽ ٻين ڪمن ۾ به لازمي طور تي سٺو هجي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو جڏهن ڪنهن سٺي شاعر يا شاعره وغيره سان ملندا آهن ته انهن جي شاعري کين موهي ڇڏيندي آهي. پر ضروري ناهي ته انهن جو ٻيو رخ به اهڙو موهيندڙ هجي. مختصر اهو ته ڪنهن به ڳالهه يا مسئلي کي سمجهڻ لاءِ ان جي مختلف رخن ۽ پاسن تي نظر ضرور وجهڻ گهرجي. ڪنهن شئي جي رڳو ظاهري پاسي کي ڏسڻ نه گهرجي. ان حوالي سان مان توهان کي تازو پنهنجي هڪ گوري ساهيڙيءَ جي ڳالهه ٻڌايان ٿي. ”نينسي اڪثر مون کي ٻڌائيندي هئي ته سندس بوائي فرينڊ ڏاڍو زبردست انسان آهي. نه رڳو سينسيبل آهي پر ڏاڍو سافٽ اسپوڪن پڻ آهي. هر سوال جو ان وٽ سٺي کان سٺو لاجواب ڪري ڇڏيندڙ جواب موجود آهي. اصل ۾ اهو نيويارڪ جو آهي. تنهنڪري ڊيٽنگ جي لاءِ ڪڏهن آئون هن وٽ وڃان ٿي ۽ ڪڏهن اهو مون وٽ ٽورانٽو ۾ اچي ٿو. باقي ملاقات فون، ايس ايم ايس ۽ ڪمپيوٽر تي چيٽنگ جي ذريعي ٿئي ٿي.“ بقول نينسيءَ جي ته بوائي فرينڊ سان سندس اهو سلسلو 6 مهينا هليو ۽ نيٺ اها پنهنجي بوائي فرينڊ کان ايڏي ته متاثر ٿي جو ان سان شادي ڪري ڇڏيائين. شادي ٿيڻ کان پوءِ راز کليو ته سندس مڙس ”ماروانا“ جو نشو ڪري ٿو. نشو ملڻ کانپوءِ اهو صفا فرشتو ٿي ويندو آهي ۽ نشو نه ملڻ تي شيطان بڻجي ويندو آهي. آمريڪا ۾ نشو ڏاڍو مهانگو آهي ۽ ڪئناڊا ۾ ان کان به مهانگو ملي ٿو. ڇو جو ڪئناڊا ۾ ڪا غير قانوني شئي اسمگل ڪرڻ ڏکي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو نشي جو عادي آهي ته معنيٰ اهو معاشي حوالي سان ڪڏهن به بهتر نه ٿي سگهندو. ائين نينسيءَ جي سندس بوائي فرينڊ سان شادي جيڪا 6 مهينن جي سلسلي هلڻ کان پوءِ ٿي هئي سا شادي 6 مهينا به نه هلي سگهي. تڏهن ئي ته چون ٿا ته جيڪا شئي جيئن نظر اچي ٿي سا ضروري ناهي ته ائين ئي هجي.

arma_s2007@yahoo.com

Courtesy: Sindhi Daily Ibrat, Thursday, December 03, 2009


Silent Day!

سائلينٽ ڊيَ

ارمغان فياض

جڏهن اسان هتي حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين ته هڪڙو ڪئنيڊين خاندان اسان جي ويجهو رهندو هو. انهن کي ٽي ٻار هئا. پوءِ اسان ڪئناڊا هليا وياسين، هڪ دفعي اهو خاندان ڪئناڊا آيل هو ته اسان سان به ملڻ آيو. ان دوران اسان سڀ گڏجي اتي هڪ شاپنگ مال وياسين. ان خاندان جي ٻارن جون عمريون پنج، ست، ۽ ڏهه سال هيون. بازار ۾ هنن جا ٻار ڪنهن ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي پيا. ٻارن جي اها حرڪت ڏسي سندن والد کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. ان دوران جڏهن ٻارن جو پاڻ ۾ جهيڙو وڌي ويو ته ٻارن جي والد انهن تي هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس زال يڪدم کيس چيو ته نه ائين نه ڪجئين! هي پاڪستان ڪونهي، ڪٿي تنهنجي ائين ڪرڻ تي پوليس نه جهلي وٺي ۽ ماڳهين مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. اها ڳالهه ٻڌي ٻارن جي پيءُ کي ڳالهه ياد آئي ته اهو پاڪستان ۾ نه پر ڪئناڊا ۾ آهي. پنهنجي غلطيءَ تي پريشان ٿيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته ڪٿي ڪنهن ڏٺو ته ڪو نه. مون ۽ فياض به کيس چيو ته خير آهي، ٻار آهن ائين ٿيندو رهندو آهي. اصل ۾ ان انگريز خاندان سان مسئلو اهو هو جو گهڻو عرصو هتي سنڌ ۾ رهڻ سبب هنن کي هتان جو عادتون پئجي چڪيون هيون ۽ انهن کي هر هر اها ڳالهه وسري ٿي وئي ته اهي ڪي ڪئناڊا آيل آهن.

هونئن به ڏسون ته اسان وٽ ٻارن کي مارڻ بلڪه آزاديءَ سان مارڻ هڪڙي ڏاڍي غلط عادت آهي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو ٻارن جي عزت خراب ٿئي ٿي بلڪه ٻارن لاءِ هي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن انهن جي شخصيت ٺهي رهي هوندي آهي. پر ٻارن کي مارڻ سان انهن جي ”سيلف ايٽيم لَو“  ٿي وڃي ٿي ۽ اڳتي هلي انهن جي ڀرپور ۽ پُر اعتماد شخصيت ٺهڻ جو عمل رڪجي وڃي ٿو. خاص طور ته اسان جي اسڪولن ۾ ٻارن جي جيئن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي بي عزتي ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻارن کي سخت مار ڏني وڃي ٿي، ان جي ته انتها ئي ڪانهي. بلڪه مان ته چونديس ته نه رڳو اسان جون جيلون ۽ ٿاڻا، پر اسان جا سرڪاري اسڪول به هڪ قسم جا ٽارچر سيل آهن. سوچيون ته پوءِ ڪيئن نه ماءُ پيءُ جو پنهنجي  ٻارن ۾ ساهه پيل هوندو  آهي ۽ اهي ڪيئن نه وڏين اميدن سان ٻارن کي اسڪول موڪلين ٿا. پر اسڪولن ۾ وري ماستر ۽ ماستراڻيون  ٻارن کي پڙهائڻ بدران رڳو موچڙا هڻن ٿا يا هڻن ٿيون. منهنجو سهرو فقير سائين مرحوم ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. سندس اولاد مان ڪنهن جي به گهر ۾ ٻار ڄمندو هو ته سڀني کان پهرين منهنجو سهرو مرحوم پهچندو هو. ۽ چوندو هو ته ٻار پالڻ ايئن آهي، جيئن مکڻ جي شِيخَ پچائڻ. مطلب ته اهي مائٽ جيڪي ٻارن کي ايڏي پيار مان اسڪولن ڏانهن ڪجهه پرائڻ لاءِ موڪلين ٿا پر اهڙن اسڪولن ۾ ٻارَ ڪيئن ڪجهه پرائيندا، جتي کين عزت ۽ علم ملڻ بدرآن ٽارچرن کي منهن ڏيڻو پوي.

ان جي ڀيٽ ۾ ڪئناڊا ۾ ٻار خوشي خوشي اسڪول وڃن ٿا ۽ خوشي خوشي موٽي اچن ٿا. شروع شروع ۾ مان ڏاڍي حيران ٿيندي هُيس ته اتي ڪئناڊا ۾ ٻار نيٺ اسڪول وڃڻ لاءِ ايترو زور ڇو ٿا ڀرين ۽ ايترو خوش ڇو ٿا ٿين. شايد مان ۽ مون جهڙو نسل جيڪو هتي سنڌ جي اسڪولن ۾ ماسترن ۽ ماسترياڻين جي هٿان چچرجي وڏو ٿيو آهي، ان نسل لاءِ ”اسڪول ۽ خوشي“ ڪيئن هڪڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. خير جيئن جيئن مون کي ڪئناڊا جو سسٽم سمجهه ۾اچي رهيو آهي، تيئن تيئن منهنجي خوشي ۽ ڏک ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. خوشي هن ڳالهه جي آهي ته شڪر آهي جو منهنجا ٻار ڪئناڊا جي صاف سٿري ۽ پُرامن ماحول ۾ رهن ٿا، ۽ اتان جي اسڪولن ۾ بهترين کان بهترين تعليم پرائي رهيا آهن ۽ ڏک پنهنجي ڀاڳن ڀري سنڌ جي انهن گلن جهڙن معصوم ٻارن جو ٿئي ٿو، جيڪي بکايل اسڪول وڃن ٿا ۽ اسڪولن ۾ رڳو مارون کائين ٿا. مان پاڻ ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهي آهيان، پر نوڪري سرڪاري اسڪول ۾ ڪئي آهي ، جنهن منهنجا چوڏانهن ئي طبق روشن ڪري ڇڏيا هئا. ڳالهه اها ڪونهي ته مونکي اُتي ڪئناڊا پهچڻ کانپوءِ اسان جي غريب ۽ معصوم ٻارن جو احساس ٿي رهيو آهي. نه اها ڳالهه بلڪل ڪو نه آهي. بلڪ مان جڏهن هتي هوندي هُيس ۽ ٻارن کي پڙهائيندي هُيس، تڏهن به مونکي اهو احساس  هو،  تڏهن ئي ته مان انهن ٽيچرن جون دشمنيون کڻندي هُيس، جيڪي ٻارن کي مارينديون هيون. پر ڪئناڊا پهچڻ کانپوءِ اهو احساس وڌي وڻ ٿي ويو آهي ته نيٺ ڇا ٿيندو؟ ڪڏهن ٿيندو؟ ۽ ڪيئن ٿيندو؟ ۽ نيٺ اسان کي ڪڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته اسان جا ٻار ڇو روئيندا اسڪول وڃن ٿا؟ هونئن ته اها ذميواري ايجوڪيشن منسٽر کان تعيلم جي سيڪريٽري تائين، مائٽن ۽ ٽيچرن کان وٺي هيڊمسٽريس تائين، سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ان ڳالهه کي هر حال ۾ يقيني ٺاهين ته جيئن ستارن جي سيج جهڙين اسان جي نياڻين ۽ ٽمڪنڊڙ تارن جهڙن اسان جي ٻارن تي اسڪولن ۾ تشدد ڪنهن به حالت نه ٿي سگهي. پر جتي هيڊ ماسترياڻيون پنهنجون تعريفون ٻڌڻ لاءِ چار چمچيون هر وقت پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ويٺيون هجن ۽ سڄو وقت سموسا، پڪوڙا ۽ فالودا کائڻ ۾ لڳائي ڇڏينديون هجن ته پوءَ اهڙي صورتحال ۾ اسڪولن جو ماحول تعليم دوست ٿئي ته نيٺ ڪيئن ٿئي، اصل ڳالهه هي آهي ته اسان وٽ ڪير به ڪنهن جو احساس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هتي توهان کي منهنجي ننڍڙيءَ جي حوالي سان هڪ واقعو ٻڌايان ٿي. منهنجي ننڍڙيءَ مونکي ٻڌايو ته “جڏهن سندس انگريز ساهڙين کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته منهنجو ڀاءُ ڊيف (ڪنن کان ٻڌي نٿو) آهي ته انهن جي ذريعي اها ڳالهه سندس ڪلاس ٽيچر کي پئي ته سندس ڪلاس ٽيچر  اعلان ڪيو ته سڀاڻي اسين ”سائلينٽ ڊي“ ملهائينداسين ۽ سڀاڻي  ڪلاس ۾ ڪير به نه ڳالهائيندو ۽ جنهن کي به هڪٻئي سان ڪميونيڪيٽ ڪرڻو آهي اها سائن لينگويج (اشارن جي زبان) ۾ رابطو ڪري يا وري لکڻ جي ذريعي  ڪميونيڪيٽ ڪري. ائين  ”سائلينٽ ڊي“ جي اسائنمينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ سندس ٽيچر مارڪون به مقرر ڪري ڇڏيون ته جيڪا به ان ”سائلينٽ ڊي“ جي پارٽيسپيشن ۾ سٺي پرفارمنس ڏيکاريندي، ان کي ان حساب سان اوتريون مارڪون ملنديون. ٻئي ڏينهن واقعي ائين ئي ٿيو. توڻي جو اها اسائنمينٽ صرف منهنجي ڌيءَ جي ڪلاس لاءِ هئي، پر منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته ان ڏينهن ڄڻڪ سڄي اسڪول ۾ ئي ماٺ لڳي پئي هئي. سڄي ڏينهن ۾ مختلف سبجيڪٽن پڙهائڻ لاءِ جيڪي به ٽيچرون آيون اهي به ڪوشش ڪري سائن لينگويج ۾ ڪميونيڪيٽ ڪري رهيون هيون يا رابطو ڪرڻ لاءِ لکڻ جو ذريعو استعمال ڪري رهيون هيون يا منهنجي ڌيءَ کان ڪهڙي شئي لاءِ ڪهڙو اشارو آهي لاءِ مدد وٺي رهيون هيون. ائين ان ڏينهن اسڪول جا ٻار منهنجي ڌيءَ کان سڄو ڏينهن سائن لينگويج سکندا رهيا هئا. منهنجي ڌيءَ جي ڪلاس ٽيچر طرفان ٻارن کي اها اسائنمينٽ ڏيڻ جو اصل ۾ مقصد اهو ته جيئن سڀني کي احساس ٿئي ته ”ڊيف“ ٿيڻ ڇا آهي“  نه رڳو اهو پر اسان جنهن شهر ۾ رهون ٿا ان شهر جي ڀِڪَ ۾ هڪ ٻيو شهر ملٽن آهي. چون ٿا ته ملٽن آنٽاريو نه رڳو سڄي ڪئناڊا  بلڪ سڄي دنيا ۾ ”ڊيف فرينڊلي“ شهر مڃيو وڃي ٿو. ان شهر ۾ اڪثر توهان کي ماڻهو سائن لينگويج ۾ ڳالهائيندا  نظر آيندا. لڳندو ائين ته اهي ڪي ٻوڙا آهن جو پاڻ ۾ اشارن جي زبان ۾ ڳالهائي رهيا آهن، پر پوءِ خبر پوندي ته نه سائين اهي ٻئي ڪنن کان ته ٻڌن ٿا پر سائن لينگويج ۾ ڪميونيڪيٽ ڪرڻ سندن جذبو يا شوق آهي. ڇو ته سندن خيال ۾ سائن لينگويج هڪ اهڙي يونيورسل ٻولي يا اِسڪل (مهارت) آهي جو اها جنهن کي به اچي ٿي اهو دنيا جي ڪهڙي به خطي يا ملڪ ۾ ويندو ته ان کي اتي ڪا به ڏکيائي پيش نه ايندي. مطلب ته ملٽن شهر ۾ ڪهڙي به اسٽور وغيره تي ڪير به اشارن جي زبان ۾ ڪا شئي گهرندو ته گهڻو ڪري سرخي پائوڊر لڳل حسينا مان  اها ئي اميد هوندي آهي ته اها ان اشاري کي سمجهي ويندي. هتي شايد سرخي پائوڊر واري قصي ۾ مان ”پائوڊر“ واري ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪري وئي آهيان. ڇو جو اهي گوريون آهن جو انهن کي پائوڊر لڳائڻ جي ضرورت ئي ناهي. چوڻ جو مقصد هي ته اتان جو شهر ملٽن ”ڊيف فرينڊلي“ ان ڪري آهي. ڇو جو اُتي ٻوڙن ٻارن جو اسڪول آهي. مطلب ته اتان جا تعليمي ادارا اهڙا آهن جو اهي پنهنجي ڳوٺن، شهرن ۽ ڀرپاسي جي علائقي ته مثبت اثر وجهن ٿا. ان حوالي سان ڳالهيون ته ٻيون به گهڻيون آهن، پر رڳو هڪڙي ڳالهه ٻي ٻڌائي هن ڪالم کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي. اها هيءَ  ته اتي ڪئناڊا ۾ هر هڪ کي فون ۾ اها سهولت به مليل آهي ته ڪير به ”بيل رِليَ“ سروس جي ذريعي  ڪنهن به ڊيف شخص سان، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ وارو شخص آرام سان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ڪو به ڳالهائڻ وارو شخص فون جي ذريعي ڊيف ماڻهو سان سولائي سان رابطو ڪري سگهي ٿو. ڇو جو ان سروس تحت جيڪڏهن ڪير به ڳالهائي ٿو ته اهو ٻئي پاسي ڊيف شخص وٽ لکجي اچجڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو وڃي ٿو ۽ هن پاسي کان ڊيف شخص جيڪو به ڪجهه لکي ٿو ته اهو وري آواز جي صورت ۾ٻڌڻ واري شخص کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ائين اتي ڪميونيڪيشن ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئڻ سبب اتان جا ڊيف شهري به ٻين ڪينيڊينز وانگر سٺي ۽ ڀرپور زندگي گذارين ٿا. هاڻي پنهنجي اصل ڳالهه يعني اسان جي اسڪولن ۾ معصوم ٻارن تي ٿيندڙ تشدد واري ڳالهه ڏانهن موٽان ٿي ته ڪيئن نه هيڊماسترياڻيون  پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ڪوتاهيون ڪن ٿيون  ۽ ڪيئن نه ٽيچرون ننڍڙن ننڍڙن ٻارن سان جٺيون ڪن ٿيون. اهو مسئلو حل ڪيئن ٿيندو؟  ان سوال جو جواب مون وٽ ناهي. رڳو اهو ئي ته الله سائين کين ساڃهه ڏيئي ته اهي وڏيون وڏيون پگهارون کڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ڏانهن به توجهه ڏين.

Courtesy: Daily Ibrat, Wednesday, November 25, 2009


تمنا درد دل جي اٿئي ته ڪر ڪچهري فقيرن سان

تمنا درد دل جي اٿئي ته ڪر ڪچهري فقيرن سان

ارمغان فياض

منهنجا ماشاءَ الله سان 7 ڏير آهن ۽ انهن مان 3 جي شادين ۾ آئون اهم ڪردار ادا ڪري چڪي آهيان. يعني ڇوڪِري ڏسڻ، ڇوڪريءَ جي مائٽن سان رابطي ۾ رهڻ، مڱڻي، ميندي ۽ شاديءَ جي تاريخ طئي ڪرڻ ۽ پوءِ شاديءَ کي خير خوبي سان پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻ. ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ آئون پنهنجي لاءِ اعزاز کان گهٽ نه سمجهندي هُيس. ڇو جو مون کي ان ڳالهه تي فخر  محسوس ٿئي ٿو ته ٻيا مون تي ايترو اعتبار ڪن ٿا ۽ مون کي ايڏي اهميت ڏين ٿا، پر ان سان گڏوگڏ اها به حقيقت آهي ته اهي سڀ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن انورٽيڊ ڪاماز ۾ بيان ڪيان ته پوءِ  مونکي ان لاءِ ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي هئي، بلڪ ائين چوان ته ان ڪم ۾ مونکي تمام گهڻي“ ڇيڻا ڀور” ڪرڻي پئي هئي ته غلط نه ٿيندو. رشتو  گهرڻ وڃو ته پهريون سوال اهو ٿيندو هو ته ڇوڪرَ کي سرڪاري نوڪري آهي! مان چوندي هُيس ته فرض ڪريو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سرڪاري نوڪريون نه هجن ته پوءِ  اسان ٻارن کي سڄي حياتي ويهاري ڇڏينداسين ڇا؟ ڇا اهو ڪافي ناهي ته ڇوڪرو پڙهيل لکيل آهي، فضيلت وارو آهي، محنتي آهي ۽ پنهنجو ڌندو ڌاڙي يا بزنس ڪري ٿو. هٿ پير هڻي ٿو، نڀاڳو بلڪل ڪو نه آهي بلڪه  همٿ وارو آهي. ڇا ، اهو ڪافي ناهي؟ منهنجي ان جواب تي ڇوڪِريءَ وارا لاجواب ٿيڻ کانپوءِ چوندا هئا ته ٺيڪ آهي اسان  پاڻ ۾َ (مامن، چاچن، ماسين ۽ پڦين  وغيره) سان مشورو ڪري پوءِ توهان کي ٻڌائينداسين. هلو ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته نياڻيءَ جا مائٽ آهن، ضرور پڇاڳاڇا ۽ صلاح مشورو ڪندا. ٻه مهينا انتظار کانپوءِ نيٺ مون فون ڪئي ته ڀلا ڇا سوچيو اَٿو؟ ته چيائون ته ”ها ها اچو اکين تي“ اسان وياسين ته چيائون ته اسان کي خبر پئي آهي ته ڇوڪرو ڏاڍو صالح ۽ سٺو آهي. اسان راضي آهيون. پر ڇوڪريءَ جي هڪڙي ماسي عيد تي اچي رهي آهي، تنهنڪري ان جو مشورو وٺي پوءِ جواب ڏينداسين. عيد  اچڻ ۾ اڃا ٻه مهينا هئا. پر خير اسين واپس اچي وياسين.  عيد تي ڇوڪريءَ وارا اسان وٽ ڇوڪري سان ملڻ آيا ۽ خوشقسمتيءَ سان مطمئن ٿي ويا ۽ چئي ويا ته هاڻي اسين پاڻ ۾صلاح ڪري توهان کي جواب ڏينداسين. ائين وري مهينو گذري ويو  پر نه“ ها ”پيا چون ۽ نه وري“ نه” پيا چون. مون وري فون ڪئي ته ڳالهه وري نئين سِر شروع ڪيائون. چيائون ته اوهان ڇوڪري کي وٺي اچو اسان جا ڪجهه مائٽ ڇوڪري کي ڏسڻ چاهين ٿا ۽ ملڻ چاهين ٿا. مطلب ته رڳو “ها” ٿيڻ ۾ ئي سال لڳي ويو هو ۽ شادي ٿيڻ تائين ٻن سالن کان مٿي لڳي ويا هئا. اڃا ته شڪر ٿيو جو ان وچم ڇوڪريءَ وارن جي ڪا پوڙهي ڏاڏي يا ناني نه گذري وئي نه ته سال ٻيو به هليو وڃي ها. اسان ته وري به ڇوڪر وارا هئاسين. فرض ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن جون  7 جوان نياڻيون آهن ته پوءِ ته اسين جيڪي رڳو “ها” ۽ “نه” ڪرڻ جي پروسيس ۾ سال کان مٿي ٿا لڳائي ڇڏيون ته پوءِ ته باقي نياڻيون ته  ويٺي ويٺي ئي پوڙهيون ٿي وينديون. منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي ته اهڙن موقعن تي ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ وارا ڀلي پڇا ڳاڇا ۽ صلاح مشورا ڪن. پر ان سان گڏوگڏ انهن کي قيمتي وقت جو به احساس ضرور ڪرڻ گهرجي.

اسان جي اسڪول ۾ هڪڙي ويچاري ٽيچر هئي. اڳم ئي 34 سالن هئي جي هئي ۽ ٻن سالن کان وي سي يا ڪاميٽي وجهي ويٺي هئي. چوندي هئي ته ٻن سالن کانپوءِ منهنجي وي سي کلندي، ته پوءِ ڏاج ٺهندو ته شادي ٿيندي. سندس ان ڳالهه جي به 6 سالن کان پوءِ جڏهن اسان ڪئناڊا وڃڻ وارا هئاسين ته سندس شاديءَ جو ڪارڊ مليو هو ته  مان حير ت ۾ پئجي وئي هُيس. خوشي به ٿي رهي هئي ته ڏک به ٿي رهيو هو ته هن ويچاريءَ جي جواني ڳارڻ کان پوءِ هاڻي مس وڃي 40 سالن جي عمر  ۾شادي پئي ٿئي. مطلب اهو ته اسان وٽ اجايا رواج ۽ رسمون ايتريون آهن جو ڇا ڳالهه ڪجي. ڪٿي ڏاج جون رسمون، ته ڪٿي نياڻيون وڪڻڻ جي رسمن ۾ ئي نياڻين جون عمرون ڳري وڃن ٿيون. اسان وٽ جو هي چون ٿا ته آفيسرشاهي ڪنهن جو ڪو ڪم نٿي ڪري، هر ڪم ۾ جائز ناجائز رڪاوٽ وجهي ٿي، ڪم کي لٽڪائي ڇڏي ٿي پر ڪم کي اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي ته پوءِ مان ڏاڍي معذرت سان چونديس  ته اهو حال رڳو اسان جي آفيسر شاهيءَ جو ڪونهي، پر اهو حال اسان جي هر گهر جو آهي. شايد اهو اسان جو قومي مزاج آهي ته ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالهه ۾ به ايترا ته مسئلا پيدا ڪيو ۽ دير ڪيو جو ان ڪم جو ڪارج ئي ختم ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي به ان جو فائدو نه ٿئي. چوڻ جو مقصد هي ته مون کي منهنجي ڏيرن جي شادين ڪرائڻ ۾ جيتري محنت ڪرڻي پئي، جيترو وقت ڏيڻو پيو ۽ جيترين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو هو اوتريون رڪاوٽون ته شايد قائد اعظم کي به پاڪستان ٺاهڻ لاءِ  پيش نه آيون هونديون.

توڙي جو قصو پراڻو آهي، پر مون کي اڄ به ياد آهي ته منهنجي رشتي جون جڏهن ڳالهيون هلي رهيون هيون ته منهنجي بابا (حليم بروهي) وٽ منهنجو سهرو، فياض جو وڏو ڀاءُ ادا محبوب، فياض جو چاچو ڊاڪٽر عالم۽ فياض ويٺا هئا. مان ٻئي ڪمري ۾ هُيس، پر سڀ ڳالهيون ٻڌي رهي هُيس. منهنجي بابا فياض وارن کان پڇيو ته پوءِ توهان ڇا ٿا چئو ته فياض جي والد يعني منهنجي سهري فقير سائين مرحوم بابا کي چيو هو ته سائين جيڪڏهن اوهان جي گهر ۾ اوهان جي نياڻي کان به ڪا وڌيڪ قيمتي شئي آهي ته اها اسان کي ڏيو. يعني توهان پنهنجي نياڻي اسان کي ڏيو پيا ته ان کان وڌيڪ اسان کي ڪجهه به نه کپي. ڇو جو توهان پنهنجي سڀني کان قيمتي شئي ته اسان کي ڏئي ڇڏي، ان کان وڌيڪ هاڻي توهان وٽ ڇا بچيو آهي جو اسان کي ڏيندئو. ائين فياض وارن منهنجي مائٽن کي بلڪل صاف ٻڌايو  هو ته اهي ڏاج جي رسم جي خلاف آهن ۽ کين ڪجهه به نه کپي. فياض وارن جي وڃڻ کانپوءِ منهنجا مائٽ پريشان ٿي ويا هئا ته هي عجيب ماڻهو آهن، جيڪي ڏاج جي خلاف آهن. پر اسان جي سماج جون رسمون ايڏيون ته مضبوط آهن جو منهنجي مائٽن زوريءَ ڏاج ڏنو هو ته سڀاڻي ڪير مهڻو نه ڏيئي ته نياڻي کي ڪجهه به نه ڏنن يا اهڙي قسم جون ٻيون ڪي ڳالهيون نه ٿين. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي نياڻيون آهن ته ان جي معنيٰ ته جهڙوڪر انهن جو ڏوهه ٿيو. ظاهر آهي ته اسان جو سماج طبقاتي سماج آهي، جنهن ۾ غريبن ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي اڪثريت آهي يعني انهن جي آمدني پوري پُني آهي ته پوءِ نياڻين جي شادين جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ يا جيڪڏهن ڪنهن نوجوان وٽ سرڪاري نوڪري ناهي ته پوءِ ڇا ان کي شادي ڪرڻ جو حق ناهي؟ يا جيڪڏهن نياڻيءَ وارا ڏاج ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن ته ڇا انهن نياڻين جي شادي نه ٿيڻ گهرجي؟ يا جن قبيلن ۾ اها رسم آهي ته نياڻيءَ جي عيوض هڪ وڏي رقم ڏڻي پوي ٿي ته پوءِ جن ڇوڪري وارن وٽ اها رقم ڏيڻ جي سگهه ناهي ته پوءِ ڇا ان فضول رسم جي ڪري ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي ويهاري ڇڏيون. يا شادين تي وڏا خرچ ڪرڻ جو آخر فائدو ڪهڙو آهي. ڇا اهو بهتر ناهي ته شاديءَ جي فضول رسمن تي لک لٽائڻ کان پاسو ڪندي، اهي پئسا ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي ڏجن ته جيئن انهن کي پنهنجو نئون مستقبل شروع ڪرڻ ۾ مدد ملي يا نئون مستقبل شروع ٿيڻ کان پهرين ئي انهن کي ڪنگال ڪري ڇڏجي. هتي هڪڙو عرض ڪندي هلان  ته مان ڪا عظيم دانشور ڪو نه آهيان ۽ نه ئي منهنجي ڪا عظيم فلاسافرن جيتري ايپروچ آهي جو  وڏيون وڏيون ڳالهيون لکي سگهان. مان پنهنجي اردگرد جيڪو ڪجهه ڏسان ٿي انهن ڳالهين جي باري ۾ ئي لکان ٿي. هي ڳالهيون توڙي جو ڏاڍيون ساديون ۽ عام رواجي آهن،  پر انهن ڳالهين سان اسان سڀني جو  واسطو پوي ٿو ۽ اهي اسان جي زندگين تي اثر انداز ٿين ٿيون. مختصر اهو ته اسان جون اهي فضول رسمون ئي آهن، جنهن جي ڪري معاشري ۾ آئي ڏينهن ڪو نه ڪو مسئلو پيدا ٿيندو رهي ٿو. جيڪڏهن  اسين چاهيون ته سٺا ۽ بهتر ٽرينڊ سيٽ ڪري سگهون. ان حوالي اسان جا ليڊر اهم رول ۽ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڇو جو ليڊر اُتساهه پيدا ڪندا آهن ۽ اُتساهه عمل انگيز طور ڪم ڪري ٿو. پر جيئن ته اسان وٽ ليڊرشپ جي سوچ اڃا تائين ڀوتارن واري آهي. تنهنڪري انهن مان اها اميد ڪجي ته اهي پنهنجي زندگين ۾ سادگي اختيار ڪندا ته جيئن انهن کي ڏسي ٻيا به پنهنجي زندگين ۾ سادگي اختيار ڪن اهو ته في الحال ٿيندي نظر ڪو نه ٿو اچي. توڙي جي اهي رسمون ڪي  اَڪ ماکي لاهڻ ناهن  جو سولائي سان اسان جي معاشري مان ڪڍي  سگهجن. پر  ڪٿان نه ڪٿان ته شروعات ڪرڻي پوندي. مان ته هونئن به ان سوچ جي آهيان ته ڪنهن به ڳالهه جي شروعات سدائين پنهنجو پاڻ کان ئي ڪرڻ گهرجي. رڳو وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون، صدائون هڻون، پر پاڻ نه پتوڙيون ۽ پاڻ اوسر نه ڪيون ته پوءِ ڳالهه “لکي لکاڏنون، پڙهي الله ڏنو” واري ڳالهه ٿيندي.

تمنا درد دل جي اٿئي ته ڪر ڪچهري فقيرن سان،

نه ملندو اهڙو گوهر اميرن جي خزاني ۾.

arma_s2007@yahoo.com

Courtesy: Daily Ibrat, Sunday, Nov. 22, 2009


اندر جي عدالت

اندر جي عدالت

ارمغان فياض

آرسي وڏي ڪم جي شئي آهي. ننڍڙن ٻارن کي به خبر آهي ته آرسي ڇا آهي. هونئن ته هر گهر ۾ گهڻيون ئي آرسيون ٿي سگهن ٿيون. پر جيڪو ڪم واش روم يا غسل خاني جي آرسي ڏئي ٿي اهو ڪم ٻي ڪنهن آرسيءَ کان وٺي نٿو سگهجي. ڇو جو واش روم جي آرسيءَ ۾ ڏسڻ مهل اڪيلو هئڻ سبب دماغ گهڻو ڪري ڍرو يا ريليڪس هوندو آهي. ان مهل ڪو به انسان پنهنجي منهن مهانڊي کي ڏاڍي سڪون ۽ اطمينان سان ڏسي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي سگهي ٿو ۽ سوچي سگهي ٿو ته مان پاڻ ڇا آهيان؟ منهنجي ڪهڙي سوچ آهي ۽  ائين اندر جو عڪس پنهنجو پاڻ ئي  منهن تي تري اچي ٿو. جيڪڏهن اسان ڪنهن کي ڏکويو آهي ته اهو به اسان جي چهري تي نظر ايندو ۽ جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ۽ ڪا نيڪي ڪئي آهي ته ان جي روشني، چمڪ ۽ نور به منهن تي صاف نظر ايندو. مطلب ته واش روم ۾ماڻهو پنهنجي عدالت لڳائي دل کان پڇي سگهي ٿو ته مان ڇا آهيان.

بيڊ روم ۾ موجود آرسي ۾ هر عورت پنهنجو حُسن ڳولڻ  جي ڪوشش ڪندي آهي. تنهنڪري بيڊ روم مان نڪرڻ کان پهرين اڪثر عورتون  ڊريسنگ ٽيبل ۾ لڳل آئيني تي هڪڙي نظر وجهي پوءِ ٻاهر اينديون آهن. پر هن وقت مان جنهن آرسيءَ جي ڳالهه ڪري رهي آهيان، اها آرسي، اها آهي جيڪا اسين رڳو ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ تيار پيا ڦرندا آهيون. اها آرسي توڙي جو نظر ڪو نه ٿي اچي، پر هر وقت اسان جي کيسي ۾ هوندي آهي، جنهن کي اسين ٻين کي ڏيکارڻ لاءَ استعمال ڪندا آهيون. جيئن ئي اسان کي ڪنهن جي ڳالهه نه وڻي يا ڪير اسان جي سوچ يا راءِ سان اختلاف ڪري ٿو ته پوءِ اسان خار کائي يڪدم اها آرسي ٻئي کي ڏيکاري پاڻ کي خوش ڪندا آهيون ۽ سمجهندا آهيون ته فلاڻي کي صفا پڌرو ڪري ڇڏيم پر اسان جي اها خوشي رڳو ان وقت تائين هلي ٿي، جيستائين اسان کي ٻيو ڪير پڌرو نٿو ڪري. مطلب ته جنهن جو جيترو وارو ۽ داءُ لڳي ٿو اهو اوترو ٻين کي آرسي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

پر ان جي ابتڙ ڪئناڊا ۾ پهريون سبق ئي اهو ملي ٿو ته پاڻ کي سدائين ٻين جي جڳهه تي رکي ڏسو. معنيٰ ته ڪنهن جي “عزت افزائي” ڪرڻ کان پهرين اهو ضرور سوچيو ته جيڪڏهن مان ان جي جڳهه تي هجان ها ته ڪيئن محسوس ڪريان ها. پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جڳهه تي رکي ڏسڻ جا ٻه فائدا ٿي سگهن ٿا. هڪ ته جيڪڏهن ڪو  اڻبڻت پسند ۽ اذيت پهچائيندڙ انسان آهي ته اهو پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جڳهه تي رکي سوچڻ کان پوءِ ضرور هڪ بهتر انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. پر جيڪڏهن ڪو اڳم ئي سٺو انسان آهي ۽ کيس ڪنهن ڳالهه جو اندازو ناهي ته پوءِ اهو پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جاءِ تي رکي سوچڻ کان پوءِ  ٻئي جو صحيح اندازو لڳائي سگهي ٿو ۽ اڃا وڌيڪ بهتر انسان بڻجي سگهي ٿو. مثال طور ڪنهن بيمار ، مجبور ، تڪليف ۾ ورتل ۽ معذور جي جڳهه تي پاڻ کي رکي سوچڻ سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مان ان جاءِ تي هجان ها ته ڪيئن جيئان ها جو احساس ايندي ئي ماڻهو جو رويو نرم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻئي جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ائين جيڪڏهن هٿ هٿن سان ملندا وڃن ۽ ڏيئا ڏيئن مان ٻرندا وڃن ته سوچيو ته اسين ڇا مان ڇا نٿا ڪري سگهون. الله سائين ته هن دنيا جو هر علائقو ئي ڪئناڊا جهڙو خوبصورت ٺاهيو آهي. ڌڻيءَ جي مهر سان اسان جي ڌرتيءَ تي ته سج به صبح ساجهر کان ئي چمڪڻ شروع ڪري ٿو ۽ پنهنجا سون جهڙا قيمتي ڪِرڻا سنڌ جي سڳنڌ جهڙي سرزمين تي تونگر وانگر ٻارهو ئي نڇاور ڪندو رهي ٿو. اهي ته اسين پاڻ آهيون جيڪي گلابن جو قتل عام ڪريون ٿا ۽ هن ڌرتيءَ کي جهنم بڻايون ٿا. وقت اسان جو ويري ناهي، جيڪڏهن  اسين پنهنجا پاڻ ويري نه ٿيون. سياست کي عبادت سمجهون، تدبر سان پاليسيون ٺاهيون ۽ رڳو پنهنجي مفاد  لاءِ نه، پر سڀني جي بهتري لاءِ سوچيون، غفلت ڇڏيون ۽ متوازن ٿيون، فرض شناس ٿيون ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جا محافظ ٿيون ته پوءِ  اسين به پنهنجي ڌرتيءَ کي ڪئناڊا جهڙو خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پکڙيندڙ ملڪ ٺاهي سگهون ٿا. ڪنهن کي يقين هجي نه هجي، پر مونکي مهراڻ جي ماروئڙن تي پورو يقين آهي ته ايندڙ  وقت اسان جو آهي. رڳو اسين  گوٿناٿ ۽ ٽارو ڇڏيون ۽ پاڇولن پويان ڊوڙڻ بدران پنهنجي اندر ۾ ٺاهيل ديوارن کي ڊاهي اڳتي وڌڻ جو سوچيون ته پوءِ سنڌ جي سونهن پنهنجو پاڻ ئي اسان کي موهيندي وينديِ  ۽  اسان کي خبر پوندي ته هيءَ سرزمين ڪئناڊا کان وڌيڪ زرخيز آهي. “انڌيون پيون رليون سبنديون ۽ رئيس پيا سمهندا” جي بدرآن اسين پنهنجو پاڻ کي انڌين جي جاءِ تي رکڻ سکي وٺون  ۽ ٻين کي آرسي ڏيکارڻ بدرآن پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ سکي وٺون ته پوءِ اسان کي محسوس ٿيندو ته هي اسان جو ديس ئي اصل ۾ اسان جو مُشڪل ڪُشا آهي ۽ پوءِ اسان کي ويزائن لاءِ در در جا ڌڪا کائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ان لاءِ رڳو هڪ دفعو پنهنجي اندر جي عدالت لڳائي فيصلو وٺڻ جي ضرورت آهي.

arma_s2007@yahoo.com

Courtesy: Daily Ibrat, Tuesday, November, 17, 2009


Follow

Get every new post delivered to your Inbox.